شڪارپور ۾ سولنگي برادري جي جهيڙِيندڙ ڌرين ۾ ٺاهه، اڳرائي ڪرڻ تي هڪ لک رپيا ڏنڊ هنيو ويندو

مدرسا بدرالعلوم جي پرنسپال مولانا عبدالغفور بکراڻي جي سرپئنچي هيٺ جرڳو ٿيو، مولانا شاهنواز بکراڻي امين مقرر

شڪارپور ۾ سولنگي برادري جي جهيڙِيندڙ ڌرين ۾ ٺاهه، اڳرائي ڪرڻ تي هڪ لک رپيا ڏنڊ هنيو ويندو

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين جي وچ ۾ تڪرار جو نبيرو ،ٻئي ڌريون خير کنڊ ،فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪندڙ جي ڌر مٿان ھڪ لک رپيا ڏنڊ مقرر ،ٻئي ڌريون ھڪٻئي مٿان داخل ڪيس ختم ڪرائڻ جا پابند تفصيل موجب گذريل ڏينهن شڪارپور ضلعي جي ڳوٺ ننڍا ماڇي ۾ سولنگي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ پلاٽ جي معاملي تي ھلندڙ تڪرار جو نبيرو مدرسا بدرالعلوم جي پرنسپال مولانا عبدالغفور بکراڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿي گذريو فيصلي ۾ شڪارپور پوليس پاران امين مقرر ٿيل مولانا شاھنواز بکراڻي خصوصي شرڪت ڪئي جنهن ۾ مشيرن جي موجودگي ۾ ممتاز سولنگي ۽ ميرڻ سولنگي جون ڳالهيون ٻڌي ڳوٺ جو معائنو ڪري ڌرين کي ڀاڪر پارايا ويا فيصلي جي سرپئنچ فيصلو لکت ۾ جاري ڪيو ت جيڪو فيصلو جي ڀڃڪڙي ڪندڙ مٿان ھڪ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي ڌرين فيصلو ڪندي خير کنڊ ٿي ويو پوليس کان ڌريون پاڻ جان ڇڏائڻ جا پابند ڪيا ويا آهن ان موقعي تي جي يو آئي سنڌ ڪائونسل جي ميمبر ۽ تعلقي شڪارپور جي نائب امير مولانا شاھنواز بکراڻي چيوته سنڌ ڌرتيءَ کي امن جو گھروارو بڻائڻ لاءِ پنهنجي تعلقي اندر ھلندڙ قبيلائي تڪرارن خلاف ڏينهن رات ڪوششون ڪيون ٿا ،سولنگي برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي ويو پر پوءِ ڌرين سان رابطو ڪيو ۽ فيصلو ڪيو ويو ھن ھڪ سوال جي جواب ۾چيو ته جيئن آمريڪا سامراج آھي تيئن پنجاب سان سامراج آھي ،2025ع ۾ ٻوڏ جو خدشو ناھي پر سنڌ حڪومت انڌ جي گهوڙي تي سوار آھي تنھنڪري اسٽبلشمينٽ سان گڏ ٿي سنڌ کي ٻوڙڻ لاءِ پنهنجي پلاننگ ۾ لڳي ويا آهن حڪمران ٻوڏ جي آڙ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ تياريون شروع ڪيون ويون آهن مولانا چيو ته ڪالاباغ ڊيم شرعن ناجائز حرام آھي ،ڪالاباغ ڊيم جو نالو مڪو يا مدينو ڇو نه رکيو وڃي تڏهن به اسان کي قبول نه آھي ،مولانا شاھنواز چيوته سنڌ جا ست ڪروڙ ماڻهو پنھنجا ٻچا ٻار قربان ڪري سگھن پر گريٽر ٿل ڪئنال ،ڪالاباغ ڊيم يا ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪڏھن به قبول نه ڪندا ھڪ سوال جي جواب ۾ مولانا شاھنواز بکراڻي چيوته جي يو آئي تعلقي شڪارپور جي عھديدارن ھڪ اھم اجلاس مولانا عبدالباري شيخ جي صدارت ھيٺ بلال مسجد سلطان ڪوٽ ۾ اڄ 9 وڳي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 14 مارچ تي نڪرندڙ امن مارچ ۽ 18 مارچ تي امن امان جي حوالي سان ڪراچي ۾ وزيراعلي هائوس آڏو ڌرڻو ھڻڻ حوالي سان لائحه عمل جوڙيو ويندو ان کانسواءِ متوقع ٻوڏ جي صورتحال جي حوالي سان تعلقي جي ڳوٺن شھرن ۽ يوسين جو دورو ڪرڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويندو