ٺٽو پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي، 4 ڄڻا گرفتار

ٺٽو پوليس جي منشيات فروشن خلاف ڪارروائي، 4 ڄڻا گرفتار

ٺٽو (ڊ ر)ٺٽو پوليس جون ڪامياب ڪارروايون — 2 منشيات فروش ۽ 2 گٽڪا مٽيريل سپلائر سميت 4 ملزمان گرفتار، 1020 گرام چرس، 240 پيڪٽ تمباڪو پتي، 500 مين پڙيون ۽ 1 سوزوڪي پڪ اپ هٿ، ڪيس داخل۔آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمن ۽ ڊي آءِ جي حيدرآباد رينج طارق رزاق دهاريجو جي هدايتن تي، ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراني جي حڪمن هيٺ ٺٽو پوليس پاران منشيات، ڏوهن ۾ ملوث عادي مجرمن، گٽڪا ۽ مين پڙي جي واپارين خلاف تيز تر ڪریک ڊائون جاري آهي۔ايس ايس پي ٺٽو جي احڪامن تحت ايس ايڇ او ٿاڻو ٺٽو انسپيڪٽر ماجد علي ڪورايو پنهنجي اسٽاف سان گڏ باءِ پاس ٺٽو درگاهه بابو شاهه بودلو وٽ ڪامياب ڪارروائي ڪندي 2 منشيات فروش ـ دلشاد عرف دلو ولد حسن ملاح ۽ رحمت الله عرف ڪارو ولد حسين ملاح ـ کي گرفتار ڪيو۔گرفتار ٻنهي جي قبضي مان 1020 گرام چرس هٿ آئي۔ٻئي پاسي ايس ايڇ او ٿاڻو جهرڪ سب انسپيڪٽر سائين بخش بکراڻي گشت دوران نيشنل هاءِ وي، لکن پير چاڙهي وٽ ڪامياب ڪارروائي ڪري سوزوڪي پڪ اپ نمبر LA-2690 تحويل ۾ وٺي 2 گٽڪا مٽيريل سپلائر ـ ميان باجاه ولد بھادر شيخ ۽ حاجي ولد ڀٽو خاصخيلي ـ کي گرفتار ڪري ورتو۔گرفتار ملوث ماڻهن جي قبضي مان 240 پيڪٽ تمباڪو پتي ۽ 500 مين پڙيون برآمد ڪيون ويون۔پوليس موجب سمورن گرفتار ملزمان خلاف گٽڪا ايڪٽ ۽ نارڪوٽڪس ايڪٽ تحت الڳ الڳ مقدما درج ڪري قانوني ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي۔