سنڌ جي مٽيءَ تي جڏهن به سياسي آڪاس بدلجڻ شروع ٿيندو آهي، ته هوا ۾ هلڪو اضطراب محسوس ٿيندو آهي. سنڌ تاريخ جا بيشمار دور ڏٺا آهن راجائن جا راڄ، سردارن جون ريتون، نوابن جا حڪم، مرڪز جا هٿ، ۽ نظامن جا نقشا، پر جڏهن به قانونن جي تبديلي سندس آواز کانسواءِ ٿيندي آهي، تڏهن هن ڌرتي اهوئي محسوس ڪندي آهي: “مون لاءِ ڇا سوچيو؟” اهو ئي سوال هاڻي 28 ترميم جي سياست ۾ گهيرو بڻجي اڀريو آهي. اهو قانون جيڪو اڃا تائين قومي بحث جو موضوع آهي، پر سنڌ جي اوطاقن، پاڙن، ۽ شهرن ۾ اها ڳڻتي اڳ ۾ ئي جاڳي چُڪي آهي ته شايد هي تبديلي رڳو قانوني ليکي نه، پر مستقبل جي نقشو ڪشيءَ جو حصو آهي 27 ترميم ته هڪ شروعات هئي جنهن ۾ حڪومت طاقت جي توازن کي نئين ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. حڪومت جو موقف اهو هو ته ان سان ادارا وڌيڪ جوابده ٿيندا، ۽ انتظامي سُڌارا ايندا، پر ماڻهو سمجهي ويٺا ته ان سان ڪجهه ادارا وڌيڪ مرڪزي ٿي ويا ۽ ڪجهه سياسي قوتن کي پٺتي ڌڪيو ويو. حڪمرانن جو دليل ڪجهه به هجي، پر عوام محسوس ڪيو ته 27 ترميم جي ڪري نه صرف عدليه ۾ انتظامي مداخلت جو خطرو وڌيو، پر سياسي جماعتن جي ڪردار تي به نئون اثر پئجي ويو.وڪيل برادري صاف چئي ڏنو ته قانون خودمختيار هوندو آهي، پر جيڪڏهن ان جي سرپرستي ۾ سياسي نيتن جو عمل دخل وڌي ويو ته پوءِ انصاف جي روح ئي ڪمزور ٿي پوندي. ججن جي حلقن ۾ پڻ ڳڻتي هئي ته جيڪڏهن تبديلين جو عمل سوچڻ بنا ڪيو ويو ته پوءِ عدليه تي اثر پئجي سگهي ٿو. عوام ۾ اها تصور پکڙجي وئي ته 27ترميم ڪجهه سياسي ڌرين لاءِ ٿوري آس ۽ تحفظ بڻجي وئي، پر ڪجهه کي پريشاني ۽ بيچين ڪري ڇڏيو،هاڻ 28 ترميم جي باري ۾ جيڪو بحث هلي رهيو آهي، اهو ان کان به وڌيڪ مشڪل آهي.ڪجهه سياسي حلقن کي لڳي ٿو ته هي ترميم صوبائي سرحدن، انتظامي ورهاست، وسيلن جي مالڪي، ۽ سڃاڻپ جي سوالن تائين وڃي سگهي ٿي.ايم ڪيو ايم 28 ترميم جي باري ۾ جيڪا سازش ڪرڻ واري آهي انکي ناڪامي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ملندو آهي، ان سان بحث وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو.ايم ڪيو ايم جماعت جي دعويٰ آهي ته ملڪ ۾ نئين انتظامي تشڪيل تي سوچ ويچار ٿي رهي آهي، ڪجهه چون ٿا نوان صوبن جي چونڊ، ڪجهه چون ٿا شهري آباديءَ تي ٻڌل نئين ورهاست،پر سنڌ جي عوام سڌي ڳالهه ڪن ٿا ته اهو سڀ ڪجهه سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو.