تازو جيڪا ملڪي برساتن کانپوءِ ٻوڏ جي صورتحال بني آهي انهي کانپوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انهيءَ انڊيا ۽ پنجاب جي پنجند درياهن جي تيز وهڪري کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي سنڌ جي حڪومت به ڪجهه اپاء وٺڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري اسلام آباد کان ڪراچي پهچي ڪري وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ ٻين وزيرن سان ملاقات ڪري انڊيا ۽ پنجاب کان سنڌ ڏانهن ايندڙ ٻوڏ واري پاڻيءَ کي درياهي رستي سان سمنڊ تائين پهچائڻ لاءِ ذريعا ڳولڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ سميت سموري صورتحال کي پيش نظر سنڌ جي شهرن کي وڌ کان وڌ بچائڻ لاءِ ۽ انڊيا توڙي پنجاب جي درياهن جي وهڪرن جي تيز تر پاڻيءَ واري رفتار سان گڏ پنجاب جو گهڻو پاڻي ٻڌايو پيو وڃي ته هڪ اڌ ڏينهن اندر سنڌ جي اندر داخل ٿي رهيو آهي ان ڪري هاڻي سنڌ جو عوام پنهنجي علائقن خاص ڪري پنهنجي شهرن جي بچائڻ ۽ درياهي بندن جي حوالي سان ڏاڍو حساس ٿيڻ سان گڏ وڏو پريشان ٿي ويو آهي، انهيءَ سلسلي ۾ سنڌ جي لاڙڪاڻو شهر سميت ٻين شهرن جا ماڻهو عوام شديد پريشان ٿي ويو آهي ته اڳ ۾ سنڌ ۾ خطرناڪ قسم جي ٻوڏ سال 2010 ۾ ٽوڙهي بند ۽ پوءِ سال 2022 ۾ جيڪي ٻوڏون آيون انهن سڀني ٻوڏن کان هي انھي حوالي سان ڏکائيندڙ ٻڌائي پئي وڃي ته هن جي اندر انڊيا جي نريندر مودي سرڪار جي هٺ ڌرمي به شامل آهي ته وري پنهنجي پاڙيسري صوبي جو ڪالا باغ ڊيم سميت چولستان ۾ نوان ڪئنال ٺاهڻ وارو رينگٽ ڪروڌ به شامل آهي، سنڌ جي اندر امڪاني ٻوڏ جي تازي صورتحال جي پيش نظر لاڙڪاڻو سنڌ جي مشهور سماجي ۽ قداور سياسي شخصيت سيد اڪبر حسين شاهه راشدي جو چوڻ آهي ته خدا نه ڪري ته سنڌ جي اندر ڪا ٻوڏ اچي ته اسان جا درياهي بند ڪٿي مضبوط آهن، انهي لاء منهنجو مسيج عام ڪرڻ جو اهو مقصد آهي ته عوام پنهنجي روز مرہ جي استعمال جون شيون اڳ ۾ وٺي ڇڏي ٻڌايو ٿو وڃي انڊيا ۽ پنجاب جي درياهن جو گذر سنڌ اندر لهندو ۽ انهي ڪري ڪو به ماڻهو گهر کان ٻاهر نه هجي الرٽ صورت حال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت سنڌ پنهنجا سمورا اپاء ڪتب آڻڻ لاءِ هنگامي تدابير استعمال ڪري خاص ڪري نصرت آگاڻي بند تي ٻاهران پٿر گهرائي لڳايو وڃي. سنڌ جي اندر امڪاني ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان نه صرف تشويش واري صورتحال اسان جي ضلع لاڙڪاڻو شهر جي عوام کي آهي پر گڏوگڏ ڀرسان وارن علائقن کي پڻ وڏو خطري جو انديشو ٻڌايو پيو وڃي، حڪومت سنڌ طرفان ڪاميٽي جوڙي وئي آهي ۽ اهو چوڻ ئي ڪافي ناهي ته هيترن هزار کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيڻ جو انديشو آهي. ڪچو خالي ڪري سنڌو درياهه بادشاهه جي رستا روڪ ڪندڙ علائقا خالي ڪرايا وڃن پوءِ ڪهڙي به خان ڀوتار وڏيري جا ڇو نه فارم هائوس يا آماج گاهون ڇو نه هجن، ٻيو ته سنڌو درياهه جي وهڪري جي پاڻي سان گڏ پنجاب ۽ هندستان جي درياهن جي اڇلايل پاڻيءَ جو تيز خطرناڪ وهڪرو خدا نه ڪري ته پنهنجي سنڌ جي تاريخي باشعور قوم جي فردن جي ڪنهن به شهر کي ڪو درياهي نقصان پهچي، سنڌ ۾ 2010 کان 2025 تائين جي عرصي دوران گذريل پندرهن سالن ۾ درياهي بندن جي مضبوطي جي تقاضا گهرن ٿا ؟، بندن جي مضبوطي لاءِ ڪهڙا ڪٿي ڪٿي عملي قدم کنيا ويا، سنڌ جي لاڙڪاڻي شهر جي خوشحالي کي برقرار رکڻ جو سوال وڏي اهميت رکي ٿو. لاڙڪاڻي شهر جي حوالي سان اتان جي چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پ پ پ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ اتان جي سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل ميمبر جميل احمد سومرو کي نصرت آگاڻي بندن جي مضبوطي لاءِ مضبوط ڪوالٽي وارو پٿر هنگامي بنيادن تي پوري سنڌ خاص ڪري لاڙڪاڻو شهر جي امڪاني ٻوڏ جي بچاء لاءِ گهرايو وڃي ۽ عوام کي مڪمل طور تازي صورتحال کان آگاهي ڏيندي الرٽ ڪيو وڃي، سنڌ جي ايريگيشن کاتي وارن کي به عملي ڪم ۽ بندن جي مضبوطي لاءِ پوليس، رينجرس ۽ پاڪ آرمي کان به مدد وٺي پنهنجي سنڌ جي شهرن جي مالڪي جو سوال محفوظ بڻايو وڃي. سنڌ جي اندر امڪاني ٻوڏ جي صورتحال جي پيش نظر مسجدين، مدرسن ۽ خاص ڪري پنج وقت نماز جي ٽائيم خصوصي سنڌ جي محفوظ بندن ۽ سنڌ سميت پاڪستان جي سمورن صوبن پوري انسانيت ذات جي خير ڀلائي لاءِ دعائون جو اھتمام ڪيو وڃي. خدا تعالي سنڌ پاڪستان سميت پوري عالم دنيا کي آفتن، شامتن، تباهه ڪارين، قدرتي مصيبتن کان محفوظ بڻائي آمين ثم آمين.
0 تبصرے