صرف سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ڪٽوتي ڇا لاء....!

قاضي وحيد

صرف سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ڪٽوتي ڇا لاء....!

هڪ وقت هيو جڏهن سرڪاري ملازم جو ايڏو خيال ادب احترام ڪيو ويندو هيو جو دفتر آفيس ۾ پهچڻ شرط ئي آفيس ايڊمنسٽريشن انتظاميه سان ڳالهائڻ لاءِ وڏي ۾ وڏا سياستدان ٽائيم وقت وٺي پوءِ انهن جي راء خيال ۽ توجهه مطابق ٻئي ڳالهه ڪندا هئا، اڄ بدقسمتيءَ سان سياستدان حڪمران پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ هر اهو عمل ڪرڻ لاءِ تيار بيٺو نظر اچي رهيو آهي جنهن سان عوام جو نقصان ٿي رهيو آهي. هي ڳالهه انهن اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل حڪمرانن کي سمجهه ۾ ڇو نه پئي اچي ته اقتدار اچڻو وڃڻو آهي پر هي عزت، شان شوڪت عوام جو لڳاءُ هميشه رهڻو آهي، جيڪڏهن اڄ پاڪستان جي چئني صوبن پنجاب، بلوچستان، خَیبر پختونخوا مان صرف سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي پينشن جي ڪٽوتي ڪري گهٽائڻ لاءِ نادر شاهي حڪم ناما سمجهه کان ٻاهر ۽ حيرت انگيز پڻ آهن، پاڪستان جي آئين ۽ قانون ۾ سرڪاري ملازمن جو مڪمل تحفظ آهي پر هن وقت سنڌ جي سرڪاري ملازمن مٿان لامارا ڏيندڙ نت نوان سرڪاري ملازم دشمن نوٽيفڪيشن پڌرا ڪري ڇا پاڪستان جي قانون ۽ آئين سان مذاق نٿو ڪيو وڃي، هي رڳو سنڌ جي يونيورسٽين، ڪاليجن، اسڪولن جي استادن جو ئي مسئلو ناهي بلڪ هي پوليس ڊپارٽمينٽ سان گڏ ڪلارڪن ، چوڪيدارن ،پٽيوالن ، آفيس سپريٽنڊنٽ ، هيڊ ڪلارڪ کان نون سترهن گريڊ جي ڪميشن پاس استادن سان گڏ ليڊي هيلٿ ورڪرز ڊاڪٽرن، پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ، ميونسپل ڪارپوريشن، ضلع ڪائونسل، ڊي ايڇ او ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيس، پوليس کاتي جي عام سپاهي، پوليس اهلڪار ، جمعدار، اي ايس آء، ڊي ايس پي، ايس ايس پي، ڊي آء جي پوليس، آء جي پوليس آفيسر پهرين گريڊ کان 22 گريڊ جي ننڍي کان ننڍي ملازم کان ويندي وڏي ملازم جي پينشن جي مٿان راتاهو لڳايو پيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ سرڪاري ملازمن ٽيچرس، پيرا ميڊيڪل اسٽاف، آپڪا، ايجوڪيشن لوئر اسٽاف، گواس سميت مختلف سرڪاري ادارن جي ملازمن طرفان سنڌ حڪومت جي پينشن اصلاحات واري ڪاري قانون خلاف ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي هٿن ۾ بئنر، پلي ڪارڊ ۽ ڪارا جهنڊا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍيون ويون آهن. جنهن جي اڳواڻي پ ٽ الف جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري مختيار علي سولنگي، ڊويزنل صدر لاڙڪاڻو محمد اسلم ديدڙ، ضلع صدر اشفاق احمد ڌامراھ، ارشاد علي تنيو، علي شير جتوئي، غلام الله سانگي، وحيد احمد ابڙو ، افشان ابڙو ، آسيه سولنگي ،شمائلہ مشوري ۽ ٻين جو چوڻ هو ته سنڌ جي استادن سميت سرڪاري ملازمن کي صوبائي حڪومت جائز حق نه ٿي ڏي، ويتر ملازم دشمن پاليسيون آڻي سنڌ جي استادن ۽ ملازمن سان وڏي ويڌن ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ سنڌ حڪومت طرفان تازو پينشن اصلاحات جو ڪارو قانون پڻ آندو ويو آهي، جنهن تحت سرڪاري ملازمن کي رٽائرمينٽ وقت ملندڙ پينشن 63.5 سيڪڙو مان 47.5 سيڪڙو گهٽائي صرف 15 سيڪڙو ڏيڻ جو فيصلو ڪري سنڌ حڪومت ۽ فنانس کاتي پاران حڪم نامو جاري ڪيو ويو آهي، سنڌ حڪومت جو اهڙو فيصلو سنڌ جي سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل عام آهي، اسان سنڌ حڪومت جي پينشن واري ڪاري قانون کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين، استادن سميت سنڌ جا سرڪاري ملازم ان ڪاري قانون خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن ۽ هن احتجاج کي اڃان به گهڻو وڌايو ويندو، حڪمران هوش کان ڪم وٺن، اڄوڪي احتجاج ۾ مختلف سرڪاري تنظيمن جي ملازمن ڀرپور نموني شرڪت ڪري ملازم جي ٻڌي جو ثبوت ڏنو آهي. اسان مطالبو ڪيون ٿا ته