سياسي مبصرن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم پنهنجي اثر رسوخ کي برقرار رکڻ لاءِ مختلف چالبازيون استعمال ڪري رهي آهي، خاص ڪري ڪراچي ۾ جنهن شهر ۾ سندن سياسي حيثيت سڀ کان مضبوط آهي. ايم ڪيو ايم جا هي ڪردار نه رڳو وفاقي سطح تي اثر انداز ٿي رهيا آهن، پر سنڌ جي اندروني سياسي تقسيم کي به وڌائي رهيا آهن، جنهن سان عوام ۾ اعتماد جو مسئلو پيدا ٿي رهيو آهي وڌيڪ حوالن موجب، 28 ترميم سان لاڳاپيل دستاويز ۽ سياسي رپورٽون ظاهر ڪن ٿيون ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ پنهنجو اثر برقرار رکڻ لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪري رهي آهي، جهڙوڪ چونڊ ڪميشن سان رابطن کي مضبوط ڪرڻ، شهري ورهاست تي نظر رکڻ، ۽ حڪومت جي سرڪاري منصوبن ۾ مداخلت ذريعي پنهنجو اثر وڌائڻ. سياسي تجزيه نگار چون ٿا ته ايم ڪيو ايم جا هي ڪردار صرف شهري آبادي تائين محدود ناهن، بلڪه وفاقي سطح تي به سندن اثر وڌي رهيو آهي، جنهن سان سنڌ جي صوبائي خودمختياري تي به سوال اڀري رهيا آهن. ڪيترائي حوالا، جهڙوڪ پارلياماني رڪارڊ، سياسي رپورٽون ۽ صحافتي تحقيقون، ظاهر ڪن ٿا ته ايم ڪيو ايم پنهنجي اثر رسوخ کي برقرار رکڻ لاءِ پوليس ۽ شهري انتظاميه جي ورهاست کي به استعمال ڪري رهي آهي، جنهن سان ڪراچي ۽ ٻين شهري علائقن ۾ سندن سياسي اثر کي مضبوط رکڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن سنڌ جي سياستدانن کي سڀ کان وڏو خدشو اهو آهي ته جيڪڏهن اختيار مرڪز ۾ گڏ ڪيا ويا يا صوبائي حدن ۾ ڪا به قسم جي تبديلي بغير مشوري جي ڪئي وئي ته پوءِ اها نه صرف وفاقي جوڙجڪ کي ڪمزور ڪندي، پر سنڌ جي ماڻهن جو اعتماد به ٽوڙي ڇڏيندي. انهن خدشن جي پويان ڪا بي بنياد ڳالھ ناهي. سنڌ اڳ به ڏٺو آهي ته وفاقي فيصلا جڏهن طاقت جي سياست جي بنياد تي ٿيندا آهن ته نتيجا سڌو سنڌ تي پوندا آهن،چاهي اهو پاڻيءَ جي ورهاست جو سوال هجي، رائلٽيءَ جو مسئلو هجي، يا وسيلن تي مالڪيءَ جو تڪرار.سنڌ جي عوام واضع طور تي چئي ڇڏيو آهي ته 28 ترميم وري نئين ڇڪ ڇڪاءَ جنم ڏيندي؟انڪري اهو سوال پڻ اهم آهي ته ڇا اهو وفاقي نظام ۾ وري طاقت جو مرڪز اسلام آباد ۾ ڪرڻ جي ڪوشش آهي؟ ڇا اهو صوبائي خودمختياريءَ جي واپسي آهي؟ يا 18 ترميم جي اڻ ڏٺل رد عمل؟هن بحث ۾ هڪ وڏو سياسي پهلو اهو به آهي ته ڪهڙي پارٽي کي 28 ترميم مان فائدو ٿيندو ۽ ڪير نقصان ۾ ويندو؟ مرڪز ۾ ويٺل حڪمران جماعت لاءِ اها ترميم طاقت کي مرڪز ۾ واپس آڻڻ جو اوزار ٿي سگهي ٿي، جنهن سان صوبن جي مزاحمت گهٽجي ٿي ۽ وفاق جي گرفت مضبوط ٿئي ٿي. پيپلزپارٽي کي لڳي ٿو ته هي ترميم سڌو سنڌ خلاف آهي، ڇو ته هن پارٽي جي سڄي سياست صوبائي اختيارن تي ٻڌل آهي. ايم ڪيو ايم کي شڪ آهي ته هي ترميم شهري آباديءَ جي بنياد تي وفاقي اسٽرڪچر ۾ نئين ورهاست پيدا ڪري سگهي ٿي، جنهن سان سندن سياسي ڪردار وڌي سگهي ٿو يا گهٽجي سگهي ٿو. تحريڪ انصاف هن ترميم کي حڪومت جي سياسي خودغرضي سڏندي آهي، جڏهن ته نون ليگ خاموش تماشائي وانگر انتظار ۾ آهي ته واقعي هي ترميم ڪهڙي رخ وٺي ٿي.ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ پنهنجو اثر مضبوط رکڻ لاءِ شهري اٿارٽي ۽ وفاقي قانونن جو فائدو وٺي رهي آهي، جنهن سان صوبائي خودمختياريءَ جي بهتري تي سوال اڀري رهيا آهن. انهن چالبازين ۾ چونڊن جي تياري، سرڪاري منصوبا، پوليس ۽ شهري انتظاميه جي ورهاست شامل آهي، جيڪي ايم ڪيو ايم جي سياسي اثر کي وڌائڻ لاءِ استعمال ٿي رهيا آهن،عوام جو ردعمل سڀ کان وڌيڪ سادو پر سڀ کان وڌيڪ اثرائتو آهي: “اسان کي ٻڌايو ئي نه ٿو پيو وڃي ته اسان سان ڇا ڪرڻ پيا وڃو!” هڪ عام سنڌ جي عوام چوي ٿي ته جيڪڏهن فيصلا عوام بغير ٿين ٿا، ته پوءِ اهي فيصلا ڪڏهن به عوامي نه هوندا. ماڻهن جي دلين ۾ اهو خدشو به پيدا ٿيو آهي ته جيڪڏهن 28 ترميم نئين جمهوري ساخت کي سياسي چال طور استعمال ڪئي وئي ته پوءِ اهو نه صرف وفاقي نظام کي نقصان ڏيندو پر صوبائي احساسن ۾ به الڳ ٿيڻ جا زخم ڀري ڇڏيندو.وڪيلن جو ردعمل پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. قانوني حلقن ۾ اهو بحث زور وٺي ويو آهي ته جيڪڏهن ترميم جو مقصد عدليه، انتظاميه يا صوبن جي اختيارن کي مرڪز ۾ ڪرڻ آهي ته پوءِ اهو ملڪ ۾ طاقت جو توازن بگاڙيندو. ججن جي حلقن ۾ پڻ گهري ڳڻتي آهي ته عدليه سان چِڙائڻ وارو هر قدم رياستي نظام لاءِ خطرو بڻجي ٿو. 28 ترميم سان سنڌ کي ڪهڙو نقصان ٿي سگهي ٿو؟ نه رڳو ادارا متاثر ٿيندا، پر وسيلن جي ورهاست، پاڻيءَ جا تڪرار، معدنيات، جغرافيائي سڃاڻپ ۽ سماجي وحدت تي ڀاري اثر پوندا. سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به وفاقي فيصلا بنا مشوري جي ٿيندا آهن، تڏهن نتيجا سڌي طرح سنڌ تي پوندا آهن سياسي تجزيه نگار چئي رهيا آهن ته جيڪڏهن هي ترميم عملي شڪل اختيار ڪري ٿي ته مستقبل ۾ سياسي ڌريون پاڻ ۾ وڌيڪ ڌڙن ۾ ورهائجي سگهن ٿيون، صوبن ۾ اعتماد گهٽجي سگهي ٿو، ۽ وفاق جي وحدت تي سوال اٿي سگهن ٿا. سنڌ جو خوف بي بنياد ناهي. سنڌ تاريخ جو اهو باب به پڙهي چڪي آهي جنهن ۾ سندس وسيلن کي لوڙهيو ويو، سندس ماڳ ميساريا ويا، ۽ سندس ماڻهن کي ٻڌائڻ بدران حڪم ٻڌايا ويا. اڄ به ماڻهن جا سوال ساڳيا آهن: “اسان سان بنا صلاح مشوري جي ڪهڙا فيصلا ٿي رهيا آهن؟” “ڇا اسان کي ٻيهر قربان ڪرڻ لاءِ ميدان تيار ٿي رهيو آهي؟” نتيجو ڇا نڪرندو؟ ڪير ڄاڻي ٿو. پر هڪ ڳالهه واضح آهي: جيڪڏهن 28 ترميم وفاق کي مضبوط نه پر صوبن کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي وئي، ته پوءِ سنڌ ۾ سياسي گرمي وڌندي، قومي تحريڪون ٻيهر سر کڻنديون، ۽ ملڪ جي وحدت تي خطرا پيدا ٿي سگهن ٿا. تاريخ اڄ به ساڳيو سبق ڏئي ٿي: “جڏهن ڌرتي کي ٻڌائڻ وساري ڇڏيندا آهيو، تڏهن ڌرتي ڳالهائڻ شروع ڪندي آهي ۽ جڏهن ڌرتي ڳالهائي ٿي، ته تخت لرزي پوندا آهن..
0 تبصرے