گُڏاپ لڳ ڪانجي ڀيل ڳوٺ ۾ گهر کي باھ وڪوڙِي ورتو، سمورو سامان سڙي رک

متاثر خاندان شديد پريشاني،ءَ ڏک ۽ معاشي بحران ۾ مبتلا ٿي ويو

گُڏاپ لڳ ڪانجي ڀيل ڳوٺ ۾ گهر کي باھ وڪوڙِي ورتو، سمورو سامان سڙي رک

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گُڏاپ لڳ ڪانجي ڀيل ڳوٺ ۾ نارو مل ڀيل جي ڪچي گهر کي اوچتو باھ وڪوڙي ويئي جنهن سبب گهر ۾ موجود سمورو گهريلو سامان سڙي رک ٿي ويو. باھ ايتري شدت سان ڀڙڪي جو رهواسي قيمتي ۽ ضروري سامان به نه بچائي نه سگهيس مقامي ماڻهن موجب باھ لڳڻ سبب نه فقط ڪپڙا، ٿانوَ ۽ گهر جو روزمره استعمال جو سامان تباهه ٿيو پر گڏ ڪيل تقريباً 40 هزار رپيا نقد رقم پڻ سڙي ويا ان سان گڏ گهر ۾ موجود ڇوڪرين جو ڏاج به مڪمل طور سڙي ويو جنهن سبب متاثر خاندان شديد پريشاني،ءَ ڏک ۽ معاشي بحران ۾ مبتلا ٿي ويو آهي واقعي کان پوءِ نارو مل ڀيل جو سڄو خاندان کليل آسمان هيٺ ويهڻ تي مجبور آهي، جتي عورتون، مرد ۽ ننڍڙا ٻار سخت سردي ۽ اوسيئڙي ۾ بنا ڇت جي تڪليفون برداشت ڪري رهيا آهن.حادثي جي اطلاع ملڻ تي ملير مينارٽي اتحاد جا اڳواڻ همير داس، گیانچند ڀيل، رامچند ڀيل ۽ موهن لال فوري طور موقعي تي پهتا. هنن متاثر خاندان سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ فوري طور تي کاڌ خوراڪ، ٻارن لاءِ ڪپڙا، بستر ۽ ضروري سامان جو بندوبست ڪري ڏنو.اقليتي اڳواڻن هن افسوسناڪ واقعي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي سماجي تنظيمن، مخير حضرات، ڪاروباري برادري، مسنٽرن ۽ وس وارن شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته متاثر خاندان جي فوري مدد لاءِ اڳتي اچن ته جيئن هو ٻيهر پنهنجو گهر آباد ڪري سگهن.