عمرڪوٽ ۾ اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو هڪ ڏينهن وارو ڪنويشن منعقد

ڪنوينشن آغا حسنين رضا جعفري جي صدارت هيٺ ٿيو، علامه مقصود علي جعفري مهدوي خاص طور شريڪ

عمرڪوٽ ۾ اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو هڪ ڏينهن وارو ڪنويشن منعقد

عمرڪوٽ (ڊ ر) عمرڪوٽ ۾ اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جو هڪ ڏينهن وارو ڪنويشن آغا حسنين رضا جعفري جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ شرڪائنِ ڪنويشن سان خاص مهمان علامه مقصود علي جعفري مهدوي خطاب ڪيو.اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاڪستان ضلع عمرڪوٽ جو هڪ ڏينهن وارو ضلعي ڪنويشن ڊويزنل صدر ميرپورخاص آغا حسنين رضا جعفري جي صدارت ۾ ٿيو. هن موقعي تي حاضر اڪثر ميمبرن جي راءِ سان آغا جادم حسين سولنگي کي ضلع عمرڪوٽ جو صدر منتخب ڪيو ويو. ڪنويشن کي خاص مهمان علامه مقصود علي جعفري مهدوي خطاب ڪيو۔