English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشيا طرفان عورتن جي تحفظ بابت تقريب منعقد
191 views
|
25th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) سماجي تنظيم ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشيا طرفان عورتن جي تحفظ ۽ فروغ (MFLO 1961 تحت) ۽ ڪميونٽي کي وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ بابت هڪ پروقار تقريب هڪ نجي گيسٽ ھائوس عمرڪوٽ ۾ منعقد ڪئي ويئي، جنھن جي صدارت اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو پاران مھمان خصوصي طور تي ڪئي، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل عمرڪوٽ جي ايڊووڪيٽ ڀاڳچند ڀيل، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت، ڊسٽرڪٽ انفارميشن محمد اسلم ڀٽي، ڊي ايڇ او عمرڪوٽ ڊاڪٽر محمد علي، ٽائون آفيسر ميونسپل ڪاميٽي عمرڪوٽ اويَس سميجو، سماجي اڳواڻ ڪنيا موھن لال، محمد بخش ڪنڀر، عيدل ڪنڀر، امام بخش خاصخيلي، پولٽري آفيسر عنائت شفيع فقير، ميڊم ڊاڪٽر مونيڪا، ٿر نرسنگ ڪاليج عمرڪوٽ جو ايڊمنسٽريٽر شوڪت سومرو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا، ان موقعي تي سماجي تنظيم CWSA عمرڪوٽ جي ميڊم ڪرَن بشير خطاب ڪندي مهمانن کي ڀليڪار ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشيا تحت عورتن جي تحفظ ۽ فروغ بابت ڪلمينيشن تقريب جو مقصد MFLO 1961 مطابق عورتن جي حقن ۽ بااختياري کي اجاگر ڪرڻ آهي، ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو صدارتي خطاب ڪندي چيو ته عورتن جي ترقي ۽ تحفظ حڪومت سنڌ جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ سول سوسائٽي جي گڏيل سهڪار سان ھن مشن کي اڳتي وڌايو پيو وڃي، ھن چيو ته عورتن جي حقن بابت ڳالهه اسلام ۾ چوڏهن سئو سال اڳ ئي ڪئي وئي هئي، ھن وڌيڪ چيو ته MFLO 1961 تحت عورتن جي حقن جي تحفظ لاءِ کنيل قدم قابلِ تحسين آهن ۽ ان تي ڀرپور عملدرآمد کي يقيني بڻايو ويندو، ھن وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته ڪميونٽي ورلڊ سروس ايشيا پاران MFLO تي ڪيل ڪم قابلِ تعريف آهي ۽ ان ئي سلسلي ۾ سڄي سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ميونسپل ڪاميٽي عمرڪوٽ ۾ ثالصي ڪائونسل جو بنياد وڌو ويو آهي، جنهن وسيلي ماڻهو پنهنجا مسئلا بھتر نموني حل ڪرائي سگھندا، ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر عمرڪوٽ مير حسن آريسر، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين ڊولپمينٽ عمرڪوٽ طارق وحيد بلوچ، ايڊووڪيٽ گلاب جيپال، اينٽي ڪرپشن عمرڪوٽ جي انڪوائري آفيسر ميڊم راگهيشوري کتري، زرعي يونيورسٽي سب ڪيمپس عمرڪوٽ جي ليڪچرار ميڊم لبنا کوسو، وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او ميڊم مھناز، ميڊم شڪيله، ايڊووڪيٽ بلال مھر، ٽائون آفيسر اويَس سميجو ۽ ٻين خطاب ڪندي زور ڏنو ته عورتن کي بااختيار بڻائڻ بنا سماجي ترقي ممڪن ناهي، اهڙا پروگرام عورتن کي اعتماد ۽ ڄاڻ مهيا ڪن ٿا، ان موقعي تي پروگرام ۾ عورتن جي تحفظ ۽ فروغ لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ شخصيتن ۽ ادارن کي شيلڊز ۽ تعريفي سندون ڏنيون ويون، جن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، ڊپٽي ڊائريڪٽر زراعت اياز ڪاڇيلو، ڊاڪٽر علي، انجنيئر بيهاري لال، مشتاق ڪنڀر، ڊپٽي ڊائريڪٽر وومين طارق وحيد، ڊي او ايجوڪيشن مير حسن آريسر، ميڊم مھناز، خليل ڪنڀر، اويس سميجو، ڊاڪٽر عنايت شفيع فقير، شوڪت سومرو، ليڪچرار ميڊم لبنا کوسو، ڊاڪٽر مونيڪا، ميڊم ڊاڪٽر ليلا پرديپ، ڊسٽرڪٽ انفارميشن محمد اسلم ڀٽي، ايڊووڪيٽ ڀاڳچند ڀيل، ايڊووڪيٽ بلال مھر، امام بخش خاصخيلي، ڪنيا موھن لال، ميڊم راگهيشوري کتري، ميڊم زرينا ۽ ٻين کي پڻ شيلڊز پيش ڪيون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ سماجي تنظيم ڪميونٽي ورلڊ
0 تبصرے