English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: جهرڪ ويجهو بي آءِ ايس پي عملي کان 40 لک رپيا مبينا ڦر
67 views
|
21st Oct 2025
•
سنڌي خبرون
اڻڄاتل هٿياربندن گاڏي جي رستي روڪ ڪري هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻايو: امير بخش خاصخيلي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)جهرڪ جي علائقي شيخ سومار جي ويجهو اهو بدامنيءَ جو وڏو واقعو تڏهن پيش آيو، جڏهن بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو عملو، امير بخش خاصخيلي، پنهنجي گاڏي ۾ چاليهه لک رپيا کڻي سينٽر ڏانهن وڃي رهيو هو۔رپورٽن موجب، ٽي موٽر سائيڪل سوار هٿياربند ماڻهن سندس گاڏي کي روڪي، هٿيارن جي زور تي رقم ڦري، موقع تان فرار ٿي ويا۔اطلاع ملندي ئي جهرڪ پوليس، اونگر پوليس ۽ ڊي ايس پي جهرڪ واقعي واري هنڌ پهتا، جڳھ جو جائزو ورتو ۽ متاثر ٿيل عملي جو بيان قلمبند ڪيو۔پوليس اختيارين موجب، واقعي جي جاچ لاءِ هڪ خاص ٽيم ٺاهي وئي آهي، جڏهن ته علائقي ۾ سرچ آپريشن به شروع ڪيو ويو آهي۔ پوليس اميد ظاهر ڪئي آهي ته جلد ئي جوابدار گرفتار ڪري ڦريل رقم واپس حاصل ڪئي ويندي۔واقعي کان پوءِ BISP سينٽر کي عارضي طور بند ڪيو ويو آهي، جنهن سبب مستحق عورتن کي مالي امداد حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو آهي۔واضح رهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ملڪ ڀر ۾ لکين غريب خاندانن کي مالي سهائتا فراهم ڪري رهيو آهي، پر اهڙا واقعا نه صرف اداري جي ساک کي متاثر ڪري رهيا آهن پر عوام جي اعتماد کي به ڌڪ پهچائي رهيا آهن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
جهرڪ ويجهو بي آءِ ايس پي
BISP
0 تبصرے