شيخ حسينه واجد کي انسانيّت خلاف ڏوهه تي موت جي سزا: بنگلہ دیش جو تاريخي فيصلو..!!!

غلام مصطفيٰ جمالي

شيخ حسينه واجد کي انسانيّت خلاف ڏوهه تي موت جي سزا: بنگلہ دیش جو تاريخي فيصلو..!!!

بنگلہ دیش ۾ تازو پيش آيل عدالتي فيصلو هڪ اهڙو سنگ ميل بڻجي ويو آهي جيڪو نه رڳو ملڪ جي سياسي منظرنامي کي بدلائڻ وارو آهي، پر انسانيّت، قانون ۽ عدالت جي اهميت تي پڻ عالمي سطح تي سوال اٿاري رهيو آهي انٽرنيشل ڪرائيم ٽربيونل(آءِ سي ٽي) جي فيصلي مطابق اڳوڻي وزير اعظم شيخ حسينه واجد کي انسانيّت خلاف ڏوهه جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي وئي آهي. هي فيصلو ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان اهم ۽ سنگين عدالتي قدم طور ياد رکيو ويندو، ڇو ته عدالت واضح طور تي قرار ڏنو آهي ته احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ عام ماڻهن جي قتل لاءِ هوءَ ذميوار آهي، ۽ طاقت جو استعمال ڪندي انهن جي تحريڪ کي دٻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو،عدالت جي مطابق، شيخ حسينه واجد احتجاج ڪندڙ طلبائن کي قتل ڪرڻ جا حڪم ڏنا، ۽ انهن جي جائز مطالبن کي ٻڌڻ جي بجاءِ فسادن کي هٿي ڏني.عدالت ۾ پيش ڪيل ثبوتن ۾ فون ڪالز، آڊيو ۽ ويڊيو فوٽيج شامل آهن، جيڪي واضح ڪن ٿا ته کيس پنهنجي حڪمت عملي جي مرڪزي اڳواڻيءَ طور ڪم ڪيو.ان کان علاوه، هوءَ پوليس ۽ ٻين سيڪيورٽي ادارن کي ڊرون، هيلي ڪاپٽر ۽ خطرناڪ هٿيارن استعمال ڪرڻ جا حڪم ڏنا، جنهن سبب ڪيترائي طلبا ۽ مظاهرو ڪندڙ مارجي ويا عدالت جي فيصلي موجب، شيخ حسينه واجد ۽ سابق وزير داخله اسد الزماں خان ڪمال، جيڪي اڃا تائين غير حاضر آهن، عدالت ۾ پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن، ۽ ان جي ڪري انهن کي غيرظاهر رهڻ تي سزا ٻڌائي وئي آهي. عدالت چيو آهي ته انهن جي فرار جو مطلب آهي ته اهي پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري رهيا آهن.جڏهن ته سابق پوليس چيف چودھري عبداللہ المامون، جيڪو عدالت ۾ موجود هو، کي معمول جي سزا ڏني وئي آهي، ڇو ته هن اعتراف ڪيو ته هو ڪجهه حڪمن تي عمل ڪيو، پر وڏي ڏوهه جو مرڪزي ذميوار هو نه هو، هي فيصلي عالمي سطح تي به وڏي ڌيان جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. اقوام متحده ۽ انساني حقن جي ادارن اڳ ۾ ئي تقريرون جاري ڪري چڪا آهن ته جولاءِ 15 کان آگسٽ 5، 2024 جي مظاهرن دوران سڪيورٽي فورسز جي فائرنگ سبب تقريباً 1,400 ماڻهو مارجي ويا ۽ هزارين زخمي ٿيا، جيڪو 1971 جي آزاديءَ جي جنگ کان پوءِ بنگلادیش ۾ سڀ کان وڏي سياسي تشدد جو واقعو آهي. شيخ حسينه واجد ان دوران ملڪ ڇڏي فرار ٿي وئي ۽ هاڻي ڀارت جي نئين دهلي ۾ جلاوطن آهي، جنهن سبب عدالتي فيصلي ۾ کيس غير حاضر رکندي موت جي سزا ٻڌائي وئي،عدالتي فيصلو نه رڳو قانوني اهميت رکي ٿو پر سياسي ۽ سماجي تناظر ۾ پڻ انتهائي اثرائتو آهي.بنگلادیش ۾ سياسي استحڪام، عوامي شعور ۽ سياسي پارٽين جي تعلقات لاءِ هي فيصلو سنگ ميل ثابت ٿيندو.