حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ھن ڀلاري ڀونءِ سنڌ امڙ جي ڪک مان ھميشه عظيم ڪردارن جنم ورتو آهي اھڙا عظيم ڪردار رکندڙ ماڻهن کي تاريخ ۾ ھميشه ياد رکيو ويندو آهي ۽ سنڌ ڌرتيءَ به وري اھڙن ڪردارن جي جنم تي ناز ڪندي آهي جيڪي پنهنجي ڌرتيءَ وطن۽ ڌرتيءَ جي ماڻهن سان سلهاڙيل رھندا آھن جيڪي پنھنجون خوشيون خواهشون ديس ء ديس جي ماروئڙن جي لاءِ وقف ڪري ڇڏيندا آهن انهن لکين انمول موتي جھڙن ماڻھن مان ڪامريڊ ڌڻيءَ بخش نوحاڻي به ھڪ ڪردار ھيو اھڙا عظيم ڪردارن مان ، جن لاءِ شايد شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه فرمايو آهي ته
جتان جڙيو جکرو تنهن مٽيء ڪونھي ملھ
اھڙو گوھر گل پاڻ ڌڻيءَ پيدا ڪيو
سنڌ ڌرتيءَ جي ھن لاڙ پٽي جي ڪلراٺي زمين تي آباد ڳوٺ پنھون نوحاڻي جي رھواسيء ميھار نوحاڻي جي گهر۾ 1964ع جنم وٺندڙ ڌڻيءَ بخش نوحاڻي جي زندگيءَ جي شروعات مال چارڻ سان ٿي ڇوته انھيءَ وقت نھري نظام نه ھيو زمين آباد نه ٿيندي ھئي صرف برساتن جي پاڻي تي پوکون ٿينديون هيون ماڻھن جي گذر سفر جو ذريعو مال متاع ھئو مالوند مارو ھئا پوءِ اڳتي ھلي نھري نظام متعارف ٿي ويو زمينون آباد ٿيڻ شروع ٿيون ته زمينداري شروع ٿي وئي ڌڻيءَ بخش نوحاڻي وڏي عمر جو ٿي نئين روشني واري نظام ذريعي پرائمري تعليم اسڪول حاجي الھبچايو سمون مان حاصل ڪئي گڏوگڏ سياست به شروع ڪئي ھاري ڪميٽي جي پليٽ فارم تان پوءِ اڳتي هلي عوامي نيشنل پارٽيءَ ٺھيء ان ۾ رھيو انھيءَ کان پوءِ شھيد محمد فاضل راهو ۽ رسول بخش پليجو عوامي تحريڪ جو بنياد وڌو ته انهن جي ئي سٿ جو ساٿي ھيو ته انهن سان ئي گڏ عوامي تحريڪ ۾ شامل رهيو صرف ڪجھ عرصو عوامي تحريڪ کان ڪنارا ڪشي ڪئي ھئي ۽ انھيءَ جي دوران ھن پنھنجي ھڪ سماجي تنظيم ، سماج سڌار نوجوان ونگ جو بنياد رکيو انھيءَ جو آئين منشور تيار ڪرائي ڇپرايو ويو رجسٽريشن ڪرائي مختلف پروگرامن ڪرايا ويا پر پوءِ اھا تنظيم ڪامياب نه ٿي ۽ پاڻ وري عوامي تحريڪ جو حصو بڻجي ويو جيڪو رشتو پوءِ زندگيءَ ڀر قائم۽ دائم رھيو ھن وقت به سندس اولاد سندس نقش قدم تي هلندي عوامي تحريڪ سان لاڳاپيل آهي
ڌڻيءَ بخش جنهن به ماڻهو سان ملندو ھئو ته پيار خلوص دل سان ملڻ وقت کيس ٻارڙو چئي مخاطب ٿيندي ھئو اھوئي سبب ھو جو بعد۾ ٻين کي ٻارڙو چوندي چوندي خود ئي ٻارڙو بڻجي ويو پوءِ ھر ھڪ ماڻھوءَ کيس ٻارڙو چوڻ لڳو ۽ وري سياسي ميدان۾ ھميشه سرگرم عمل رهيو ھر اشوز تي سياست ڪيائين پر رواجي ڪمپرومائيز سياست بلڪل نه بلڪل صاف سٿريء بااخلاق سياست ڪيائين جنهن سبب سياسي ميدان۾وري ڪامريڊ طور مشهور ٿي ويو جيڪو آخري وقت تائين رھيو ماڻھو ته وڏا وڏا سياستدان ٿي گذريا آهن پر ڪامريڊ ڌڻيءَ بخش جي سياست ضرورت مطابق ھوندي ھئي جتي سياست جي ضرورت هوندي ھئي اتي سياست ڪندو هو نه برداري۾ معزز به ٿي ويندو هو ته وري ننڍو ٻار بڻجي ويندو ھيو سماجي خدمتن۾به شامل رهيو مطلب ته عوام سان جڙيل