تقريب ۾ صوبائي وزير سيد سردار شاھ، نواب تيمور ٽالپر، حاجي بقا پلي، ميان خالد ولھاري ۽ ٻيا شريڪ
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)پٿورو حاجي عبدالحق آريسر جي ٽيجھي جي موقعي تي پڳ جي رسم ادا ڪئي وئي سندس پٽ جھانگير آريسر کي پڳ ٻڌائڻ واري تقريب ۾ صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاھ نواب تيمور ٽالپر حاجي بقا پلي ميان خالد ولھاري سميت وڏي تعداد ۾ سياسي سماجي شخصتين مٽن مائٽن شرڪت ڪئي تقريب کي پڳ جو پھريون ور سيد سردار علي شاھ ڏنو ان موقعي تي صوبائي وزير تعليم سيد سردار شاھ خطاب ڪندي چيو ته مرحوم حاجي عبدالحق آريسر منھنجي ساڄي ٻانھن ھو سچو کرو مخلص انسان ۽ ڪميٽڊ سياستدان ھو ھڪ رعبدار شخصيت جو مالڪ ھو ڪنھن کي بـ ڪابـ سچي ڳالھ منھن تي چئي ڇڏيندو ھو مون سياست ۾ ھن کان گھڻو ڪجھ سکيو ھن جي وفات سان ناري پٽ جي سياست ۾ تمام وڏو خال پيدا ٿيو آھي جيڪو ڀرجڻ ۾ وقت لڳندو اھڙا مڻيادار ماڻھو تمام گھٽ آھن منھنجو مرحوم حاجي عبدالحق آريسر جي خاندان ۽ وڏي تعداد ۾ آباد عمرڪوٽ ضلعي ۾ رھندڙآريسر برادري سان نيازمندي رھي آھي جيڪا انشاء اللـ قائم رھندي نواب تيمور خان ٽالپر چيو تـ مرحوم حاجي عبدالحق آريسر منھنجي والد جو ويجھو دوست ھو آئون کيس چاچو چوندو ھئس ھن جي وڃڻ سان تمام گھڻو ڏک پھتو آھي غلام حسين آريسر چيو تـ حاجي عبدالحق آريسر اسان جي برادري جي اھا شخصيت ھئي جنھن جي وڃڻ سان اسان جي ٻانھن جي لوڏ جھڪي ٿي وئي آھي تقريب کي حاجي منير آريسر ممتاز آريسر حاجي احمدعلي آريسر ۽ ٻين خطاب ڪيو مرحوم حاجي عبدالحق جي فرزند جھانگير آريسر چيو ت پڳ ٻڌڻ سان منھنجي مٿان برادري ء سياست جون ذميواريون وڌي ويون آھن جن کي نڀائڻ جي ڪوشش ڪندس
0 تبصرے