سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو 45هون ساليانو ڪنوينشن

رپورٽ: احمد حسن پنهور(سيڪريٽري اطلاعات سگا) محمد خالد ميمڻ (صدر سگا شاخ ڦل)

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو 45هون ساليانو ڪنوينشن

سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن جو 45هون ساليانو ڪنوينشن 22 نومبر 2025ع تي ممتاز مرزا آڊيٽوريم، حيدرآباد ۾ منعقد ڪيو ويو. جنهن جي صدارت چيئرمين سگا رفيق احمد جعفري ڪئي. ڪاروائي علي حسين بروھي سيڪريٽري جنرل سگا هلائي. آيل مهمانن جا ٿورا وائيس چيئرمين سگا پروفيسر خالد حسين چنا مڃيا. جڏهن ته احمد حسن پنهور سيڪريٽري اطلاعات اجلاس جي ڪاروائي جي رپورٽ لکي. قرآن پاڪ جي تلاوت جي سعادت شيخ عبدالله ڪوھستاني صدر سگا ڄامشورو شاخ کي نصيب ٿي. ڀٽائي سرڪار جي وائي سگا سچل ڳوٺ شاخ جي غلام سرور ڀٽو ۽ دريا خان شيخ سگا ڪنب شاخ ٻڌائي. وزير فرھاد سولنگي ۽ سيد عزيزالله شاهه گيت پيش ڪيا. آجياڻي جي تقرير پروفيسر سريش ڪمار واڌواڻي صدر سگا حيدرآباد شاخ ڪئي جنهن مهمانن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته اڄ مون کي انتهائي گهڻي خوشي آهي جو، اوهان مانائتن ساٿين کي سگا جي 45هين سالياني ڪنوينشن ۾ ڀليڪار جو اعزاز حاصل ڪري رهيو آهيان. اوهان سڀني ساٿين کي هڪ ڀيرو ٻيهر گڏ ڏسي دلي خوشي ٿي رهي آهي ته اڄ هتي علم، فڪر ۽ خدمت جا متوالا گڏ ٿيا آهن، جيڪي هڪ بهتر سنڌ ۽ روشن مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ جو عزم رکن ٿا. اسان جا بزرگ، استاد، علم دوست ۽ نوجوان سڀ گڏجي هن اداري کي اڳتي وڌائي رهيا آهن، اهو ادارو جيڪو 53 سالن کان وٺي سنڌ جي تعليم، ترقي ۽ سماجي ڀلائي لاءِ ڪم ڪندو پيو اچي ۽ اڄ تائين پنهنجي نيڪ مقصد سان زندهه آهي. ڪنوينشن ۾ 71 شاخن جي 250 عهديدارن ۽ ميمبرن شرڪت ڪئي آهي. هن اجلاس ۾ سڄي سنڌ مان آيل مختلف شاخن جي صدرن آيل وفدن جو تعارف ڪرايو ۽ پنهنجي شاخ جي گذريل سال جي ڪارڪردگي رپورٽ جمع ڪرائي. چيئرمين سگا رفيق احمد جعفري افتتاحي تقرير ڪندي چيو ته اسان سڀ هتي سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيش جو 45هون ساليانو ڪنوينشن ملهائڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون. سگا پنهنجا 53 سال پورا ڪري خير اسلوبيءَ سان سنڌ جي علم، سماج ۽ ترقي لاءِ بي لوث خدمت ڪندي، اڳتي وک وڌائيندي پئي وڃي. انهيءَ عرصي دوران اسان ڪيترائي لاها چاڙها ڏٺا. سگا صرف هڪ تنظيم نه آهي، پر اها خلق جي خدمت ڪرڻ جو هڪ جذبو آهي. اهو جذبو جنهن سان سنڌ جي نوجوانن ۾ علم جي شمع روشن ٿئي ٿي، ڪيترائي ئي غريب ٻار جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ کان لاچار آهن انهن کي روشن تارا اسڪول ۽ پبلڪ اسڪول گڏاپ جي ذريعي تعليم سان سرشار ڪيو پيو وڃي، ۽ ڪيترن ئي غريب ٻارن کي اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪالرشپ ڏنيون وڃن ٿيون، ۽ توهان ساٿين جي ئي مدد سان ڪيترن ئي لاچار شاگردن