سنڌ ڌرتي هميشه کان محبت، علم،تهذيب ۽ امن جو گهوارو رهي آهي.هي اهو خطو آهي جتي هزارين ورهين کان انساني تهذيب جا نقش ملن ٿا،جتي موئن جو دڙو انسانيت کي سنديس ڏئي ٿو ته سنڌي سماج هميشه روشن دماغ،هنر دوست ۽ محبت پرور رهيو آهي. اهڙي شاهوڪار تمدن جي سڃاڻپ طور هر سال ڊسمبر جي مهيني ۾ “سنڌ جي ثقافت جو قومي ڏهاڙو”سوشل میڊیا،پرنٽ ميڊيا،ملٽي ميڊيا سان گڏوگڏ دنيا جي هر وستي ۽ واهڻ ۾ ننڍا توڙي وڏا وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائن ٿا.هي ڏينهن نه رڳو ثقافتي جشن هوندو آهي پر پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجين روايتن ۽پنهنجي تاريخ سان نئون ناتو ڳنڍڻ جو موقعو پڻ مهيا ڪري ٿو.دنيا ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو ناهي جنهن کي پنهنجي ساڻيھ،قوم ۽ ثقافت سان پيار نه هجي جيڪا قوم پنهنجي تاريخ وساري ويهندي آهي ان قوم جو وجود دنيا جي تختي تان ميسارجي ويندو آهي ان ڪري هر سال اسان اهو ڏڻ اسين جوش ۽ جذبي سان ملهائيندا آهيون ۽ اسان کي پنهنجي سڃاڻپ نه وسارڻ گهرجي ۽ هي خوشيءَ جو ڏينهن وڏي ڌام ڌوم سان ملهائڻ گهرجي ته جيئن دنيا کي خبر پوي ته سنڌي به هڪ عظيم قوم آهن ۽ سنڌي ثقافت ننڍي کنڊ جي پراڻي تهذيب آهي.
ڪنهن شاعر ڪيڏو نه خوبصورت چيو آهي ته:
"سنڌ جي ٻولي سنڌ وارا سمجهن،
اجرڪ ٽوپي جو شان دل وارا سمجهن،
محبت سنڌي ثقافت سان انوکي سفر جو نالو آ،
اهو عجيب فلسفو صرف سنڌ وارا ئي سمجهن."
پيارا دوستو! سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ امن ۽ دوستيءَ جي علامت آهي ۽ سنڌي قوم جي مهمان نوازي ۽ دوستي هڪ اڻ کٽَ خزانو آهي ۽ سنڌي ٽوپي پائڻ جو رواج اٽڪل پنج هزار سال پراڻو آهي، جنهن جو دليل موئن جي دڙي مان مليل قديمي آثارن سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي وڌيڪ روشناس ڪرايو آهي.
سنڌ جي ثقافت جو قومي ڏهاڙي سان گڏ سنڌين جو قومي ميلو ۽ عيد جيان آهي ۽ هي ڏينهن سنڌين کي عيد وانگر پيارو آهي.
ثقافت جو ڏهاڙو ڇو؟؟؟
هر قوم پنهنجي تاريخ، لباس، ٻولي ۽ روايتن سان زنده ٿيندي آهي.سنڌي گهراڻا ڊگهي عرصي کان پنهنجي ثقافت تي فخر ڪن ٿا پر هڪ قومي سطح تي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته نوجوان نسل کي اهو احساس ڏيارجي ته انهن جو ورثو ڪيترو قيمتي آهي.ثقافتي ڏهاڙي سان سنڌ جا ماڻهو ٻڌائن ٿا ته:
“اسان جي پَڳَ،اسان جو اجرڪ،اسان جو لباس فقط آرٽ نه پر اسان جي تاريخ جو حصو آهن.”
اجرڪ ۽ ٽوپي-شانِ سنڌ:
انهي ڏينهن تي سڀ کان وڌيڪ ڳايل ۽ نمايان شيون اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي هونديون آهن. اجرڪ جا ڳاڙها،نيرا ۽ اڇا رنگ سنڌي سونهن جا ترجمان آهن.سنڌي ٽوپي جو هر نقش پنهنجي اندر محبت، وفاداري ۽ خوبصورتي جو پيغام رکي ٿو.ماڻهن جو اجرڪ اوڍي،ٽوپي پائي گهمڻ فقط جمالياتي پسند نه پر پنهنجي ثقافتي وقار سان وابستگي جو اظهار پڻ هوندو آهي.
