نوشهروفيروز ۾ علي مرتضيٰ جلباڻي قتل ڪيس ۾ پيرسن جي گرفتاري خلاف سندس ڌيءَ جو احتجاج

9مهينا اڳ ڀاءُ غلام مصطفيٰ جلباڻي تي سئوٽ علي مرتضيٰ جلباڻي جي قتل جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو: غنويٰ جلباڻي

نوشهروفيروز ۾ علي مرتضيٰ جلباڻي قتل ڪيس ۾ پيرسن جي گرفتاري خلاف سندس ڌيءَ جو احتجاج

نوشھروفيروز (ڊ ر) نوشھرو فيروز ڀرسان ڳوٺ دريا خان جلباڻي جي رھواسڻ غنوا جلباڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته اسان جو پنھنجي سوٽن سان زمين جو تڪرار ھلندڙ آھي 9مھينا اڳ منھنجي ڀاء غلام مصطفي جلباڻي تي مرتضي جلباڻي جي قتل جي ايف آء آر داخل ڪرائي ھئي ان ڪيس ۾ ٻيو ڪو جوابدارنه ھو پوء به پوليس روز روز اسان جي گھرن ۾ گھڙي ٿي اسان کي پريشان ڪري ٿي ڪجھ ڏينھن پھريان پوليس سان ملي ڀڳت ڪري منھنجي 80 سال پوڙھي کي رستي تان گرفتار ڪري ان کي ھٿ ۾ پسٽل ڏئي پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ان سان گڏ منھنجن ننڊڙڀائٽن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو جيڪا سراسر زيادتي آ اسان جي زمينن گھرن تي قبضا ھي ڪھڙي حڪومت آ جنھن ۾ انصاف جي ڪا اميد نه آھي منھنجي پيء دين محمد جلباڻي کي جيل ۾ ڪا به سھولت موجود نه آھي ان سان ملاقات نه ٿا ڪرڻ ڏين اھو بيمار آ اھو دوا کان سوا نه ھلي سگھندو آھي ذوالفقار جلباڻي پوليس کي پئسا ڏئي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي پريشان ڪري ٿي اسان آء جي سنڌ ۔ڊي آء جي نواب شاه صوبائي وزير ضياء الحسن لنجار ۽ ٻين وس وارن کي اپيل آھي ته اسان کي تحفظ ڏين اسان جي زمينن ۽ گھرن تان قبضا ختم ڪرائين مان گھر کان نڪران ٿي ته ھنن جا گھنڊا منھنجي گاڏي جو ڪيڇو ڪن ٿان مون کي ڏاڊا ٿريٽ ٿا ڏين مون کي منھنجي ننڊڙن ڀائرن ۽ پيء پيرسن کي ڪجھ به ٿيو ذميوار ذوالفقار جلباڻي ۽ سندس ڀائر ھوندا