ڪنري ۾ جوڙي پاران پسند جي پرڻي بعد تحفظ لاءِ احتجاج

عزيز الله چانڊيو ۽ سونيا مياڻو عدالت ۾ پرڻي بعد پريس ڪلب پهتا

ڪنري ۾ جوڙي پاران پسند جي پرڻي بعد تحفظ لاءِ احتجاج

عمرڪوٽ (ڊ ر) پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙو تحفظ لاءِ نيشنل پريس ڪلب ڪنري پھچي ويو، جان کي خطرو آھي تحفظ ڏنو وڃي. مطالبو. تفصيل موجب ڪنري تعلقي جي ڳوٺ خير محمد چانڊيو جي رهواسي نوجوان عزيز الله چانڊيو ٽنڊو جان محمد جي رهواسڻ ناري سونيا مياڻو سان سنڌ هائي ڪورٽ بينچ ميرپورخاص ۾ پسند جو پرڻو ڪرڻ بعد نيشنل پريس ڪلب ڪنري پھچي ويو، جوڙي پاران تحفظ لاءِ احتجاج ڪيو ويو. ناري سونيا مياڻو ٻڌايو ته اڳوڻي مڙس مهر علي مياڻو کان طلاق وٺڻ بعد عزيز الله چانڊيو سان نڪاح ڪري عدالت ۾ پرڻو ڪيو آھي کيس ڪنھن به اغوا ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪنھن ورغلايو آھي پنھنجي رضا خوشي سان عزيز الله چانڊيو سان پسند جي شادي ڪئي آھي جنھن تي بااثر مائٽ جان جا ويري بڻجي ويا آھن ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، نوجوان عزيز الله چانڊيو چيو ته موبائل فون تي رابطي بعد ناري سونيا مياڻو سان پسند جو پرڻو ڪيو آھي جنھن تان سونيا جا مائٽ ڌمڪائي رهيا آھن ۽ جانين کي خطرو هجڻ ڪري هڪ مھيني کان دربدري جي زندگي گذاريون پيا، پريمي جوڙي آئي جي سنڌ ۽ ٻين کان نوٽيس وٺي تحفظ جو مطالبو ڪيو آھي.