ڳوٺ گل محمد جوکيو ۾ قائم بوائز پرائمري اسڪول جي عمارت ڪيترن ئي سالن کان زبون حال بڻيل
ٺٽو (ڊ ر)جنگشاهي لڳ ڳوٺ گل محمد جوکيو ۾ قائم گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ڪيترن ئي سالن کان زبون حالت جو شڪار آهي، جنهن سبب تدريسي عمل سخت متاثر ٿي ويو آهي ۽ ٻارن جو تعليمي مستقبل خطري ۾ پئجي ويو آهي۔تفصيل موجب اسڪول جي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ سبب شاگرد سخت خوف ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته ڪنهن به وقت جاني نقصان جو انديشو پڻ موجود آهي۔ والدين مطابق عمارت جي زبون حالت سبب ڪيترائي والدين پنهنجن ٻارن کي اسڪول موڪلڻ کان لنوائن ٿا۔ڳوٺاڻن شھباز جوکيو، احسان جوکيو ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته اسڪول ۾ فقط هڪ هيڊ ماستر مقرر آهي، جيڪو اڪثر دير سان اچي ٿو ۽ پڙهائي جو عمل لڳاتار متاثر ٿي رهيو آهي، جنهن سبب اسان جا ٻار تعليم کان محروم ٿي رهيا آهن۔علائقي واسين جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ فرنيچر، صاف پاڻي، باتھ روم ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي شديد کوٽ آهي، جڏهن ته عمارت جي مرمت به فوري گهربل آهي۔ڳوٺاڻن وزير تعليم سنڌ سيد سردار شاهه، سيڪريٽري تعليم ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي حالت سڌارڻ، مرمت ڪرائڻ ۽ بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ فوري نوٽيس ورتو وڃي، ڇوتہ سندن ٻارن جو مستقبل ان سان سلهاڙيل آهي
0 تبصرے