وڏي وزير جو خاص معاون راجوير سنگهه سوڍا ۽ ٻيا تقريب ۾ شريڪ
عمرڪوٽ/ڪراچي (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) انساني حقن واري کاتي جي مددگار وزيراعليٰ سنڌ جي خاص معاون راجویر سنگھ سوڍا گذريل رات هوٽل ميريئٽ ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ سنڌ چيمپئن شپ 2025 ۾ شرڪت ڪئي، جيڪا اسپورٽس اينڊ يوٿ افئيرز ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ آف سنڌ طرفان منعقد ڪئي وئي، تقريب جي مکيه مهمان، صوبائي وزير اسپورٽس ۽ يوٿ افئيرز سردار محمد بخش خان مھر، راجویر سنگھ سوڍا صاحب کي گيسٽ آف آنر جي يادگيري شيلڊ پيش ڪئي، هن تقريب جو بنيادي مقصد سنڌ جي نوجوانن ۾ اي اسپورٽس جي واڌاري ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ هو، تقريب ۾ وڏي تعداد ۾ ايم پي ايز، سرڪاري آفيسرن، اسپورٽس سان وابسته شخصيتن ۽ نوجوانن وڏي جوش ۽ خروش سان شرڪت ڪئي، تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن اي اسپورٽس کي نوجوان نسل جي جديد ذهني تربيت، ٽيڪنالاجي سان لاڳاپي ۽ صحتمند سرگرمي قرار ڏيندي ان جهڙين تقريبن کي وقت جي ضرورت قرار ڏنو.
0 تبصرے