پ پ ايم اين اي صادق علي ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو ۽ ٻين سان گڏ سنڌو درياءَ جي بچاءَ بندن جو دورو ڪيو
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)قومي اسيمبلي ميمبر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي صدر صادق علي ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو، اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم، آبپاشي کاتي جي آفيسرن ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن سان گڏ سنڌو درياءَ جي حفاظتي بندن جو تفصيلي معائنو ڪيو. ھُن ٽنڊي حافظ شاهه، راجو نظاماڻي، سونڊا، هلايا ۽ علي بحر سميت مختلف هنڌن تي امڪاني ٻوڏ جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪيل انتظامن جو جائزو پڻ ورتو. آبپاشي کاتي جي آفيسرن حفاظتي بندن جي موجوده صورتحال ۽ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. ان موقعي تي صادق علي ميمڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو کين هدايت ڪئي ته بندن جي مسلسل نگراني سان گڏ سموري مشينري ۽ افرادي قوت کي هر وقت فعال رکيو وڃي ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي فوري طور تي منهن ڏئي سگهجي. قومي اسيمبلي جي ميمبر صادق علي ميمڻ ڪچي جي رهواسين ۽ مختلف علائقن جي معززين سان ملاقات ڪري سندن مسئلا ٻڌا ۽ ترجيحي بنيادن تي انهن جي حل جو يقين ڏياريو. هُن چيو ته سنڌ حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي ۽ امڪاني هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ سموريون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. هُن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي عوامي پارٽي آهي جيڪا ڪنهن به ڏکئي وقت ۾ پنهنجي ماڻهن کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ هر ممڪن تعاون ۽ مدد فراهم ڪئي ويندي. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جا اڳواڻ عبدالحميد سومرو، حاجي منور هيلايو، محمد سليم گندرو سميت ضلع ۽ يونين ڪائونسلن جا چونڊيل نمائندا پڻ ساڻس گڏ هئا.
0 تبصرے