ٺٽي جي نوجوان جوڙي ملير ڪورٽ ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جو مطالبو

پرڻي بعد محمد خان جوکيو ۽ ثمينا شورو پاران تحفظ لاءِ احتجاج

ٺٽي جي نوجوان جوڙي ملير ڪورٽ ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو، تحفظ جو مطالبو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ٺٽي جي گجو ۽ ترڪي ڪالوني مڪلي سان تعلق رکندڙ نوجوان جوڙي محمد خان جوکيو ۽ ثمينا شورو پيار جو پرڻو ڪندي ملير ڪورٽ ۾ شريعت محمدي تحت قانوني نڪاح ڪيو آهي جنهن بعد مائيٽن جي سخت مخالفت، ڌمڪين ۽ مبينا انتقامي ڪارروائين کان بچڻ لاءِ هنن عوامي پريس ڪلب ملير پهچي ضلعي انتظاميا کان تحفظ جي گهر ڪئي پريس ڪانفرنس دوران ناري ثمينا شورو چيو ته مون پنهنجي مرضي سان محمد خان جوکيو سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، منهنجي شادي مڪمل طور تي شرعي ۽ قانوني آهي، مون ڪو به گناه ناهي ڪيو مون کي مائيٽن، خاص طور تي منهنجو والد جمن شورو ۽ ڪجهه رشتيدار مان جان جو خطرو آهي جيڪي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن اسان کي فوري تحفظ فراهم ڪيو وڃي نوجوان محمد خان جوکيو جو چوڻ هو ته اسان قانون ۽ شريعت محمدي مطابق شادي ڪئي آهي، پر ثمينا جي ڪٽنب طرفان سخت مخالفت ۽ انتقامي ڪاروائي جو خطرو آهي ۔ اسان پنهنجن زندگين لاءِ پريشان آهيون ۽ ضلعي انتظاميا، پوليس ۽ اعلى عملدارن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اسان کي تحفظ ڏنو وڃي