English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: بااثرن هٿان تشدد ۽ تذليل جو شڪار ٿيل نوجوان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل، ڪيس داخل
76 views
|
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
جهمپير ويجهو ميٽنگ ريلوي اسٽيشن ڀرسان مال جي وٿاڻ وٽ ستل شير جماري کي هٿياربند قتل ڪري فرار
ٺٽو(محمد شفيق ڀٽي)گذريل رات جهمپير ويجهو ميٽنگ ريلوي اسٽيشن ڀرسان مال جي وٿاڻ وٽ ستل حالت ۾ هٿياربندن جي فائرنگ سبب ملاڪاتيار واسي نوجوان ڌنار شير جماري قتل ٿي ويو.واقعي جو ڪيس جهمپير ٿاڻي تي مقتول جي سئوٽ جُمن جماري جي فرياد تي قلم 302، 506، 114 ۽ 34 پي پي سي تحت داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ پالاري برادري جا پنج جوابدار ــ صدر پالاري، رحمان پالاري، نور حسن پالاري، محرم پالاري ۽ پيارو پالاري ــ کي نامزد ڪيو ويو.ياد رهي ته مقتول شير جماري کي ٻه هفتا اڳ مبينا طور کنڀي تشدد جو نشانو بڻايو ويو ۽ سندس تذليل ڪندڙ وڊيوز به وائرل ڪيون ويون هيون، جنهن کانپوءِ وارثن ساڳين جوابدارن تي قتل جو شڪ ظاهر ڪيو هو.ايس ايس پي ٺٽو فاروق بجاراڻي واقعي جو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او جهمپير امير بخش کوسو کي ڪارروائي لاءِ هدايتون جاري ڪيون. پوليس جهمپير، نوري آباد ۽ ميٽنگ وارن علائقن ۾ ڇاپا هڻي ٽن مُک جوابدارن ــ صدر پالاري، پيارو پالاري ۽ رحمان پالاري ــ کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ تان فائر ٿيل پسٽل جو خول به هٿ ڪيو ويو.ابتدائي جاچ دوران جوابدارن اعتراف ڪيو ته مقتول سندن مٿان ٻڪريون چوري ڪرڻ جو الزام هنيو هو، جنهن تي پهريان کيس تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ قتل ڪيو.ابتدائي پوسٽ مارٽم ۾ پڻ تصديق ٿي آهي ته مقتول جي موت جو سبب کيس پٺن ۾ لڳل گولي هئي، جيڪا آرپار ٿي وئي. وڌيڪ جاچ جاري آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Jun 2026
•
تازہ ترین
وفاقی حکومت کی جانب سے 18 ہزار 771 ارب روپے سے زائد کا بجٹ پیش، تعلیم کے لیے 46 ارب اور دفاع کے لیے 3 ہزار ارب مختص
12th Jun 2026
•
شوبز
جانوروں کے بجائے جنسی درندوں پر تجربات کیے جائیں: مریم نفیس
12th Jun 2026
•
صحت
بریسٹ کینسر کی دوا تیار ہوگئی!
12th Jun 2026
•
صحت
کم عمر خواتین میں بڑھتے کینسر کے خطرے کی وجہ کیا ہے؟ ماہرین نے چونکا دیا
12th Jun 2026
•
تازہ ترین
وفاقی حکومت کی جانب سے 18 ہزار 771 ارب روپے سے زائد کا بجٹ پیش، تعلیم کے لیے 46 ارب اور دفاع کے لیے 3 ہزار ارب مختص
12th Jun 2026
•
شوبز
جانوروں کے بجائے جنسی درندوں پر تجربات کیے جائیں: مریم نفیس
12th Jun 2026
•
صحت
بریسٹ کینسر کی دوا تیار ہوگئی!
12th Jun 2026
•
صحت
کم عمر خواتین میں بڑھتے کینسر کے خطرے کی وجہ کیا ہے؟ ماہرین نے چونکا دیا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جهمپير ويجهو ميٽنگ ريلوي اسٽيشن
0 تبصرے