سجاول(رپورٽر)ضلع سجاول پوليس جا لسٽيڊ منشيات فروشن جي خلاف ڪارواين جو سلسلو جاري هڪ لسٽيڊ a ڪيٽيگري منشيات فروش سميت 3 ڏوهاري گرفتار. هڪ ڪلو گرام چرس 20 ليٽر ديسي شراب ٺرو ۽ هڪ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. تفصيل موجب. ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي هدايتن تي ضلع جي مختلف ٿاڻن تي منشيات فروشن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري. انچارج سي ائي اي سجاول برڪت علي چانڊيو جي پوليس اسٽاف سان گڏ مخفي اطلاع تي شاھ بندر روڊ گار موري ويجھو ڪامياب ڪارروائي لسٽيڊ a ڪيٽيگري منشيات فروش ڏوهاري محمد عرف حيدري بروهي کي هڪ ڪلو گرام چرس سميت گرفتار ڪري نارڪوٽيڪس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.انچارج شاھبندر اختر علي کاڙڪ گشت دوران راجن شاھ لنڪ روڊ ويجھو منشيات فروش ڏوهاري واحد ملاح کي 10 ليٽر ديسي شراب ٺرو سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي ايس ايڇ او بٺورو صفدر علي سولنگي گشت دوران جتوئي سم نالي ويجھو منشيات فروش ڏوهاري حسين جاڙيجو کي 10 ليٽر ديسي شراب ٺرو سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. اي ايس آئي خان مگسي گشت دوران بچاء بند سجتا گولائي ويجھو بغير نمبر پليٽ موٽر سائيڪل لاوارث حالت ۾ پوليس قبضي ۾ وٺي ڪري cr.pc.550 تحت قانوني ڪاروائي ڪئي آهي
0 تبصرے