رهيو هو جيڪو جتي جڙندو ھو انھيءَ کي اتي جوڙي رکندو هو ڌڻيءَ بخش ھڪ جوڙيندڙ جو جستجو ڪندڙ سياسي ڪارڪن ھو گڏوگڏ ڌڻيءَ بخش نوحاڻي ھڪ نيھن نڀائڻ وچن ورجائڻ جو عھد وفا ھيو ھوء انسانيت سان پيار محبت ڪندڙ عظيم انسان ھيو جڏھن انسانيت سان پيار محبت ڪندڙ ماڻهو جو وجود ھجي ۽ انھيءَ وجود۾وري حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ رحه جو عشق نه ھجي اھو ڀلا ٿي سگهي ٿو ھوء شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پارکو ھيو ھن جي انسانيت سان پيار ۾ ڀٽائيءَ جو ڪلام شامل ھيو ڌڻيءَ بخش سان نجي ڪچهري ھجي يا ادبي رھاڻ ھجي يا سياسي گڏجاڻي ھجي يا جلسو يا ريلي ھجي يا بک هڙتال ھجي انھيءَ ۾ ڌڻيءَ بخش ھجي ۽ لطيف سائينءَ جي شاعريءَ نه ھجي ته پوءِ اھيو سچ ٿي ئي نه ٿو سگهي ڪامريڊ ڌڻيءَ بخش نوحاڻي ھر محفل جي رونق ھيو ڪامريڊ ڌڻيءَ بخش سياسي سماجي ادبي ڪمن۾سدائين سرگرم رهيو ھوء آيم آر ڊي تحريڪ دوران آمريت کي للڪاريندي جدوجهد جي دوران سينٽرل جيل حيدرآباد۾ به قيد رھيو ضياءُ الحق جي مارشلا جي خلاف جدوجھد ڪيائين سرگرم ڪارڪن رهيو انھيءَ کان علاوه ون يونٽ ووٽر لسٽون سنڌيءَ۾ ڇپرايو نيلام بند ڪريو مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيارڻ صحافين جي تحريڪ جھموريت جي بحاليءَ جي تحريڪ
کان ويندي ڪالاباغ ڊيم گريٽر ٿل ڪئنال جي خلاف جدوجھدن ۾ سندس اھم ڪردار رهيو آهي انھيءَ کان علاوه جيڪي به تحريڪون ھليون ڌڻي بخش نوحاڻي انھيءَ تحريڪ۾ سڀني کان اڳڀرو رهيو هو لوڪل سطح جي تحريڪن ۾ اھم ڪردار ادا ڪيائين تحريڪن جي دوران ڪافي دفعا گرفتار ٿي جيل ڀوڳيو پاڻ سب جيل بدين سينٽرل جيل حيدرآباد نارا جيل حيدرآباد ۾ قيد رھيو باقي ٿوري وقت جي لاءِ ته ٿاڻن جي لاڪپ۾رھڻ جو ڪاتو ڪونھي عوامي تحريڪ جي ھر جدوجهد۾ حصو ورتائين ھڪڙي ننڍڙي گڏجاڻي کان ويندي وڏن وڏن جلسن تائين ريلين مظاھرن بک هڙتالن کان لانگ مارچن تائين ھر سڏ۾ سڏ ڏنائين بقول لطيف سائينءَ جي ته
ڏوٿي سا ڏورين جا جُوءِ سئي نه ٻڌي
پاسا مٿي پاھڻين کاھوڙِي نه کوڙين
وڄا ات ووڙين جت نھايت ناھ ڪا
ائين ڪامريڊ ڌڻيءَ بخش نوحاڻي ھڪ سياسي ڪارڪن سان گڏ سماجي ادبي انساني حقن جي حاصلات لاءِ جاکوڙيندڙ عوامي آواز بلند ڪندڙ ڪارڪن ھيو ھوء وفاداري سچائيءَ جو هڪ آعلي مثال ھيو مون کي ڪجھ وقت ساڻس گڏجي سياسي سماجي ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو پر مون ڪامريڊ ڌڻيءَ بخش نوحاڻي ۾ ڪافي اھڙيون ڳالھيون ڏٺيون جيڪي ڪجهه بااصول ڪردارن ۾ ھونديون آھن بقول شاھ سائين جي ته
مون سي ڏٺا ماءُ جنين ڏٺو پرينءَ کي
تني سندي ڪاءِ ڪري نه سگھان ڳالھڙِي
ڪامريڊ ڌڻيءَ بخش نوحاڻي ھڪ ڳالهه ته ھوء ھر ڳالھ کي پنهنجي پنهنجي نظر سان ڏسندو هو برداري رشتا برداري حساب سان ھلائيندو ھو سماجي ادبي رشتا پاڙيسري جا انھيءَ حساب سان ھلائيندو ھو ۽ ھوء سياسي رشتا سياسي حوالي سان ھلائيندو ھو ھر واسطي کي ھر رشتي کي سياست جي ور نه چاڙھيندو ھئو سنگت ساٿ کي سڀني رشتن کان بالاتر رکندو هيو ڌڻيءَ بخش نوحاڻي ھڪ بھادر بيباڪ ڪردار ھيو انھيءَ جا کوڙ سارا مثال آهن ھوء جيل۾يا ٿاڻي۾يا ڪنهن وڏيري سردار جي سامھون جھڪيو ڪونه ھوء مزاحمت ڪندو ئي وڏيرن سردارن جاگيردارن سرمائيدارن ھئو آواز بلند جيل ء ٿاڻن۾ ڪندڙ سياسي ڪارڪن ھيو
ن ته اڪثر ڪري وڏا وڏا سياسي ماڻھو به وڏيرن سردارن جاگيردارن سرمائيدارن جي اڳيان جھڪيل ھوندا آھن ء پوءِ پرپٺ وري وڏيون ڊاڙون ٻٽاڪون هڻندا آهن ڌڻيءَ بخش ھڪ ڳالهه ھڪ ڪردار ھيو جڏھن نام نهاد سردارن وڏيرن گڏجي ساڻس زرعي زمين جي مسئلي تي ويڙھ ڪئي گرفتار ڪرايو ويو ڪيترائي ڪيس داخل ڪرايا ويا پر ھن لاڙ ۾ عدالتي نظام جي ذريعي اھڙي مزاحمت ڪئي جو ھڪ مثال بڻجي ويو جڏهن قانون جي ذريعي کيس جھڪائي نه سگھيا ته پوءِ انتھائي ڪريل ڪندي سندس گهر تي حملو ڪرايو ويو انهن اھوئي سوچيو ته ھوءَ خوفزده ٿي ويندو ۽ اسان کيس جھڪائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين پر ٿيو ته اھو ئي جيڪو شايد خدا کي منظور ھئو جنهن ڌڻيءَ بخش نوحاڻي جي زندگيءَ ۾جھڪڻ لکيو ئي ڪونه هو مون کي ياد آهي ته ھڪ دفعو گولاڙچي شهر ۾ امن ڪميٽي جي پاران ڏوھن جي خلاف مظاهرو ڪيو پئي ويو ته اتي جي ڪجھ شرپسندن ماڻهن جي ذريعي احتجاج نه ڪرڻ جو پيغام موڪليو ڪيترائي سياسي ڪارڪن ٻڏتر جو شڪار ٿي ويا هئا ته ڪو نقصان ٿي سگهي ٿو ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش اچي سگهي ٿو احتجاج نه ڪجي ته اتي ڌڻيءَ بخش موقف اختيار ڪيو ھئو ته احتجاج به ڏوھارين جي خلاف ڪجي ۽ فرمائش به انهن جي ئي ھلجي احتجاج ھر ضرورت ڪرڻ گهرجي پوء جيڪو ٿيو ڏسي وٺبو باقي ھونئن به مرڻ جو ھڪ ڏينھن مقرر آهي احتجاج جھموري حق آهي پوءِ اھو احتجاج ڪري نه جھڪڻ جو واضع پيغام ڏنو ويو اھڙا کوڙ سارا مثال آهن جن جي بنياد تي ڪامريڊ ڌڻيءَ بخش نوحاڻي کي اصول پسند بيباڪ ڪردار وفاداري جو مثال قائم ڪري ويو آهي پر سندس نه جھڪڻ جي ڪردار تاريخ رقم ڪئي آهي اھڙا بھادر بيباڪ ماڻهو صدين۾ جنم وٺندا آهن ائين وقت جي وھڪرن ۾ زندگيءَ به واري جي مٺ جيان آهي ائين ھي ھڪ عظيم ڪردار ڪامريڊ ڌڻيءَ بخش نوحاڻي 60 سٺ سالن جي ڄمار ۾ جگر جي بيماري سبب تاريخ 3 سيپٽمبر2024 ٻه ھزار چويھ۾ اسان سنڌ واسين کان جسماني طور تي ھميشه جي لاءِ وڇڙي وڃي مالڪ حقيقي سان مليو ڪامريڊ ڌڻيءَ بخش نوحاڻي جسماني طور تي ته وڇڙي ويو پر روحاني طور نظرياتي طور اڄ به اسان سان گڏ آهي ڌڻيءَ بخش نوحاڻي جو وفاداري سچائيءَ بھادري جو نظريو اسان جي سوچن۾سمائجي ويو آهي جنهن تي ھلندي انشاءالله ڪاميابي يقيني آهي ڌڻيءَ بخش نوحاڻي جي وچوڙي کي ھڪ سال جو ھر پل گھاء ڏيندڙ وقت گذري چڪو آهي پر سندس وچوڙي جو غم سندس ساٿين خاندان سميت سڄي سنڌ جي عوام جو جيء جھوريءَ رهيو آهي اڄ اسان کيس سرخ سلام پيش ڪيون ٿا۽ سندس عظمت جرئت بهادري کي سلام پيش ڪيون ٿا.
0 تبصرے