English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پي ٽي آءِ سنڌ پاران گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون ۾ پاڻي کوٽ خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان
101 views
|
19th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
پاڻي جهڙو بنيادي حق عوام کان زبردستي کسي کين تڪليف ۽ تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي: ڊاڪٽر مسرور سيال
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حدید ۽ اسٽيل ٽائون سميت لڳ ڀڳ چار لک آبادي جو پاڻي گذريل ٽن مهينن کان جي بند هجڻ خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻن هنگامي پريس ڪانفرنس ۾ احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔گلشن حدید ۾ پي ٽي آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مسرور علي سيال، ناصر علي خان، عمير شاهد ۽ ٻين اڳواڻن پريس ڪانفرنس ۾ سخت ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته پاڻي جهڙو بنيادي حق عوام کان زبردستي کسي کين بدامني، تڪليف ۽ تباهي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي ڊاڪٽر مسرور سيال جو چوڻ هو ته 27هين آئيني ترميم بعد نه رڳو ملڪ جي سياسي ۽ انتظامي ڍانچي کي ڪمزور ڪيو ويو آهي، پر عوام کي به غلامي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي۔هن وڌيڪ چيو هڪ شخص کي ملڪ تي مڙهي، ادارن کي مفلوج ڪيو ويو آهي اسان جي ليڊر عمران خان کي اڪيلي ڪاري ڪوٺڙي ۾ بند ڪري، سندس ڀينرن کي ملڻ تائين نه ڏنو ويو اهڙي قسم جو ظلم ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو مٿان هاڻي 28هين آئيني ترميم آڻڻ جون تياريون ڪري ملڪ ۾ وڌيڪ افراتفري پيدا ڪئي پئي وڃي هن چيو ته گلشن حدید ۽ اسٽيل ٽائون جهڙن اهم ۽ وڏي آبادي وارن علائقن ۾ پاڻي مڪمل طور بند ڪرڻ سان ماڻهن کي بدترين مهنگائي ۽ بيروزگاري کان پوءِ هاڻ بنيادي سهولتن کان به محروم ڪيو پيو وڃي پريس ڪانفرنس ۾ اڳواڻن الزام هنيو ته اسٽيل ملز جهڙو ملڪ جو اهم ادارو اڳ ئي تباهه ڪيو ويو هاڻي علائقن جو پاڻي بند ڪري ماڻهن لاءِ زندگي عذاب بڻائي وئي حڪمران پارٽي سان لاڳاپيل ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ مقامي نمائندا ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران فوٽو سيشن ۽ ڊرامي بازيون ڪري رهيا آهن4 انچ جي لائين لڳائي، مٺايون ورهائي ماڻهن کي ڪوڙن آسرن ۾ رکيو ويو هن چيو ته انفراسٽرڪچر ۽ پاڻي موجود هجڻ باوجود چار لک آبادي کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪيو ويوپي ٽي آئي اڳواڻن واضع ڪيو ته جيڪڏهن علائقي جو پاڻي فوري طور بحال نه ڪيو ويو ته علائقي واسين سان گڏ وڏي احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي مقامي ادارن جي آفيسن جو گهيرا ڪيو ويندواسٽيل ملز جي ذميدار عملدارن خلاف شديد احتجاج ڪيو ويندو هنن چيو اسان ماڻهن کي وڌيڪ پريشاني ۾ ڇڏڻ نٿا چاهيون، پر جيڪڏهن حڪومت نه جاڳي ته سخت قدم کڻڻ کان پاسو نه ڪنداسين.علائقي واسين ۾ شديد بيچيني، پاڻي بحران سنگين چار لک کان وڌيڪ رهواسين کي پاڻي بند هجڻ سبب روزمرهه زندگي بُري طرح متاثر ٿي چڪي آهي۔ عورتون، ٻار، بزرگ پاڻي جي ڳولا ۾ پريشان آهن، جڏهن ته ٽينڪر مافيا ڦر لٽ تي لڳل آهي پي ٽي آئي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پاڻي فوري بحال ڪيو وڃي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي علائقي جي پاڻي نظام کي مستقل بنيادن تي بحال ڪيو وڃي پريس ڪانفرنس ۾ سماجي اڳواڻن، شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
میئر کراچی کی جماعت اسلامی پر تنقید: ’’14 ارب روپے کب خرچ کریں گے؟
14th Dec 2025
•
پاکستان
’’یہ مجھے چین کیوں نہیں پڑتا، ایک ہی شخص تھا جہان میں‘‘ — آج جون ایلیا کا 94واں یوم پیدائش
14th Dec 2025
•
پاکستان
ڈاکٹر وردہ قتل کیس: مفرور ملزم پولیس مقابلے میں ہلاک
14th Dec 2025
•
پاکستان
اسلام آباد: CABI کے زیر اہتمام میڈیا ورکشاپ کا انقعاد، ماہرین کی پاکستان میں فصلوں کو کیڑا لگنے اور اسکو روکنے سے متعلق آگاہی
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جا احتجاجي مظاهرا
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ۽ مڪلي پوليس پاران مقابلي دوران هڪ ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
دنيا مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون: اياز لطيف پليجو
14th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
نوشھرو فيروز: ھفتو اڳ نوابشاھ ۾ عورت پوليس ڪانسٽيبل تي فائرنگ واري واقعي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڊاڪٽر مسرور سيال
پي ٽي آءِ سنڌ پاران گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون
PTI
Malir
0 تبصرے