روايتي رقص ۽ ڌُنُون:
ثقافتي ڏهاڙو خوشي، رنگ ۽ موسيقي سان واسطو رکي ٿو.ڌمال، هوٽ، جهومڻ ۽ روايتي رقص،سنڌي ڌنن تي نوجوانن جو ڪلهي سان ڪلهو ملائي نچڻ سڀ سنڌ جي زنده دل ثقافت جو ڏيئو وڌيڪ روشن ڪن ٿا.هي سڀ اهو ظاهر ڪري ٿو ته سنڌي تهذيب ۾ خوشي ۽ محبت جا رنگ ڪيڏا نه گهرا آهن.!!
سنڌي ٻولي-ورثو ۽ وجود:
هي ڏهاڙو سنڌي ٻوليءَ جي اهميت به ياد ڏياريندو آهي.ٻولي رڳو لفظ نه پر سڄي قوم جي سڃاڻپ هوندي آهي. نوجوانن جو سنڌي ۾ ڳالهيون ڪرڻ،شعر پڙهڻ، لوڪ گيت ڳائڻ،ثقافت سان محبت جا نوان در کوليندو آهي.شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي رسالي جا بيت جڏهن سرن ۾ پڙهبا آهن ته سنڌي تهذيب پنهنجي عروج ۽ موجَ ۾ نظر ايندي آهي.
بازارن،اسڪولن،ڪاليجن،يونيورسٽين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ميلي جهڙو ماحول هوندو آهي.
هن ڏينهن تي سنڌ جا شهر، ڳوٺ،اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽيون هڪ وڏي ميلو بڻجي ويندا آهن.هنڌ هنڌ ثقافتي پروگرام ٿيندا آهن،جتي ٻارَ توڙي وڏا، سڀ پنهنجي روايتن تي خوش ٿيندا آهن.ثقافتي ميلا نوجوانن کي پنهنجي ڌرتي سان محبت،اتحاد ۽ گڏيل سڃاڻپ جو سبق ڏين ٿا.
سنڌي کاڌا ۽ مهمان نوازي:
سنڌ جي ثقافت صرف لباس يا رقص تائين محدود ناهي پر سنڌي کاڌا به هتي جي تهذيب جو اهم حصو آهن.ساڳ، ڀينڊي،سنڌي برياني،پلاءُ، ڪڪڙ جو ٻوڙ ۽ سُوپ، لسي ۽ ٻيا روايتي ذائقيدار کاڌا پنهنجو الڳ مقام رکن ٿا.هن ڏينهن تي گهڻا ماڻهو خصوصي طور تي روايتي کاڌا تيار ڪري ثقافتي ڏهاڙو ملهائيندا آهن.....
ثقافتي ڏهاڙو امن،محبت ۽ گڏيل سڃاڻپ جو پيغام:
سنڌ جي ثقافت جو بنيادي پيغام محبت،امن ۽ ساٿ آهي.هر سنڌي روح ملڪ جي هر قوم،هر ٻولي ۽ هر رنگ سان محبت ڪري ٿو.ثقافتي ڏهاڙو اسان کي سيکاري ٿو ته اختلافن جي باوجود گڏجي رهڻ ئي اصل ثقافت آهي.سنڌ جي روايتن ۾ ڪوڙ،نفرت ۽ دشمنيون ڪٿي به جڳهه نه ٿيون رکن.
تاريخ جا ڪتاب شاهد آهن ۽ حديث شريف به روايت ڪئي وئي آهي ته "نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن سنڌ جي لاءِ دعا فرمائي آهي ۽ فرمايو آهي ته سنڌ جي سرزمين کان مونکي ٿڌي هيرَ ٿي لڳي."
سنڌ تي ٻه ڀيرا حملو ٿيو هو،هڪ دفعو حضرت عمر فاروق رضي الله عنه جي دورِ خلافت ۾ ۽ ٻيو ڀيرو محمد بن قاسم جي وقت ۾.
مولا علي رضه جو قول مبارڪ آهي ته: "مونکي سنڌ مان خوشبوءِ ٿي اچي."
بيشڪ اها خوشبوءِ الله جي اولياء ڪرام جي آهي جنهن پوري سنڌ ۽ هند کي مطهر ڪيو آهي.
شهنشاھِ ڪربلا حضرت امام حسين رضي الله عنه جو فرمان مبارڪ آهي ته: "دل جي تمنا هئي ته سنڌ ڏسان."
حضرت امام حسن رضي الله عنه جو قول مبارڪ آهي ته:"سنڌ جنت جو ٻيو نالو آهي."سبحان الله
پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن سان گڏوگڏ اهلبيت ڪرام،صحابه ڪرام ۽ اولياء الله سنڌ سان پنهنجي محبت جو انوکو اظهار ڪيو آهي....ته پوءِ اسان سڀني تي به لازم آهي ته پنهنجي مٽي ماءُ سان سچي الفت جو اظهار ڪريون ۽ ان سان حقيقي محبت به ڪريون ۽ عملي قدم به اپنايون. اهو بدنصيب انسان آهي جيڪو پنهنجي وطن سان محبت نه ٿو ڪري.
