نوشهروفيروز ۾ اديب، محقق ۽ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر گل مورو جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

گل مورو جو سنڌي ادبي سنگت ۾ ساهه هو. سنگت جو ڪٿي به ڪو پروگرام ٿيندو هو ته گل اتي پهريائين پهچندو هو: ايم ظفر تڳر

نوشهروفيروز ۾ اديب، محقق ۽ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر گل مورو جي چوٿين ورسي ملهائي وئي

نوشهرو فيروز(ڊر) سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي ضلع رابطا سيڪريٽري، اديب ۽ محقق ۽ پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي اڳوڻي صدر گل مورو جون ساروڻيون ياد ڪرڻ لاءِ چوٿين ورسي تقريب گل مورو هال پريس ڪلب نوشهرو فيروز ۾ ٿي، جنهن ۾ مرحوم جي ڀائرن، اولاد، اديبن، شاعرن ۽ سياسي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي سنگت جي ضلع رابطه سيڪريٽري ايم ظفر تڳر چيو ته گل مورو جو سنڌي ادبي سنگت ۾ ساهه هو. سنگت جو ڪٿي به ڪو پروگرام ٿيندو هو ته گل اتي پهريائين پهچندو هو. سنڌ جي اديبن جا ڏهاڙا کيس سدائين نه رڳو ياد هوندا هئا پر اهي ملهائيندو به هو. پريس ڪلب نوشهرو فيروز جي صدر محمد يونس راڄپر چيو ته گل مورو تاريخي پاڻي ڪانفرنس، ڪهاڻي ڪانفرنس کان سواءِ تمام وڏا پروگرام ڪرايا ان کان علاوه سندس سياسي جدوجهد ۽ صحافتي خدمتون پڻ ساراهه جوڳيون آهن. گل موري جي ڀاءُ محمد ڪامل مورو چيو ته دوست اثاثو هوندا آهن ڀاءُ جا دوست ڏسي سندس يادون اينديون آهن. گل گهڻ رخي شخصيت هو. سنڌي ادبي شاخ نوشهرو فيروز جي سيڪريٽري امجد ميمڻ چيو ته سنڌي ادبي سنگت جي باني دادا گوبند مالهي جي پهرين ورسي گل مورو ملهائي ۽ ماسٽر چندر جي گهر ۾ سندس ورسي پروگرام به ملهائيندڙ گل مورو ئي هو. ان موقعي تي ساگر يوسف منگي، خادم حسين مري، پريس ڪلب جي جنرل سيڪريٽري علي نواز سولنگي، مولابخش مشوري ۽ گل موري جي ڀائرن عبدالمجيد مورو، عبدالرحيم مورو، سندس پٽن صدام گل مورو، نعمان گل مورو، ڳوٺ سڌار سنگت نورپور جي صدر سردار اڪبر مورو، راحب خان مورو، افتخار احمد مورو ۽ ٻين گل موري جون ساروڻيون ساريندي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ گل بهار مري تقريب ۾ راشد مورائي جي شاعري ”دل جي ويران رڻ تي ڪڪر بانورا ٿورڙو ئي وسين هان ته ڇا ٿي ٿيئي“ ترنم ۾ ڳائي محفل مهڪائي ڇڏي.