سنڌ حڪومت جي پينشن اصلاحات واري ڪاري قانون کي فوري طور ختم ڪري استادن سميت سنڌ جي مختلف سرڪاري کاتن جي ملازمن مان بيچئني ختم ڪئي وڃي ۽ استادن کي سروس اسٽرڪچر ڏنو وڃي، ڊي آر اي ۽ پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، رٽائرمينٽ وقت سرڪاري ملازمن کي گروپ انشورنس ۽ بينووئلنٽ فنڊ ادا ڪرڻ سميت استادن ۽ سرڪاري ملازمن جا سمورا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ سنڌ جا سمورا سرڪاري ملازم سنڌ امپلائيز الائونس طرفان 25 آگسٽ سومر جي ڏينهن اعلانيل احتجاج جي سڏ تي سمورا سرڪاري ادارا بند ڪيا ويندا. اهڙي طرح لاڙڪاڻي ۾ هزارين مردن ۽ عورتن سرڪاري ملازمن پينشن گهٽائڻ واري سنڌ حڪومت جي نادر شاهي حڪم خلاف نٽھڻ اس ۽ ٻوسٽ واري سخت گرمي ۾ هڪ وڏو احتجاجي جلوس ڪڍي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندا پريس ڪلب وٽ پهتا ، پريس ڪلب وٽ پهچي احتجاجي ڌرڻو لڳايو ويو ۽ چيو ته سنڌ جي سمورن سرڪاري جونئير توڙي سينئير سان گڏ رٽائرڊ ملازمن سان ماٽيلي ماء وارو رويو رکي سرڪاري ملازمن جي پينشن رولز اصلاحات جي نالي ۾ سراسر ٻه اکيائي ڪندي انهن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي جيڪو نه صرف لکين سرڪاري ملازمن پر انهن جي خاندانن فيمليز جي معاشي تباهي جو واضع پيغام آهي، اڄ سنڌ جا لکين سرڪاري ملازم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي ملازم دوست مشن فلسفي سان ٿيل ٻه اکيائي تي ۽ عوامي ويزن جي ٻٽي معيار تي رنجيده ۽ شديد ڏکايل آهن، ڇاڪاڻ ته شهيدن جي پاڪستان پيپلزپارٽي هجي ۽ سرڪاري ملازمن مٿان راتاهو لڳي اهو نه صرف شهيدن جي پارٽي جي ساک متاثر ڪري رهيو آهي پر سنڌ جي لکين خاندانن جو معاشي قتل عام جو پروانو آهي، حڪمران ياد ڪن ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن سان گڏ پينشن ۾ بد نظر اکيون وجهندڙ پنهنجي سياسي مستقبل کي هميشه لاءِ دفن ڪري رهيا آهن. سنڌ جي سرڪاري ملازمن جي 42 ڊپارٽمينٽن کاتن جي ملازمن کي معاشي طور پوئتي ڪندڙ حڪمران هڪ دفعو وري سوچين ته اهي ڪنهن فرد سان نه پر لکين ملازمن جو کليل قتل ڪري رهيا آهن ۽ اهو پينشن جي ڪٽوتي ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺن نه ته هڪ ڊگهي جدوجهد تحريڪ هلائڻ لاءِ سرڪاري ملازم ميدان عمل ۾ هوندا، ملازم استاد اڳواڻن واضع ڪيو ته سرڪاري ملازم هن رياست جو اهم ٿنڀ آهن جيڪڏهن انهن لکين ملازمن جو ذهني ٽارچر ڪندي توهان خوش رهڻ ۽ پنهنجي اقتدار کي ناجائز انداز ۾ ڊيگهه ڏيڻ چاهيو ٿا ته اها توهان جي عظيم غلطي ۽ ڀل آهي. ڇاڪاڻ ته رياست ماء جي برابر هوندي آهي ۽ جيجل ماء پنهنجي اولاد ٻچڙن جو هر طرح جو خيال ڪندي جيء جيء ويندي آهي. جيڪڏهن حڪمران ڪنهن ڊڪٽيشن يا اشاري تي اهڙي ملازم دشمن پاليسي لاهيندا ته يقينن لکين ملازم ۽ انهن جا مٽ مائٽ، رشتيدار، دوست احباب لکن جي تعداد عوام آمريتي ڏاڍ جبر بربريت خلاف روڊن رستن تي سراپا احتجاج بڻجي ويندو. اڳواڻن چيو ته حڪمرانن سمجهو آهي ته اسان بجلي جي لوڊشيڊنگ ڪنڊي سسٽم جي بهاني ڪندا رهياسين پر پوءِ گيس جي به لوڊشيڊنگ ڪئي وئي ڪير ٻڌائي ته گيس جي ڪهڙي ڪنڊي سسٽم آهي ، هي پهريان ٽيسٽ ڪن ٿا ته پينشن جي ڪٽوتي ڪيون ٿا ان تي ملازم خاموش رهيا ته پوءِ اصل سموري سرڪاري ملازمن جي سڄي جو سڄي پينشن ختم ڪرڻ جو اعلان ڪنداسين. عوامي نمائندا سڏائيندڙ پنهنجي عوام جي احساسات جو کليل قتل ڪري رهيا آهن ۽ سرڪاري ملازم هن وقت شديد ترين سنڌ حڪومت جي پينشن رولز اصلاحات جي نادر شاهي فيصلي سبب ذهني ٽارچر ۾ مبتلا آهن. جيڪڏهن سرڪاري ملازمن جي پينشن گهٽ ڪري چوٽون حصو ڏنو ويو ته پوءِ پيرسن ضعيف العمر ،عمر رسيده رٽائرڊ ٿيندڙ سرڪاري ملازم پنهنجي گهر فيملي خاندان جو گذر سفر ڪٿان هلائيندا. ياد رکيو وڃي ته هنن پيغمبر پيشي جي استادن جي بد دعائون کان بچڻو اٿو ته فوري طور تي هنگامي بنيادن تي پينشن جي گهٽتائي ڪرڻ وارو آمريتي فيصلو واپس وٺڻ جو اعلان ڪيو وڃي.