اي ايس آءِ فتح علي مشوري ۽ ٻيا اسان خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رهيا آهن: سيد محمد شاهه عرف بابلو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گهوٽڪي لڳ ڳوٺ ڳڙهي چاڪر جي رهواسي ۽ درگاهه حاجي پير محمد شاهه جي گادي نشين سيد فخرالدين شاهه جي فرزند سيد محمد شاهه عرف بابلو گذريل ڏينهن عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته علائقي جي ٿاڻي جروار جا ڪجهه پوليس اهلڪار خاص طور اي ايس آئي فتح علي مشوري اسان سيد محمد شاہ عرف بابلو شاہ، سيد سڪندر علي شاه، مزمل شاہ، بابو شاه خاندان خلاف مسلسل ڪوڙا ڪيس مڙهي رهيا آهن تازو خشڪ برادري جي ڪجهه ماڻهن کي ٻڪري چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪري مٿن سخت دٻائو وڌو ته هو اسان جا نالا کڻن ته ٻڪري اسان چورائي آهي ته پوليس کين آزاد ڪري ڇڏيندي جيڪا اسان جي خاندان کي پريشان ۽ بدنام ڪرڻ جي سازش آهي سيد محمد شاھ چيو ته ڄاڻايل پوليس اهلڪار 2012 کان اسان خلاف ڪوڙا ڪيس ڪري رهيا آهن جنهن مان اسان کي ڪورٽ باعزت بري ڪيو پر اهو سلسلو هلندڙ آهي هن اعلان ڪيو ته ڄاڻايل پوليس اهلڪارن خلاف هو سنڌ هائي ڪورٽ ڪراچي پٽيشن داخل ڪندو هن چيو ته ڪجھ ڌرين جي پاڻ ۾ هلندڙ تڪرار ۾ اسان کي ڇو گهليو پيو وڃي هن آئي جي سنڌ، ايس ايس گهوٽڪي ڊي آئي جي سکر ۽ ٻين آفيسرن کي اپيل ڪئي ته واقعن خلاف بي ريا جاچ ڪري ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي
0 تبصرے