English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ميرپورساڪرو ۾ هيڊماسترياڻي جي معطلي خلاف شٽربند هڙتال، گجو شهر ۾ احتجاج
4 views
|
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ميرپور ساڪرو جي واپارين به معاملي کي انتظامي ناانصافي قرار ڏيندي شٽر بند هڙتال ڪئي، احتجاجي مظاهرو
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)ميرپور ساڪرو ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول جي هيڊ مسٽريس گلناز جوکيو جي معطلي وارو معاملو گذريل چند ڏينهن کان سوشل ميڊيا، ڊجيٽل پليٽ فارمن ۽ مقامي سياسي حلقن ۾ اهم بحث بڻيل آهي ء مختلف ڌريون ميدان تي لٿل آھن جنھن سلسلي ۾ اڄ گجي شھر ۾ گجو سول سوسائٽي۽ سياسي ۽ سماجي تنظيمن گجو نيشنل هاءِ وي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي، جتي مظاهرين هيڊ مسٽريس گلناز جوکيو جي بحالي لاءِ نعريبازي ڪئي.احتجاج ۾ ڪامريڊ زاهد جوکيو، عالم شير جوکيو، حاجي علي جوکيو، راجه شريف ميمڻ، اڪبر ميمڻ، نياز شاهه ۽ حميدالله سميت ڪيترن ئي شهرين شرڪت ڪئي.مظاهرين جو مطالبو هو ته سانوڻ مهيشوري کي قانون مطابق گرفتار ڪري غيرجانبدار جاچ ڪرائي وڃي، ته جيئن اصل حقيقتون سامهون اچي سگهن.هوڏانهن، ميرپور ساڪري جي واپارين به معاملي کي انتظامي ناانصافي قرار ڏيندي شٽر بند هڙتال ڪئي، جنهن ۾ واپاري برادري دڪان بند ڪري احتجاج ڪيو ،گهارو ۾ پڻ ساڳين مطالبن جي حمايت ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سرڪاري دستاويزن موجب، تعليم کاتي گلناز جوکيو کي معطل ڪيو آهي، جڏهن ته الزام لڳائيندڙ سانوڻ مهشوري کي ٽائون چئيرمين اقبال احمد خاصخيلي پڻ معطل ڪري ڇڏيو آهي. مقامي حلقن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سانوڻ مهيشوري اسڪول جي SMC (School Management Committee) جو چيئرمين پڻ آهي، ته يا ته کيس فوري طور ان سيٽ تان استعفا ڏيڻ گهرجي يا تعليم کاتو نئون SMC چيئرمين مقرر ڪري. گذريل ڪجهه ڏينهن کان سوشل ۽ ڊجيٽل ميڊيا تي ٻنهي طرفن جا الڳ الڳ موقف گردش ڪري رهيا آهن: ڪجھ حلقا الزام کي سنجيده قرار ڏئي شفاف جاچ جو مطالبو ڪري رهيا آهن۔ جڏهن ته ٻيا ان ڪارروائي کي “ذاتياتي رنجش” يا “انتظامي ناانصافي” قرار ڏيندي هيڊ مسٽريس جي بحالي جو مطالبو ڪري رهيا آهن۔ اسڪول جي سربراهه کي اوچتو معطل ڪرڻ سان تدريس ۽ انتظامي امور متاثر ٿيڻ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو پيو وڃي. تعليمي حلقن مطابق، اسڪولن ۾ اڳ ئي اسٽاف جي کوٽ آهي، ان ڪري ڪنهن به فيصلي کان اڳ مڪمل ۽ غيرجانبدار جاچ ضروري آهي. معاملي بابت تعليم کاتو، ضلعي انتظاميه ۽ ٻيا ذميوار ادارا اڃا تائين صورتحال تي واضح موقف پيش نه ڪري سگهيا آهن، جنهن سبب معاملو وڌيڪ مبهم ۽ ڳڻتي جوڳي شڪل اختيار ڪري رهيو آهي. مقامي تنظيمن، شهرين ۽ واپارين جو گڏيل مطالبو آهي تہ غيرجانبدار جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي ٻنهي ڌرين جا موقف ڌار ڌار ورتا وڃن ء جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪنهن به ڌر سان ناانصافي نه ڪئي وڃي۽ تعليم کاتي ۾ انتظامي استحڪام برقرار رکيو وڃي. علائقائي مبصرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن معاملي کي شفاف ۽ اڻ ڌري نموني نه ڏٺو ويو ته نه رڳو تعليمي ادارن تي عوامي اعتماد متاثر ٿيندو، پر هن تڪرار جا منفي سماجي اثر پڻ سامهون اچي سگهن ٿا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
25th Nov 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
انا، احساس، ۽ روين جي جنگ!
25th Nov 2025
•
سندھ
سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي جو گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي بحران بابت هنگامي اجلاس
25th Nov 2025
•
تازہ ترین
ذوالفقار علی بھٹو نے سیاست کو ڈرائنگ روم سے نکال کر عوامی جلسوں تک پہنچایا: نثار احمد کھوڑو
25th Nov 2025
•
سندھ
سلاوٹ جماعت ایسوسی ایشن کی جانب سے روشن تاراہائی اسکول سلاوٹ پاڑہ حیدرآباد میں بچوں کے عالمی دن کے حوالے سے پروگرام منعق
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شيخ زيد تعلقه اسپتال ميرپور ساڪرو ضلعي ٺٽي ۾ ڪمپيوٽرائزد ليبارٽري رپورٽنگ سسٽم جو افتتاح
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻي جي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب اعليٰ اڪبر جاگيراڻي پاران کليل ڪچھري منعقد
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: درگاهه سيد شاهه حسن تقوي رحه جي سجاده نشين سيد گل محمد شاهه جي چوٿين ورسي ملهائي وئي
25th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽالھي مان اغوا ڄاڻايل ناري جو ڪيس داخل، وارثن جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ميرپورساڪرو ۾ هيڊماسترياڻي
0 تبصرے