سنڌ الله جي پيارن جي نظر ۾-محبتن جي ڌرتي، رحمتن جو آستانو:
سنڌ...اها ڌرتي آهي جنهن جي مٽي تي جڏهن ڪنهن اللہ جي نيڪ ۽ صالح ٻانهي جا قدم لڳندا آھن ۽ اُن جي مٽي جي ذرن کي جڏهن انهن جا قدمَ ڇهندا آهن ته دل بي اختيار ٿي چوندي آهي ته: “هي سرزمين فقط مٽي نه پر هزارين اوليائن جي قدم رڱيل مقدس ڌرتي آهي.” سنڌ کي “باب الاسلام” سڏيو ويو آهي،ڇاڪاڻ ته هي خطو سڀ کان پهرين اسلامي نور کي قبول ڪندڙ ڌرتي بڻي.پر ان کان به وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته سنڌ الله جي محبوب اولیاءَ الله، صوفي بزرگن ۽ الله وارن جي نظر ۾ هميشه وڏي اهميت واري ڌرتي رهي آهي.
سنڌ-اولياءَ جي آستانن جي سرزمين:
تاريخ شاهد آهي ته جتي جتي روحانيت جا مينار بلند ٿيا،اتان خدا جي رحمتون وسنديون رهيون.سنڌ اهڙو خطو آهي جتي هر شهر،هر ڳوٺ ۽ هر واديءَ ۾ الله جا درويش، فقير ۽ اولياءَ آباد رهيا.سنڌ جي مقدس سرزمين تي بيشمار روحاني شخصيتون آرام فرما آهن،جن مان ڪجهه هن ڌرتي تي آيا ته ان کي پنهنجي علمي ۽ عملي نور سان روشن ڪري ويا ۽ جيڪي هتي آيا ته پنهنجي وجود سان الله جي تعليمات جا رنگ ڦهلايائون.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي الله جي محبوبن جو راڳ: جيڪڏهن سنڌ جي روحاني عظمت جي ڳالهه ڪئي وڃي ته سڀ کان وڏو نالو حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو اچي ٿو.ڀٽائي رحه پاڻ به الله جو پيارو،الله وارن جو عاشق ۽ انسانيت جو شاعر هو.هن پنهنجي رسالي ۾ سنڌ کي نه فقط محبت جي ڌرتي قرار ڏنو،پر ان کي “روحانيت جو گهوارو” پڻ سڏيو آهي.
شاهه سائين فرمائيندو هو:
“سنڌ سڙي ته سڄي سڙي،سنڌ جڙي ته سڄي جڙي”
يعني سنڌ جو امن،محبت ۽ خير سڄي دنيا لاءِ خير جو سرچشمو آهي.
ان ڪري ڀٽَ جي ڌڻيءَ سنڌ سان گڏ پوري عالم جي لاءِ دعا فرمائي ته:
"سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار،
دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين "
سچل سرمست-وحدت ۽ عشق جو پيامبر:
سچل سرمست رحه پنهنجي ڪلام ۾ چوي ٿو ته سنڌ جي مٽي ۾ وحدت ۽ محبت جو راز سمايل آهي.سچل سنڌ کي رنگن، محبتن ۽ فڪر جي ڌرتي سڏيندو هو،ڇوته هتي الله جا دوست رهن ٿا ۽ انهن جي ڪرامت سان زمين رحمتن سان ڀريل آهي.
لعل شهباز قلندر- تبليغ ۽ عشق جو سج:
سيوهڻ شريف جي سج لال شهباز قلندر رحه سنڌ کي عشق جو مينار بڻايو. سنڌ جي ماڻهن جي نظر ۾ سيوهڻ فقط هڪ شهر نه پر الهامي فيض جو مرڪز آهي.ڳالھ ڪندا آهن ته سيوهڻ سوا لک ولين جو ماڳ آهي.قلندر لعل شهباز رحه پنهنجي محبت، سخاوت ۽ خدمت ذريعي سنڌ ۽ سنڌين کي الله جي قرب جو رستو ڏيکاريو. قلندر جو عرس سنڌ جي روح ۾ حياتيءَ جي نئين لهر ڀري ڇڏيندو آهي....
حضرت عبدالله شاهه غازي رحه:سنڌ جو محافظ:ڪراچي جي ڪناري تي آرام ڪندڙ حضرت عبدالله شاهه غازي رحه کي سنڌ جو نگهبان سڏيو ويندو آهي. صوفين جو چوڻ آهي ته الله وارا جڏهن ڪنهن ڌرتي کي پنهنجو آستانو چونڊيندا آهن تڏهن اها زمين رب جي خاص حفاظت ۾ اچي ويندي آهي.ڪراچي جا ماڻهو عقيدت سان چوندا آهن ته “غازي سائين هن شهر جو سفارتي ڪپتان آهي.”
