English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي جي مھراڻ ڳوٺ ۾ قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ الطاف مگسي جي پهرين ورسي ملهائي وئي
169 views
|
24th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ايس يو پي جي سينئر نائب صدر روشن علي ٻرڙو، ڪراچي ڊويزن صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول ۽ ٻيا شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي مھراڻ ڳوٺ ۾ قومپرست اڳواڻ ليکڪ ۽ انسان دوست ڪامريڊ الطاف مگسي جي پهرين ورسي جي موقعي تي، مهراڻ ڳوٺ، ڪراچي ۾ سندس ڀائرن ۽ خاندان پاران هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ قومي، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ يونائيٽيڊ جي سينئر نائب صدر روشن علي برو، ڪراچي ڊويزن صدر ڊاڪٽر علي نواز گبول ، سردارزاده مير صفدر خان مگسي، قومي عوامي تحريڪ جو مرڪزي اڳواڻ ڪاشف خاصخيلي، ايس ٽي پي اڳواڻ اعجاز سامٽيو، ڪامريڊ الطاف مگسي جي ڀاءُ منير خان مگسي ۽ ٻين مقررين چيو ته ڪامريڊ الطاف مگسي نه رڳو هڪ قوم پرست اڳواڻ هو پر پيار، ڀائيچاري ۽ انسان دوستي جو مجسمو به هو. هو ماڻهن کي ڳنڍڻ، انهن ۾ اتحاد، ڀائيچاري ۽ شعور پيدا ڪرڻ جي هڪ روشن مثال هو. هن پنهنجي لکڻين ۽ تقريرن ذريعي پاڪستان ۾ سماجي عدم مساوات، قومي حقن ۽ سنڌ جي سڃاڻپ بابت هڪ مضبوط ۽ دلير آواز بلند ڪيو.اڳواڻن وڌيڪ چيو ته الطاف مگسي سنڌ جي رهواسين جي آبادڪاري، انهن جي حقن جي آگاهي ۽ قومي شعور کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪراچي ۾ مسلسل سرگرم رهيو. سندس خيالن، خدمتن، همت ۽ خلوص کي ڪراچي جي سڀني قومي حلقن ۾ عزت ۽ فخر سان ياد ڪيو ويندو آهي. تقريب جي آخر ۾ ڪامريڊ الطاف مگسي جي ابدي سڪون لاءِ دعا گهري وئي، جڏهن ته سندس خاندان سڀني شرڪت ڪندڙن جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Mar 2026
•
سندھ
مٹھیانی کے قریب پرانے تنازع پر فائرنگ، عدالت جانے والے 2 افراد قتل
13th Mar 2026
•
پاکستان
کوہستان مالیاتی اسکینڈل: گرفتار ملزم کے گھر کو منجمد کرنے کا حکم معطل
13th Mar 2026
•
دنیا
روس اور ایران عالمی معیشت کو “ہائی جیک” کرنا چاہتے ہیں: برطانوی وزیر خارجہ
13th Mar 2026
•
دنیا
امریکہ کی جانب سے عراق میں گر کر تباہ ہونے والے طیارے میں 4 فوجیوں کی ہلاکت کی تصدیق
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو ناليواري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
سستو ورتل پئٽرول مھانگو ڪري ھڪ ئي ڏينھن ۾ اربين روپين جي ناجائز ڦرلٽ ڪئي وئي: اياز لطيف پليجو
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ھڱورجا مان 6 ڏينهن اڳ مبينا کنڀي گم ڪيل شاگرد جي آزادي لاءِ احتجاج جاري
13th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا ۾ بخاري محلي واسين جو احتجاجي مظاهرو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪامريڊ الطاف مگسي
ڪراچي جي مھراڻ ڳوٺ ۾ قومپرست
0 تبصرے