شڪارپور ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس سنڌ جي سڏ تي آفيسن جي تالابندي ۽ تاريخي ريلي

هزارين عورت ۽ مرد سرڪاري ملازمن پاران ريلي ڪڍي نٽهڻ اُس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، حڪومت خلاف نعريبازي

شڪارپور ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس  سنڌ جي سڏ تي آفيسن جي تالابندي ۽ تاريخي ريلي

شڪارپور( احسان ابڙو) سنڌ ايمپلائیز الائنس سنڌ جي سڏ تي شڪارپور ضلعي جي سمورين آفيس جي تالابندي, تاريخي ريلي, هزارين ملازمن جو نٽهڻ اس ۾ لکيدر ۽ پريس ڪلب آڏو مظاهرا سخت نعري بازي. تفصيل موجب: سنڌ ايمپلائیز الائنس (SEA) سنڌ جي سڏ تي شڪارپور ضلعي جي هزارين ملازمن پينشن مراعتن ۾ ڪٽوتين. ڊي آر اي الائونس ۽ گروپ انشورنس نه ملڻ خلاف ضلعي شڪارپور جي تمام پرائمري. سيڪنڊري اسڪولز ۽ ڪاليجز. روينيو. ايجوڪيشن. هيلٿ. لوڪل گورنمينٽ ميونسپل ڪاميٽيز. شيخ اياز يونيورسٽي. فوڊ. فاريسٽ. هاء ويز. بلڊنگس. پاپوليشن. پبلڪ هيلٿ. ايڪسائيز. زڪوات عشر. اسڪارپ ڊرينيج ڊويزن سميت 26 ڊپارٽمينٽس جي مڪمل تالابندي ۽ قلم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس ضلعي شڪارپور جي چيئرمين سيد راشد حسين شاه جي اڳواڻي ۾ هزارين مرد توڙي عورت ملازمن قاضي حبيب الله هاء اسڪول کان تاريخي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جيڪا لکيدر. الله والا چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب آڏو پهتي جتي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي گسٽا جي صوبائي صدر ۽ چيئرمين سيد راشد حسين شاه. پ ٽ الف جي ڊويزنل اڳواڻ امان الله مهر. فهيم سومرو. آپڪا جي ضلعي صدر عبدالوهاب ڪاغذي. مجاهد حسين لانگاه. روينيو جي غلام سرور کونهارو. نظام الدين شيخ. گواز جي عبدالشڪور سومرو. وسيمه قادري. پاپوليشن جي سيد نظير حسين شاه. ميونسپل ڪاميٽي صدر بابر پٺاڻ. علي قريشي. شاهد ميمڻ. ڪامران صديقي. سپسا جي جنيد ٻرڙو. گسٽا جي شبانه شيخ. سيد آصف علي شاه. نصرالله شيخ. ابوذر آرائين. ماٽا جي عبدالفتاح مهر. مهراڻ ٽيچرس جي اظهار احمد مهر. سپلا جي اظهار حسين مهر. ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي شفيق شيخ. آغا شعيب خان. پيراميڊيڪل جي نوشاد ڀٽو. بشير لاشاري. عبدالسميع جوڻيجو. ڊاڪٽرز ايسوسئيشن جي اقبال مغل. شيخ اياز يونيورسٽي جي سيد گدا حسين شاه. سميت ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران پينشن سڌارن جي نالي تي ملازمن کي پينشن کان محروم ڪرڻ، DRA نه ڏيڻ ۽ رٽائرمنٽ تي گروپ انشورنس جي رقم ادا نه ڪرڻ جهڙن قدمن جي سخت مذمت ۾ مذمت ڪريون ٿا. اهي سمورا فيصلا ملازمن جي حق تي ڌاڙي برابر آهي. اڳواڻن چيو ته هي احتجاج نه پر ملازمن جي بقا ۽ مستقبل جي جنگ آهي، جنهن لاءِ سڀني کي ذهني طور تي تيار رهڻ گهرجي۔ هن وڌيڪ چيو ته هي تحريڪ ايندڙ مرحلي ۾ ڪراچي جو رخ ڪندي جتي هڪ مهيني تائين جدوجهد جاري رهندي۔ هنن وڌيڪ چيو ته "پينشن ملازم جي پوئين عمر جو سهارو آهي، جيڪو حڪومت کسي وٺڻ ٿي چاهي، پر اسين پنهنجن حقن لاءِ رت جي آخري قطري تائين وڙهنداسين ۽ ايندڙ مرحلي ۾ ڊويزن سطح جو احتجاج ڪرڻ بعد سنڌ اسيمبلي ۽ سيڪريٽريٽ جو گھيراء ڪنداسين