پ پ ملير جي صدر ۽ ٽي ايم سي ابراهيم حيدري جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو خاص طور شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان پيپلزپارٽي جي 58 هين يومِ تاسيس جي حوالي سان يوسي صالح محمد گوٺ ۾ جنرل ورڪر اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ پي پي پي PS-86 ملير جي صدر ۽ ٽي ايم سي ابراهيم حيدري جي چيئرمين نظير احمد ڀٽو خاص مهمان طور شرڪت ڪئي ۽ ڪارڪنن کي اهم خطاب ڪيو هن چيو ته پیپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي، جڏهنتہ ڪارڪن ئي پارٽي جو حقيقي سرمايو آهن۔ اسان جي ڪاميابي ڪارڪنن جي محنت ۽ جدوجهد جو نتيجو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته يوسي صالح محمد جي ڪارڪنن کي هرگز نظرانداز نه ڪيو ويندو، انهن جي سمورين شڪايتن ۽ مسئلن کي پارٽي قيادت تائين پهچايو ويندو। نظير ڀٽو جو چوڻ هو ته يوسي صالح محمد گوٺ ۾ جيڪي ترقياتي ڪم رهيل آهن، اهي جلد مڪمل ڪرايا ويندا ۽ پارٽي منشور تحت عوام سان گڏ بيٺا آهيون جنرل ورڪر اجلاس ۾ يوسي صالح محمد جي صدر عبدالمجيد لاشاري، اڳوڻي ضلعي ميمبر جهانگير لاشاري، سماجي ۽ روحاني شخصيت سيد جهانزيب شاهه، زين خاصخيلي، عبدالحميد کوسو، عبدالعزيز بلوچ، ليلا مہرالنساء، علي نواز لاسي، الهي بخش بلوچ سميت مقامي جيالن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 58هين يومِ تاسيس تي پيپلزپارٽي جا ڪارڪن ڀرپور طاقت سان شرڪت ڪري پارٽي قيادت سان پنهنجي هڪجهڙي وابستگيءَ جو اظهار ڪندا۔
0 تبصرے