English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌو درياءَ تي ٺٽو-سجاول پل وٽ قائم ڪوسٽ گارڊ جي عارضي چيڪ پوسٽ تي وڏي ڪارروائي
70 views
|
01st Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنيپ چيڪنگ دوران ٽرڪ مان وڏي مقدار ۾ غيرقانوني سپاري هٿ ڪري هڪ ڄڻو کي حراست ۾ ورتو ويو: ڪوسٽ گارڊ عملو
ٺٽو (شفيق ڀٽي) درياءِ سنڌ تي ٺٽو-سجاول پل وٽ قائم ڪوسٽ گارڊ جي عارضي چيڪ پوسٽ تي وڏي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي، جنهن دوران اسمگلنگ جي هڪ وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي وئي۔ سنيپ چيڪنگ دوران ٽرڪ مان وڏي مقدار ۾ غيرقانوني سپاري هٿ آئي، جڏهن ته ٽرڪ ۽ هڪ شڪي شخص کي به حراست ۾ ورتو ويو۔ڪوسٽ گارڊ جي ترجمان مطابق خفيه اطلاع تي ڪراچي کان سجاول ويندڙ ٽرڪ نمبر AE-1966 کي روڪيو ويو، جنهن جي تلاشي دوران آٽي جي ٿيلن ۾ لڪل اسمگل ٿيل سپاري هٿ آئي۔ ڳجهي طريقي سان رکيل 100 کان وڌيڪ ٿيلن مان ڀريل سپاري جا ٿيلها برآمد ڪيا ويا، جن جي مارڪيٽ ۾ وڏي ماليت ٻڌائي پئي وڃي۔ڪوسٽ گارڊ موجب گرفتار ڪيل شڪي شخص کي وڌيڪ جاچ لاءِ لاڳاپيل اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سپاري جي اصل مالڪ ۽ نيٽ ورڪ تائين پهچڻ لاءِ جاچ جاري آهي۔ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪوسٽ گارڊ طرفان منشيَات، غيرقانوني واپار ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ آپريشن جاري آهن ۽ اهڙن عنصرن خلاف بنا ڪنهن فرق جي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
31st Jan 2026
•
تازہ ترین
کراچی بدامنی کی لپیٹ میں، شہر سب سے زیادہ غیر محفوظ ہو چکا ہے: امیرِ جماعتِ اسلامی
31st Jan 2026
•
دنیا
ایران کے شہر بندر عباس میں زوردار دھماکا، آٹھ منزلہ عمارت کے دو فلور زمین بوس
31st Jan 2026
•
شوبز
خاقان شاہنواز اور سبینہ سید رشتۂ ازدواج میں منسلک، نکاح کی تصاویر وائرل
31st Jan 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں دہشتگردی کو کاری ضرب، سیکیورٹی فورسز کا فیصلہ کن ردِعمل، 108 دہشتگرد ہلاک، 10 جوان شہید
31st Jan 2026
•
تازہ ترین
کراچی بدامنی کی لپیٹ میں، شہر سب سے زیادہ غیر محفوظ ہو چکا ہے: امیرِ جماعتِ اسلامی
31st Jan 2026
•
دنیا
ایران کے شہر بندر عباس میں زوردار دھماکا، آٹھ منزلہ عمارت کے دو فلور زمین بوس
31st Jan 2026
•
شوبز
خاقان شاہنواز اور سبینہ سید رشتۂ ازدواج میں منسلک، نکاح کی تصاویر وائرل
31st Jan 2026
•
تازہ ترین
بلوچستان میں دہشتگردی کو کاری ضرب، سیکیورٹی فورسز کا فیصلہ کن ردِعمل، 108 دہشتگرد ہلاک، 10 جوان شہید
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو
درياءِ سنڌ تي ٺٽو-سجاول پل
0 تبصرے