ڏوڪري:پڦي سان گڏ تعلقي اسپتال دوا جي لاءِ آيل نينگري مبينا طور اغوا، وارثن جو احتجاج

ڏوڪري:پڦي سان گڏ تعلقي اسپتال دوا جي لاءِ آيل نينگري مبينا طور اغوا، وارثن جو احتجاج

ڏوڪري(اطهر ميمڻ ) ڏوڪريءَ جي بٺ شاخ پاڙي جي 12 سالہ افسانہ شيخ گذريل اسپتال دوا لاءِ وئي جتان مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي،نينگري جي بازيابي لاءِ سندس وارثن ۽ سماجي تنظيم پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.ڏوڪري جي جي بٺ شاخ پاڙي جي 12 سالہ نينگري افسانا جي مبينا طور اغوا خلاف سندس وارثن ۽ نوجوان سماجي سماجي اتحاد جي ڪارڪنن نينگري جي پيءُ امتياز شيخ، ارشاد ٻگھيو،عمير جوڻيجو،محمد بچل شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏوڪري پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو آهي.انهي موقعي تي نينگري جي پيءُ امتياز شيخ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل ڏينهن منهنجي نياڻي 12 سالہ افسانہ شيخ پنهنجي پڦي سان گڏ ڏوڪري جي تعلقي اسپتال مان دوا وٺڻ ويا ھئا.جتان منهنجي نياڻي لاپتا ٿي وئي آهي. ڪافي ڳولا باوجود بازياب ناهي ٿي.ھن چيو ته منهنجي نياڻي کي مبينا اغوا ڪيو ويو آهي، اسان اھڙو اطلاع ڏوڪري پوليس کي ڪيو آهي پر پوليس ھن وقت تائين ڪا به مدد ناهي ڪئي.ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نياڻي بازياب ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.