جي فيس ڀرڻ ۾ مدد ڪئي وڃي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سگا جا گهاريل 53 سال ڪو معمولي عرصو نه آهي، ان دوران سگا نه رڳو تعليمي ادارا قائم ڪيا آهن، پر اسڪالرشپ، تربيت، سماجي خدمتون ۽ انساني ڀلائي جا بيشمار منصوبا پايهء تڪميل تائين پهچايا آهن. هي سڀ ڪجهه اسان جي گڏيل محنت، ايمانداري ۽ سنڌ سان محبت جو نتيجو آهي. اڄ جڏهن دنيا نئين دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ٽيڪنالاجي، آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ گلوبل ڪنيڪشن جو زمانو آهي، تڏهن اسان کي به پنهنجي جدوجهد کي نئين رخ سان اڳتي وڌائڻو پوندو. اسان کي علم سان گڏ مهارت، تحقيق ۽ جديد سائنسي سوچ کي به پنهنجي تعليم جو حصو بڻائڻو پوندو. چيئرمين صاحب سنڌ جي اهم مسئلن جهڙوڪ ڪارپوريٽ فارمننگ، سنڌو درياه مٿان ٺهندڙ نوان ڪئنال، بيروزگاري، بک، ڌاڙا، چوريون، اغوا، تعليم، صحت ۽ ٻين اهم مسئلن ڏانهن ڌيان ڇڪايو ۽ چيو ته اسان سڀني کي گڏجي انهن مسئلن جي حل لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. هن پنهنجي تقرير ۾ سگا جي سٿ ۾ نوجوانن ۽ عورتن کي ميمبر وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ عورتن ۽ نوجوانن لاءِ روزگار ڏيڻ تي سائنسي ۽ هنري تعليم ڏيڻ لاءِ هنري سکيا مرڪز قائم ڪرڻ تي زور وڌو. آخر ۾ وائيس چيئرمين سگا پروفيسر خالد حسين چنه سڀني آيلن مهمانن جا ٿورا مڃيندي چيو ته اڄ اسان سڀئي گڏجي سنڌ جي ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو عزم ورجايون.
جنهن بعد ڪائونسل آف ميمبرس جو ساليانو اجلاس ٿيو
هن اجلاس جي صدارت سگا جي چيئرمين رفيق احمد جعفري ڪئي. علي حسين بروهي سيڪريٽري جنرل سگا ڪاروائي هلائي. احمد حسن (جاويد) پنهور سيڪريٽري اطلاعات اجلاس جي رپورٽ لکي. هن اجلاس ۾ گذريل گڏجاڻي جي ڪارروائي بحال ڪئي وئي. علي حسين بروهي سيڪريٽري جنرل سگا جي سالياني ڪارڪردگي 2025-2024ع رپورٽ پيش ڪئي جنهن کي ايوان پاران ساراهيو ويو. جڏهن ته نور محمد سيال سيڪريٽري ماليات سالياني مالياتي رپورٽ 2025-2024ع پيش ڪئي. رپورٽ تي ڪائونسل جي ساٿين سوال ڪيا جن کي چيئرمين ۽ سيڪريٽري جنرل تفصيلي جواب ڏنا. جنهن کان پوءِ ساٿين پاران ڪارڪردگي رپورٽ ۽ مالياتي رپورٽ کي بحال ڪيو ويو. هن اجلاس ۾ ”سگا سماچار“ ۽ ”ايجوڪيشن پاليسيز ان پاڪستان“ ڪتاب جي مهورت ڪئي وئي. ان بعد ڪاروباري اجلاس ٿيو
هن اجلاس جي صدارت خالد حسين چنا وائيس چيئرمين ڪئي. ڪاروائي بخش علي چانڊيو ڊپٽي سيڪريٽري جنرل هلائي. جڏهن ته رپورٽ لکڻ جي ذميواري محترمه صفيه عباسي ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي سرانجام ڏني. شاھه جا بيت عبدالطيف ڪرٽيو ميمبر مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي پڙهيا. هن اجلاس ۾ شاخن جي ساٿين پنهنجي شاخ جي سال 25-2024ع جي سالياني ڪارڪردگي رپورٽ سان گڏ مالي رپورٽ پيش ڪئي. ڪاروباري اجلاس جي آخر ۾ ٺهراءَ پيش ڪيا ويا، جيڪي هيٺ ڏنل آهن.
آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل جي ڪاروائي شھاب الدين شاھاڻي سيڪريٽري ثقافت ھلائي. هن پروگرام ۾ سنڌ جي ناليواري نوجوان راڳي وقار علي ملاح ۽ خوبصورت آواز جي مالڪ مرڪ مارول راڳ ڳائي آيلن کي جهومائي ڇڏيو.
جيڪي ٺهراءَ پيش ڪري ايوان مان منظور ڪرايا ويا اهي هي آهن
1. 27هين آئيني ترميم، جنهن ۾ ڪورٽن سان گڏ انساني حقن جي لتاڙ ٿي رهي آهي جنهن کي مڪمل طور رد ڪندي 28هين ترميم جي مبينا تيارين کي پڻ رد ڪندي ملڪ جي مختلف تاريخي يونٽن خصوصن سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به فيصلي کي قبول نه ڪيو ويندو ۽ سنڌ جون زمينون ڪارپوريٽ فارمنگ تي ڏيڻ بدران اتان جي مقامي هارين کي ڏنيون وڃن. ساڳئي وقت ترميمن جي حوالي سان وڪيل جدوجهد جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي ضرورت پئي ته سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن به ان جو ڀرپور عملي حصو ٿيندي.
2. پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ سمورين ٻولين سان گڏ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جي گهر ڪجي ٿي ۽ ساڳئي وقت سنڌ جي سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن ۾ سنڌي مضمون کي لازمي طور شامل ڪرڻ جي گهر ڪجي ٿي
. 3. سنڌ مان مختلف مڪتبه فڪر سان لاڳاپيل نوجوانن کي قانون جي حوالي ڪرڻ بدران جبري گمشدگيءَ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪجي ٿو،
4. سنڌ جي قدرتي وسيلن، معدنيات، گئس، ڪوئلو ۽ قيمتي پٿرن تي قبضو ڪرڻ ۽ ڪاڇي توڙي ڪوهستان جي تاريخي ماڳن تان قبضا ختم ڪيا وڃن.
5. ملير جي گرين بيلٽ جي حيثيت ۽ زرعي زمين جي ليز کي بحال ڪيو وڃي. کيرٿر نيشنل پارڪ هڪ عالمي ورثو ۽ سنڌ جو اثاثو آهي ان کي هر حال ۾ تحفظ ڏنو وڃي.
6. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾ ميرٽ جي لتاڙ، اقرباپروري ۽ پنهنجا نوازي واري پاليسي کي مڪمل طور تي رد ڪجي ٿو.
7. سنڌ جي لڳ ڀڳ 40 لک ٻارن جي تعليم جي دولت کان محرومي تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي گهر ڪجي ٿي ته انهن جي تعليم لاءِ خاص اپاءُ ورتا وڃن ۽ سڄي سنڌ ۾ بند پيل ووڪيشنل ٽريننگ اسڪولن کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ جو نوجوان تعليم حاصل ڪري دنيا جي مختلف ملڪن ۾ روزگار حاصل ڪري سگهن.
8. سموري سنڌ خصوصن ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي، جيڪب آباد سميت ٻين ضلعن ۾ امن امان جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ميرٽ تي سٺا آفيسر مقرر ڪري سنڌي ماڻهن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي ۽ مختلف قبائلي تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ جوڳا اپاءُ ورتا وڃن.
9. سنڌ صوبي جي رٽارڊ ملازمن کي پاڪستان جي ٻين صوبن جيان گروپ انشورنس، پينشن جي سهولت ڏني وڃي ۽ ملازمن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي. 10. سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جي طرز تي اسپتالون قائم ڪري صحت جون سهولتون در در تي پهچايون وڃن.
11. گهوٽڪي، نارو، دادو توڙي ٻين آئل ۽ گئس فيلڊن ۾ مقامي ماڻهن کي ڀرتي ڪيو وڃي ۽ ٿر ڪول ۾ مقامي ماڻهن کي روزگار ڏنو وڃي.
۽ ائين هي سگا جو 45 ڪامياب ڪنوينشن اختتام تي پهتو۔