انسان جا انسانيت کي لڄائيندڙ عمل ۽ قدرتي آفتون

وفا سانوڻ نوحاڻي, ڪڙيوگھنور

انسان جا انسانيت کي لڄائيندڙ عمل ۽ قدرتي آفتون

اسان تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسنداسين ته جتي ظلم بربريت وحشيت جبر جو جھان جڙيل ھوندو آھي جتي بي حيائي عروج تي تي ويندي آهي جتي انساني حقوق غضب ڪيا ويندا آهن جتي حق ء سچ جو آواز بلند ڪرڻ جي بجاءِ ظلم بربريت وحشيت جي پاسداري ڪئي ويندي آهي جتي اسلام جي روح جي خلاف شرمناڪ حرڪتون ڪندي مسلمان فخر محسوس ڪندا آهن ته پوءِ اتي اخر ڪار عذاب الاهي نازل ٿي ويندو آهي پوءِ اھو عذاب ھر دور۾ نئين روپ۾ نازل تيندو آهي پوءِ عذاب الاهي سان دنيا لرزي ويندي آهي پوءِ خدا جي خدائي جي سامھون سموري دنيا دنگ رهجي ويندي آهي پوءِ زلزلا ايندا ھجن يا برساتي ٻوڏن اچن يا باھ جا عذاب ايندا ھجن يا پٿرن جي برسات وسندي آهي ائين رب پاڪ جي رحمت زحمت بڻجي ويندي آهي جتي دنيا جي ظلم بربريت وحشيت دھشت جي انتھا ٿيندي آهي ته پوءِ اتان کان ئي قھر خدائي شروع ٿي ويندو آهي انساني زندگيءَ جي سھولتن جي لاءِ جڙيل بنگلا ماڙيون محل گاڏيون عذاب الاهي جو روپ اختيار ڪري وينديون آهن ھن وقت توھان ڏسندا ته جيڪو ظلم بربريت وحشيت دھشت جبر جي ڏيھ جا ڏينهن روزاني فلسطينين تي قيامت برپا ڪري چڪا آهن جيڪا قيامت ھنن وحشين ظالم حڪمرانن جي طرفان نازل ٿيل آهي ته پوءِ لازمي انھيءَ قيامت برپا ڪندڙ يھودين۽ انھن جي لاءِ دنيا۾ ڪم ڪندڙن جي خلاف آسمانن مان تباهيءَ جا منظر ڏسڻ جي لاءِ ته ضرور ملندا جئين آمريڪا۾ لڳل باھ جا شعلا دنيا ڏسي رهي هئي يا ٻوڏ جا منظر ڏسندي رهي ۽ اھڙا کوڙ رڪارڊ جڙيل آھن تازو جڏهن ته پاڪستان ھڪ اسلامي جمهوريه رياست آهي پر انھيءَ ۾ ھڪڙو طاقتور طبقو آهي ٻيو سرمائيداري طبقو آهي يا ڪافي اھڙا طبقا آهن جن جا ڪردار عمل انتهائي شرمناڪ ھوندا آھن ھتي ٻه 2 نمبري عروج تي آهي ھتي وياج جھڙو ڪڌو ڪاروبار سري عام ھلندڙ آھي ھتي مظلومن جي حقن تي ڌاڙا ظالم ھڻندا آھن ھتي سرداري جي روپ۾وڏي مظلومن سان رھزني ڪئي ويندي آهي ھتي نياڻين جا سڱ چٽيءَ۾ڏنا وڃن ٿا ھتي معصوم نياڻين کي ڪارنھن جي داغ ھڻي بي درديءَ سان ڪٺو ويندو آهي ھتي نياڻين جون عزتون لٽيون وينديون آهن ھتي ديني درسگاهن۾ معصوم شاگردن سان زنائون ڪيون وينديون آهن ھتي رشوت ڪرپشن جو عروج آهي ھتي شھرن بازارن کان ويندي ٻھراڙين مان بي ايماني جو راڄ آهي ھتي ھر شيء ۾ ملاوٽ ڪئي وڃي ٿي ھتي نج زھر به ناهي ملندو ايتري ايمانداري سان اسان جڙيل آھيون ھتي ڊاڪٽر صاحب به مريضن جي علاج لاءِ دوائون ڪمپنين جي فرمائشن تي لکندا آهن اڙي اڃا ڪير چئي ٿو ته اسان ۾ احساس ناهي ھتي ته قدرتي آفتن جي دوران لاشن جي لاءِ ملندڙ ڪفن به سفارشن تي ملندا آهن يا نه بازارن۾وڪرو ڪيا ويندا آهن ڇو ته اسان مسلمان آهيون اسان جو ڪردار پوري انسانيت جي لاءِ راھ ھوندو آھي ء اسان جيڪڏهن حج جي سعادت حاصل ڪرڻ ويندا آھيون ته انھيءَ جا سمورا فرض وساري پوءِ ويندا آھيون واپس اچي الائي ڇو دلين مان رحم خدائي خوف وساري ويھندا آھيون ء اسان جي دليون انسانيت کان خالي بڻجي وينديون آهن نه رڳو ايترو ئي اسان راضي رھندا آھيون پر جيڪڏهن اسان غريب آهيون مسڪين آھيون ته پوءِ به ھڪڙا ڪم ڪفر جا پيا ڪنداسين شرڪ ء شيطان جي طرفداري جا درس پيا ڏينداسين