ٺٽي ضلعي جي ڏورانهن علائقن ۾ موبائل ميڊيڪل اسپتالن جا يونٽ جاري

وڏي وزير صلاحڪار گيانچند ايسراڻي جي حڪم تي موبائيل ميڊيڪل اسپتالن جا يونٽ قائم

ٺٽي ضلعي جي ڏورانهن علائقن ۾ موبائل ميڊيڪل اسپتالن جا يونٽ جاري

ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي حيدرآباد ڊويزن جي جنرل سيڪريٽري ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي صلاحڪار گيان چند ايسراڻي صاحب جي حڪم ۽ انتظامن تحت ريهيبيليٽيشن ڊپارٽمينٽ پاران ٺٽي ضلع جي ڏورانهن علائقن ۾ موبائل ميڊيڪل اسپتالن جا يونٽ جاري آهن، جيڪي غريب ۽ مستحق ماڻهن جي دروازن تي علاج جون سهولتون پهچائي رهيا آهن۔آج يونين ڪائونسل ٽنڊو حافظ جي ڳوٺ شيخ سومار درگاهه تي هڪ روزه مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جتي علائقي جي مرد، عورت ۽ ٻارن جو چيڪ اپ ڪيو ويو، مختلف بيمارين جا مفت ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ دوائون پڻ مهيا ڪيون ويون۔هن موقعي تي علائقي جي عوام پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ضلعي انتظاميه جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو، جن جي سهڪار سان صحت جون سهولتون انهن جي علائقي تائين پهتيون آهن۔تنوار ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين شريف گل خاصخيلي ۽ سندن رضاڪارن جي ٽيم به ڳوٺن جي نشاندهي، مريضن جي رجسٽريشن ۽ ميڊيڪل سهولتن جي فراهمي ۾ سرگرم رهي۔ ٽيم خدمتِ خلق جي جذبي سان ڀرپور انداز ۾ عوام جي خدمت جاري رکي۔مقامي ماڻهن چيو ته اهڙيون فري ميڊيڪل ڪيمپون حقيقي طور غريب عوام لاءِ رحمت آهن، ڇو ته ڏورانهن علائقن ۾ اسپتالون ۽ ڊاڪٽر نه هجڻ سبب اڪثر ماڻهو علاج کان محروم رهن ٿا۔ علائقي واسين پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ گيان چند ايسراڻي صاحب کي خراجِ تحسين پيش ڪيو، جن جي اهتمام سان عوام تائين صحت جون سهولتون پهچي رهيون آهن۔