مٺي جي نجي اسڪولن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۾ ايوارڊ تقسيم

ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، سشيل ملاڻي ،پرتاب شيواڻي ۽ ٻيا به شريڪ

مٺي جي نجي اسڪولن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ شاگردن ۾ ايوارڊ تقسيم

مٺي( رپورٽر) مٺي ۾ واپاري ايسوسيئيشن مٺي جي صدر شام سندر هيمناڻي پاران مٺي شهر جي سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولن جي پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن کي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب ڊائمنڊ هوٽل تي رکي وئي جنهن ۾ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، سشيل ملاڻي ،پرتاب شيواڻي، اسسٽنٽ ڪمشنر مٺي ڊاڪٽر عمير اشرف،پروفيسر ڀواني شنڪر سوني،ماما وشن ٿري،شام سندر هيمناڻي سميت اسڪولن جي هيڊماسترن،واپارين شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. آرگنائيزر موجب تقريب جو مقصد هوشيار ٻارن جي همٿ افزائي ڪرڻ ھو.