ڪيترائي خاندان، جن جا پنهنجا مظاهرن دوران مارجي ويا، هن فيصلي کي انصاف جو لمحو سمجهي رهيا آهن، جڏهن ته سياسي مخالف ۽ ڪجهه بين الاقوامي حلقا هن کي سياسي انتقام جي طور تي ڏسي رهيا آهن قانوني ماهرين مطابق، فيصلو غير حاضري ۾ ٻڌائڻ سبب اپيل جو امڪان موجود آهي، ۽ اپيل جي نتيجي تي ملڪ جي عدالتي ۽ سياسي صورتحال تي وڏو اثر پئجي سگهي ٿو. جيڪڏهن فيصلو برقرار رهي، ته اهو هڪ مثال بڻجي ويندو ته طاقتور شخصيتون به قانون جي گرفت کان آزاد نه آهن، ۽ انساني حقن جي پامالي تي ڪو به رعایت نه هوندي. انساني حقن جي تنظيمن ۽ بين الاقوامي قانوندانن پاران فيصلو عالمي سطح تي به ڏٺو پيو وڃي. اهي عدالت کان توقع ڪري رهيا آهن ته فيصلو شفافيت ۽ انصاف جي معيارن مطابق عمل ۾ اچي، ۽ موت جي سزا جو استعمال عالمي ضابطن سان مطابقت رکي. بنگلادیش لاءِ هي فيصلو هڪ نئون سبق آهي ته سياسي طاقت صرف حڪمراني لاءِ استعمال نه ڪئي وڃي، پر ان جي ذميواري ۽ اثرن جو پڻ خيال رکڻ لازمي آهي شيخ حسينه واجد جي فيصلي جو سماجي اثر گهڻو آهي،وڏي تعداد ۾ بنگلاديش جي عوام ان فيصلي کي انصاف جي ضمانت سمجهي رهي آهي. جڏهن ته مخالف سياسي جماعتون ۽ ڪجهه عالمي تجزيه نگار ان کي سياسي انتقام قرار ڏئي رهيا آهن، جيڪي مستقبل ۾ ملڪ ۾ سياسي ۽ سماجي تنقيد پيدا ڪري سگهن ٿا عدالت جي فيصلي مطابق، شيخ حسينه جي حڪمت عملي ۽ طاقت جي استعمال سبب نوجوانن، شاگردن ۽ سياسي متحرڪ ماڻهن کي زندگي وڃائڻي پئي، جنهن سبب انسانيّت خلاف ڏوهه جو الزام سندن خلاف مضبوط ثبوتن سان پيش ڪيو ويو.اهو فيصلو سياسي اڳواڻن لاءِ هڪ انتباہ آهي ته قانون کان مٿي ڪو به ناهي، ۽ طاقت جي غلط استعمال جا نتيجا سنگين ٿي سگهن ٿا جيڪڏهن فيصلو اپيل ۾ رد نه ٿئي، ته بنگلادیش لاءِ هڪ نئون قانوني ۽ سياسي ماحول تيار ٿيندو.ملڪ ۾ انصاف، شفافيت ۽ سياسي ذميواري کي يقيني بڻائڻ لاءِ اها هڪ اهم موقعو آهي. عوام جي شعور، سياسي پارٽين جي سمجھ ۽ قانون جي طاقت سان گڏ ملڪ ۾ سياسي استحڪام برقرار رکڻ جي ضرورت آهي ٻئي طرف، فيصلي جو اثر عالمي سطح تي به آهي. بين الاقوامي ادارا، اقوام متحده ۽ انساني حقن جا گروپ بنگلا دیش جي عدالتي فيصلن تي نظر رکن ٿا، ۽ ان جي شفافيت کي اهميت ڏين ٿا.اهو فيصلو هڪ بين الاقوامي مثال بڻجي سگهي ٿو ته طاقتور شخصيتن کي انساني حقن جي خلاف ڏوهه ڪرڻ تي قانوني جوابدهيءَ کي ڪيئن يقيني بڻائي سگهجي شيخ حسينه واجد تي ٻڌايل موت جي سزا نه رڳو بنگلادیش جي سياسي تاريخ ۾ هڪ نئون باب کوليندي، پر اهو عالمي سطح تي پڻ طاقتور شخصيتن کي قانون جي گرفت کان آزاد نه ٿيڻ جو سبق ڏيندي.عوام، سياسي جماعتون، قانوني انساني حقن جا ادارا سڀني لاءِ هڪ اهم سبق آهي ته انصاف، شفافيت ۽ قانون جي بالادستي هميشه برقرار رهي اهڙي صورتحال ۾ بنگلا دیش کي ضرورت آهي ته سياسي پارٽين، عوام ۽ عدالتي ادارن گڏجي هڪ نئين سياسي، سماجي ۽ قانوني ماحول تيار ڪن، جتي انساني حقن، عدالتي شفافيت ۽ سياسي استحڪام کي ترجيح ڏني وڃي. فيصلي جي عملداري ۽ اپيل جي نتيجن تي ملڪ جي سياسي مستقبل جو دارومدار هوندو، ۽ عوام جي شعور ۽ قانوني ادارن جي ڪم ڪار ان مستقبل کي شڪل ڏيند، شيخ حسينه واجد جي فيصلي کي ڏسندي اها ڳالهه واضح ٿي ٿي وڃي ته طاقت صرف حڪمراني لاءِ نه آهي، پر ان جو استعمال ذميواريءَ سان ڪرڻ لازمي آهي. قانون، انصاف ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪنهن به حڪومت، حڪمران يا سياسي پارٽي لاءِ لازمي آهي، ۽ ان کان بچڻ مستقبل ۾ سنگين نتيجا ڏئي سگهي ٿو بنگلا دیش لاءِ هي فيصلو هڪ تاريخي سبق آهي ته انصاف ۽ انساني حقن کي سياسي مفادن تي ترجيح ڏيڻ ضروري آهي. ملڪ جي سياسي استحڪام، عوامي اعتماد ۽ قانون جي بالادستي کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اهو فيصلو نه رڳو هڪ عدالتي قدم آهي، پر هڪ اهڙو لمحو آهي جيڪو بنگلا دیش جي تاريخ ۾ هميشه ياد رکيو ويندو