ملير: ڳوٺ اسماعيل جوکيو جي پرائمري اسڪول جي ڇت ڪري پئي، شاگردن ۾ ڀاڄ

ملير: ڳوٺ اسماعيل جوکيو جي پرائمري اسڪول جي ڇت ڪري پئي، شاگردن ۾ ڀاڄ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بن قاسم قومي شاهراهه لڳ اسماعيل جوکيو ڳوٺ جي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون حالت سبب مڪمل طور تباھيءَ جي ڪناري تي پهچي وئي آهي. تازو برساتن کان پوءِ اسڪول جي ڪمزور ڪمرن جون ڇتيون ڪري پيون جنهن سبب شاگردن ۽استاد ۾ رڙيون ۽ ڀاڄ پئجي وئي علائقي واسين موجب اسڪول ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ آهي پر پراڻي ڪمزور عمارت آهستي آهستي ڊهي مڪمل طور تباهه ٿي وئي آهي اڳ به ڪيترائي ڀيرا ڪمرن جون ڇتيون ڪري پيون هيون جنهن ڪري شاگردن کي مجبور ٿي کليل آسمان هيٺ پڙهڻ پيو هاڻي به وقفي وقفي سان ڀتين ۽ ڇتين جا باقي ڪمرا به ڪرڻ لڳا آهن علائقي واسين تعليم کاتي جي عدم توجهه تي شديد غم ۽ غصو جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسڪول مڪمل طور برباد ٿي ويو آهي، پر اڃا تائين ڪو به ذميوار کاتو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ناهي