رويا تڏهن تبديل ٿيندا آهن
جڏهن ڪجهه ماڻهون پنهنجو پاڻ کي اوهان کان يا ته مٿانهون سمجهن يا ته پاڻ کي هيٺانهون سمجهن، اڪثر ماڻهون رويا تڏهن تبديل ڪندا آهن جڏهن اهي اوهان کي پاڻ کان مٿانهون سمجهن ۽ کين دل ۾ حسد، ساڙ ۽ نه سهڻ وارو مادو پيدا ٿي جڏهن اهي اوهان کي اوهان جي ڪاميابي کي برداشت نه ڪري سگهن جڏهن اهي اوهان کي اڳتي وڌندي نه ڏسي سگهن يا اهي پنهنجي پاڻ کي اوهان کا گهٽ ۽ ڪمتر محسوس ڪن تڏهن ئي روين ۾ تبديلي ايندي آهي.
۽ ٻيو پهلو جڏهن ڪو پاڻ کي سڀن کان بهتر ۽ مٿانهون سمجهي جڏهن ان کي سڀ انسان غلط ۽ صرف پنهنجو وجود صحيح لڳي ۽ کين آس پاس وارا فضول ۽ پاڻ کان گهٽ لڳن تڏهن روين ۾ تبديلي اچي ويندي آهي.
پر حقيقت ۾ اهي ٻه ئي طريقا سراسر غلط آهن نه ڪنهن کي پاڻ کان مٿانهون سمجهجي نه ئي وري ڪنهن جي ڪاميابي، ۽ مقام ڏسي ڪري ان کان پاڻ کي هيٺانهون سمجهجي ڇو ته اگر معاشري ۾ ڪنهن انسان کي عزت، ڪاميابي، مقام ۽ مرتبو مليل آهي ته يقينن اهو ان جي محنت جو ڦل آهي ۽ ان سان حسد ٺهي ئي ڪونه ٿو ڇو ته اهو سڀ ڪجهه ان پنهنجي محنت سان حاصل ڪيو آهي پوء ته ڪنهن کي به رويو تبديل ڪرڻ جي ڪا وجه ئي نٿي جڙي.
منهنجي نظر ۾ جيڪو انسان ڪنهن سان حسد ڪري ٿو ان جو مسئلو ڪامياب شخص ناهي، پر اهو احساس ڪمتري آهي جيڪو هو پاڻ محسوس ڪري ٿو.
۽ اها ڳالهه ته پاڻ کي هيٺانهون به ڇو سمجهجي اهو به ته کين اوهان وانگر ئي انسان ئي آهي ۽ الله پاڪ هن ڪائنات ۾ ڪنهن به انسان کي ائين ئي ٿوڙي خلق ڪيو آهي هر انسان ۾ ڪا نه ڪا خوبي، صلاحيت، ۽ کين قابليت رکي آهي پوء اهو انسان تي پاڻ تي آهي ته اها ڏاهپ اها صلاحيت ۽ کين خوبي ۽ هنر ڪيئن، ڪٿي ۽ ڪڏهن ظاهر ڪرڻو آهي.
منهنجي نظر ۾ اهو انسان عقل جو انڌو ۽ کين پاڻ کان ناآشنا آهي جيڪو ٻين کي ڏسي ڪري پاڻ کي گهٽ محسوس ڪري ڪمتر محسوس ڪري ڪوشش ڪيو پنهنجي وجود کي پنهنجي تخليق جي مقصد کي ۽ پنهنجي قدر کي سمجهو.
خود شناسيءَ وارو انسان پنهنجي خوبين ۽ خامين کي سڃاڻي ٿو. اهو ڄاڻي ٿو ته ڪاميابي محنت سان ملي ٿي، تقدير جو هڪ بهانو آهي. تنهنڪري، ان کي نه ٻئي تي حسد ٿيندو، نه ئي هو ڪامياب ٿي غرور ڪندو.
يقين ڪيو جنهن ڏينهن کان اوهان پنهنجي پاڻ کي عزت ڏيڻ شروع ڪئي سڀ اوهان کي پاڻ ئي عزت ڏيڻ لڳندا باقي اگر اوهان پنهنجو پاڻ ئي نٿا سڃاڻو ۽ کين پنهنجي قدر کي نٿا سڃاڻو ۽ ته پوء هر ڪو اوهان کي هڪ واڌاري ٿانو وانگر سمجهندو۔
ٻيو پهلو اگر ڪو انسان پاڻ محنت ڪري ڪجهه بڻجي ويو آهي ته اهو لازم ناهي ته هڪ هڪ کي محسوس ڪرائي ته هاڻي مان ڇا آهيان ۽ کين انا ۽ تڪبر ۾ اچي ڪري کين ڪنهن کي ڀانئين ئي ڪونه اهو سراسر غلط آهي انسان ڪٿان کان ڪٿي به پهچي وڃي ڇا به بڻجي وڃي آخر وري به ساڳو ئي انسانن جهڙو انسان ئي پوء انا، غرور، هٺ، ۽ وڏائي آخر ڇو ؟ ۽ ڇا لاءِ ؟ ڇا غرور تڪبر ۽ وڏائي ڏيکارڻ سان اوهان جي عزت ۾ اضافو ٿي ويندو.
منهنجي نظر ۾ ڪاميابي هڪ سفر آهي، منزل ناهي. جيڪو ماڻهو رڳو منزل (مقام/مرتبو) کي ڏسندو، اهو ڪنهن تي حسد ڪندو يا غرور. پر جيڪو شخص پنهنجي محنت ۽ جدوجهد کي قدر ڏيندو، ان جو رويو هر حال ۾ ساڳيو ئي رهندو. پر جيڪي کين لوڙ جتن، ۽ محنتن کي وساري ويهن ته پوء لازمي انهن ۾ وڏائي ۽ تڪبر ئي جنم وٺندو.
0 تبصرے