صوفياڻي روايتون—سنڌ جو روح:
سنڌ جي درويش۽ فقير صنف ماڻهن جي دلين ۾ الله جي محبت جا ٻج پوکيا.هنن ٻڌايو ته رب جو رستو نفرت،تعصب ۽ دشمنيون نه پر محبت، خدمت ۽ انسانيت سيکاري ٿو.سنڌي تهذيب ۾ درگاهون فقط زيارتگاهون نه پر اخلاق، محبت ۽ روحاني تربيتن جا مرڪز رهيا آهن.الله وارن جي نظر ۾ سنڌ محبت،مهمان نوازي ۽ انسانيت جو ماڳ آهي. سنڌ کي الله جي پيارن انهيءَ ڪري پسند ڪيو جو هتي جي مٽي پَويتر۽ سنڌين جون دليون وڌيڪ نرم آهن.هتي جي ماڻھن ۾ محبت،سخاوت، مهمان نوازي ۽ دل جي صفائي انَ شدت سان آهي جو اولياءَ اللہ چون ٿا ته:
“سنڌي ماڻهو دل کولي ملن ٿا ۽ دل کولي الله کي ياد ڪن ٿا.”
سنڌ جا خانه بدوش قبيلا،ماڳ ماٺا،ڌنار،ٿر، بَر،بحر،ريگستاني ماڻهو سڀ سادا پر الله وارن جا پيارا آهن.انهن جي سادگي ۽ محبت پاڻ ۾ عبادت جي هڪ صورت آهي.سنڌ کي جيڪڏهن نوراني فيض جي ڌرتي چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو......جتي الله جا دوست ملن اتي آسمان کان رحمتون وسنديون آهن.سنڌ جي هوا ۾ اها خوشبو آهي جيڪا فقط اولياءَ الله جي وستي ۾ ملي ٿي.هتي جا ماڻهو جڏهن درگاهن تي وڃي دعا ڪن ٿا تڏهن سندن دل سان گڏ سندن زندگي به بدلجي ويندي آهي.
سنڌ جي مٽي ۾ شفقت جو فيض،برڪت جو نفعو ۽ دعا جي قبوليت جي لذت سمايل آهي.
سنڌ ۽ باب الاسلام جو اعزاز:
سنڌ کي باب الاسلام سڏڻ جو مطلب فقط تاريخي فتح نه پر روحاني طور پڻ آهي،هن ڌرتي تي اسلام پنهنجو پهريون پايو رکيو ته رب ان کي روحانيت جي روشني ڏني.
ديني عالم چون ٿا ته سنڌ جو ماحول صوفي تحريڪن لاءِ هميشه سازگار رهيو آهي ڇو ته هتي جا ماڻهو دل جي گهرائين سان الله ۽ ان جي رسول ﷺ سان عشق رکن ٿا.
سنڌ الله جي محبت جو آستانو:
سنڌ فقط هڪ علائقو نه پر رب جي محبوبن جي دعائن سان جڙيل هڪ روشن ديوان آهي هتي جي مٽي مقدس،ماڻهن جون دليون مقدس ۽ هتي جي روايتون نوراني آهن.
سنڌ الله وارن جي نظر ۾ هميشه محبت جي ڌرتي، انسانيت جي درسگاهه ۽ نور جي منزل رهي آهي.
الله سنڌ کي سلامت رکي، سنڌ جي ماڻهن کي خوش رکي ۽ رب جي دوستن جو فيض هميشہ سنڌ تي قائم رکي.آمین۔
سنڌ جي ثقافت جو قومي ڏهاڙو فقط لباس ۽ موسيقي جي نمائش نه پر پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي سڃاڻپ سان تجديد عهد جو ڏڻ آهي.هيءُ ڏينهن اسان کي ياد ڏياريندو آهي ته اسان جو ورثو اسان جي طاقت آهي....
سنڌ جي سورمن ۽ دودن پنهنجي جانين جو نذرانو ڏيئي هن ڌرتي کي پنهنجي خون سان سيراب ڪيو ۽ اها وصيت ڪري ويا ته مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون.....
سنڌڙي!تون زنده رهين، تنهنجو ثقافتي ورثو هميشه آباد رهي ۽ تنهنجا ٻچا پنهنجي سڃاڻپ ۽ فخر سان تنهنجو ڪنڌ بلند ڪندا رهن....
استاد بخاريءَ ڪيڏو نه سٺو انقلابي درس ڏنو آهي ته:
"جو قوم جياري سو جيئندو رهندو،
جو عام اجاري سو جيئندو رهندو،
مونکي تاريخ ۽ تقدير ڏني پَڪَ آ،
جو سنڌ سنواري سو جيئندو رهندو..."
0 تبصرے