English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ سنڌ حڪومت جي پينشن پاليسي ۾ تبديلي خلاف تعليم کاتي جا استاد ۽ ملازم سراپا احتجاج
views
|
25th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
پگهارن ۾ ٿيندڙ معمولي واڌ موجوده مهانگائي جي دور ۾ زخمن تي لوڻ هڻڻ جي برابر آهي: حاجي اشرف خاصخيلي
ملير( ڊي ڪي شر) سنڌ حڪومت پاران پينشن جي ضابطن ۾ ڪيل تبديلين ۽ پگهارن ۾ معمولي واڌ خلاف، تعليم کاتي جي سرڪاري ملازمن سخت احتجاج ڪيو. هي احتجاج سنڌ ايمپلائيز الائنس گواس ، گسٽا ، سپسا ، سپلا ، پ ٽ الف ، آپڪا سميت سمورن تنظيمن پاران گڏيل اڳواڻي ۾ ملير پريس ڪلب آڏو ڪيو ويو، جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ملازمن شرڪت ڪئي.احتجاج دوران ملازمن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سنڌ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي. انهن جو چوڻ هو ته حڪومت پينشن جي حق کي ختم ڪري ملازمن جو مستقبل غير محفوظ ڪري رهي آهي. ان کان علاوه، پگهارن ۾ ٿيندڙ معمولي واڌ موجوده مهانگائي جي دور ۾ زخمن تي لوڻ هڻڻ جي برابر آهي.ان موقعي تي مرڪزي اڳواڻ حاجي اشرف خاصخيلي سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته حڪومت پنهنجي غير عوامي پاليسين تي نظرثاني ڪري نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. اسان پنهنجي حقن جي حفاظت لاءِ آخري حد تائين وڙهنداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان حڪومت کان مطالبو ڪريون ٿا ته پينشن جي پراڻي پاليسي فوري طور بحال ڪئي وڃي ۽ مهانگائي جي تناسب سان پگهارن ۾ مناسب واڌ ڪئي وڃي ۽ ڊسپيرسٽي الاونس 50٪ ڌنوجي ۽ سنڌ حڪومت پاران پينشن ۾ اصلاحات ملازمن جو معاشي قتل عام نا منظور ڪيو ٿا ۽ گروپ انشورنس، بينوول فنڊ، رٽائرمنٽ وقت ادا ڪيو وڃي ان سان گڏ پڻ پگهارن ۾ 70٪ واڌ ڪئي وڃي. سپسا ضلع ملير جي اڳواڻن حاجي خان ٿينو,عبدالجبار ککراڻي ۽ ٻين چيو ته پينشن اسان جو بنيادي حق آهي ۽ حڪومت ان ۾ تبديليون ڪري ملازمن جو مستقبل غير محفوظ ڪري رهي آهي. ان کان علاوه، وفاقي سرڪار جي 25 سيڪڙو واڌ جي مقابلي ۾ سنڌ حڪومت پاران پگهارن ۾ معمولي واڌ ڪرڻ هڪ مذاق آهي، جيڪا مهانگائي جي هن دور ۾ زخم تي لوڻ هڻڻ برابر آهي. گواس ضلع ملير جي اڳواڻن منظور احمد ميمڻ ,نبي بخش شر ,رشيد احمد مارفاڻي ۽ ٻين چيو ته پينشن جي پراڻي پاليسي فوري طور بحال ڪئي وڃي ۽ مهانگائي جي تناسب سان پگهارن ۾ مناسب واڌ ڪئي وڃي ۽ ڊسپيرسٽي الاونس 50٪ ڌنوجي سنڌ حڪومت پاران پينشن ۾ اصلاحات ملازمن جو معاشي قتل عام نا منظور ڪيو ٿا ۽ گروپ انشورنس، بينوول فنڊ، رٽائرمنٽ وقت ادا ڪيو وجي ان سان گڏ پڻ پگهارن ۾ 70٪ واڌ ڪئي وجي. احتجاج کي خطاب ڪندي گسٽا جي اڳواڻن شفقت حاجانو ,ناصر ميراني ۽ مقبول ساهو پڻ حڪومت جي قدمن جي سخت مذمت ڪئي. پ ٽ الف جي اڳواڻن غلام سرور گرگيج,وڏيرو اعزاز علي جوکيو,اعجاز علي بهادر ميراني ۽ سليم جعفري پڻ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي ملازمن جي جدوجهد کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو عزم ڪيو. ملازمن مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا جلد نه مڃيا ويا ته اهي وڌيڪ سخت قدمن تي غور ڪندا ۽ احتجاج جو دائرو وڌائيندا، جنهن جي سموري ذميواري حڪومت تي هوندي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
28th Sep 2025
•
سندھ
پاکستانی بزنس ٹائیکونز اور سماجی رہنماؤں کی شاندار خدمات — معیشت، سرمایہ کاری اور قومی یکجہتی میں اہم کردار
28th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
پاکستان کے معروف سوشل میڈیا فنکار، شاہد شہباز المعروف "بلوشی ویلاگ" کی کاميابی کا سفر
28th Sep 2025
•
سندھ
جس نے لاہور نہیں دیکھا وہ پیدا ہی نہیں ہوا،کراچی کے چار رکنی طلبہ کے وفد کا مطالعاتی دورہ لاہور
26th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سرڪاري ملازمن جي پينشن تي به حڪمرانن جي بي حسي ..!!
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ سدائين درواڙن قبيلن جي حقن کي تسليم ڪندي نمائندگي ڏني آهي: ڪملا ڀيل
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ڊاڪٽر شام سندر آڏواڻي جي صوبائي صلاحڪار ٿيڻ تي مٺايون ورهايون ويون
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
گمبٽ: قومي شاهراهه تي حادثي ۾ معصوم ٻارڙي سميت 2 ڄڻا فوت، 5 زخمي
28th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ حڪومت سرڪاري ملازمن جو معاشي قتل بند ڪري، پ پ ملازمن سان ڊبل پاليسي کيڏي رھي آھي: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
حاجي اشرف خاصخيلي
سنڌ حڪومت جي پينشن پاليسي
0 تبصرے