يا نه ڪوڙ ڳالهائڻ منافقي ڪري پاڻ کي معتبر ثابت ڪرڻ جا جتن پيا ڪنداسين يا وري ڪجھه به نه ڪرڻ جي صلاحيت سگھ ھوندي ته به ھڪٻئي جي گلا ڪري پاڻ تي فخر پيا محسوس ڪنداسين ڪوڙ ڳالھائڻ۾ مھارت حاصل ھوندي واپار ۾ يا ڪنهن به موڙ تي ڪوڙا قسم کڻي وينداسين ملاوٽ ڪنداسين سماجي برايون ڪنداسين شراب جھڙو انسانيت کي لڄائيندڙ نشو گھر گھر ۾ ڦلھيل آهي ننڍ وڏائي ختم ٿي چڪي آهي برزگن جي عزت احترام ناھي رهيو ڀاء پئسن خاطر ڀاءُ کي قتل ڪري رهيا آهن اولاد ماءُ پيءُ جو خون وهائي رهيو آهي انسانيت جو خون سستو ٿي ويو آهي عزيزن رشتيدارن سان زنائون ڪري رهيا آهن ھر طرف ھر طرح جي وحشيت جو راڄ آهي ء ھا پوءِ جڏهن انساني زندگيءَ بي حيائي جي منزل بڻيل ھجي ته پوءِ اسان الله پاڪ مان ھر روز رحمت جي اميد رکون ۽ پنهنجي پاڻ تي نظر ئي نه وجھون ته پوءِ اھيو به ناانصافي م شمار ٿئي ٿو ء جڏهن اسان ايتريون غلطيون ڪيون ايترن گناھن ۾ غرق ھجون پوءِ به الله پاڪ جي در تي سجدا ڪري توبھ ڪرڻ کان غافل بڻجي وڃون گناھ ڪري انھيءَ تي فخر محسوس ڪندا ڪريون ته پوءِ قدرتي آفتون ته ضرور اسان جي ملڪ۾اينديون جئين تازو گلگت بلتستان ڪي پي ڪي ۾ جيڪا رب پاڪ جي رحمت اتي جي ماڻهن تي قيامت بڻجي ڪڙڪي آهي اھا ھڪ جھلڪ آهي ڇا جتي جتي ھي قدرتي آفتون آيون آهن اتي اتي جي عوام ٿورو سوچيو غور ويچار ڪيو آهي ته اتي ڪھڙا ڪھڙا ڪارناما سرانجام تي رھيا ھئا ڪئين ايڏا وزني پٿر وڻن جي پنن جيان تري محلن ماڙين گاڏين جي مٿان ڪڙڪي پيا ھئا بنگلا ماڙيون محل گاڏيون سندس زندگيون داءُ تي لڳائي رھيون ھيون سندس سڪون جي لاءِ استعمال ٿيندڙ شيون سندن ئي زندگيون ختم ڪري رھيون ھيون انھيءَ کي ته عذاب الاهي چيو ويندو آهي جيڪو تاريخ۾ پڙهڻ سان ملي سگهي ٿو اڄ جيڪي اسان جا ڀائر ھن تڪليفون ڏٺيون آهن۽ انھن مان گذري رھيا آھن يا جيڪي پنهنجي پيارن عزيزن رشتيدارن کان وڇڙي ويا آهن انهن جي لاءِ دلي ھمدريون آهن انهن جو افسوس آهي انهن جي ٿيل نقصانن جو ڏک آهي پر اسان کي اھڙين قدرتي آفتن مان سبق حاصل ڪري پنهنجي منزلن کي سڌي واٽ ڏانھن ھدايت جي تابعداري ڪرڻ گهرجي اسان کي پنھنجي اندر مان ڪارڻ جا داغ لاھي صاف سٿرو رکڻ گهرجي اسان ھڪ عظيم مسلمانن جي ملڪ جا ذميوار شھري آھيون اسان دين اسلام جھڙي عظيم دين سان تعلق رکندڙ آھيون اسان کي زندگيءَ انھيءَ جي مطابق گذارڻ گھرجي نه ڪي يورپ جي طرح، اسان کي سوچڻ گهرجي ته اسان ڪجهه انسانن جي ظلمن وحشتن بربريت سميت بدڪارين گناھن جون ڪيترو پوري انسانيت کي ڀوڳڻو پوندو آهي جڏهن به قدرتي آفتون آيون آهن ته اتي جي عوام جو ڪردار تي ضرور سوچڻ گهرجي ويچارن گھرجي اسان وٽ ته واٽ ئي الٽي آھي ھر شيءِ سياست سان جڙي وئي آهي زندگيءَ کان موت تائين خوشي کان غمي تائين رليف کان پنھنجا نوازي تائين بس سياست کيڏي ويندي آهي جيڪو حقيقتن سان ظلم آهي حقيقت سياست۾لڪائي ويندي آهي ھي جيڪي قدرتي آفتون انسانن تي نازل ٿي رھيون آھن انھن م انساني عملن ڪردارن پرڪارن جي عملن جو نتيجو آهي جڏهن مسلمانن جا ڪم انسانيت کي لڄائيندڙ ھوندا انسانيت تي داغ بڻجي ويندا ته پوءِ قدرتي آفتون انسانن تي نازل تينديون رھنديون بس انسانن کي الله پاڪ سڌي راھ تي ھلڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ھر قدرتي آفتن کان محفوظ رکي 💔 آمين ثم آمين