ينگ پارليامينٽ چلڊرن جي ميمبر لويت ڪمار سوٽهڙ ۽ سردار شاهه جي دلچسپ ملاقات ماڻهن جو ڌيان ڇڪي ورتو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) کاروڙو سيد ۾ تعليم جي صوبائي وزير سيد علي شاهه ۽ ينگ پارليامينٽ چلڊرن جي ميمبر، ڏهين ڪلاس جي شاگرد لويت ڪمار ولد لال سوٽهڙ جي هڪ غيرمعمولي ۽ دلچسپ ملاقات ماڻهن جو ڌيان کڻي ورتو، جتي وزير ۽ نوجوان جي جملن جي ڏي وٺ سبب محفل ٽهڪن سان گونجي اُٿي، ملاقات دوران لويت ڪمار جذباتي لهجي ۾ چيو ته اڄ آئون پاڻ کي وڏو خوش نصيب سمجهان ٿو، مان پاڻ کي شاعر سردار شاهه سمجهان ٿو نوجوان جي اها ڳالهه ماحول کي هڪدم قابلِ ذڪر بڻائي ڇڏيو، صوبائي وزير سيد علي شاهه به نوجوان جي پُراعتماد انداز کان متاثر نظر آيو ۽ محبت ڀريو جواب ڏيندي چيو تون منهنجي طرفان تعليم جو منسٽر آهين، هلي وڃ ۽ عمرڪوٽ ضلعي ۾ اسڪولن جو دورو ڪر وزير جي هن دلچسپ تبصري تي موجود ماڻهن ۾ کل جهڙو لاڙو وڌي ويو، ملاقات جي آخر ۾ لويت ڪمار صوبائي وزير کي شاعري پڻ ٻڌائي ۽ يادگار طور قلم تحفي ۾ پيش ڪيو، جنهن تي وزير خوشي جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران دلڪش ڳالهين ۽ هلڪي ڦلڪي مذاق سبب کاروڙو جي لانڍي ۾ گڏ ٿيل ماڻهن ۾ ٽهڪڙا مچي ويا، ۽ ماحول هڪ گهڙي لاءِ پُررونق ٿي پيو.
0 تبصرے