English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٿرپارڪر ۾ هلندڙ مختلف پراجيڪٽس بابت پرڏيهي وفد پاران دورو
193 views
|
17th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
پرڏيهي وفد ۾ جيسيڪا ايڊمز ، انسيا سليم ، شازيه نويد شامل هيون
مٺي (رپورٽر ) ٿرپارڪر ۾ نياڻين جي تعليم ، ننڍي عمر ۾ شادين متعلق آگاهي ۽ مقامي ماڻھن کي خود ڪفيل بڻائڻ لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اداري سوشل ڪوآپريشن انيشيٽو پاران هلندڙ مختلف پروجيڪٽن جو غير ملڪي وفد پاران دورو ڪيو ويو . وفد ۾ جيسيڪا ايڊمز ، انسيا سليم ، شازيه نويد شامل هيون وفد پاران ڳوٺ سوڀارو ، ڀارمليو ۾ ھلندڙ اسڪولن ، ڳوٺ کارسر ۾ ھلندڙ نان فارمل سينٽرن ۽ سوڀارو ۾ اداري پاران روزگار خاطر ماڻھن کي ڪاروبار کولي ڏيڻ جو تفصيلي دورو ڪري مقامي ماڻھن سان ملاقات ڪئي ۽ نياڻين جي تعليم متعلق ڳوٺاڻن کي آگاهي ڏني. ريڊ فائونڊيشن يوڪي جي ڊائريڪٽر آف ڪميونيڪيشن، جيسڪا ايڊمز موجب، مقامي تنظيمون ۽ اين جي اوز گڏجي ڇوڪرين جي تعليم جي فروغ لاءِ سرگرم آھن ڪميونٽي ۾ آگاهي وڌائڻ سان والدين کي اهو احساس ڏياريو پيو وڃي ته ڇوڪرين کي اسڪول موڪلڻ ڪيترو ضروري آهي۔ هنن ڪوششن سان نه رڳو ننڍي عمر ۾ شاديون گهٽ ٿينديون، پر ڇوڪرين کي وڌيڪ تعليم ۽ زندگيءَ جون صلاحيتون به حاصل ٿينديون۔ اڃان به هن پروگرام بهتر بڻائي رهيا آهيون.سي اي او سوشل ڪوآپريشن انيشيٽو سجاد حسين ملڪ چيو ته اسان ٿرپارڪر ۾ نياڻين جي تعليم متعلق ڪم ڪري رهيا آهيون جتي سرڪاري اسڪول آھن يا نان فارمل سينٽر انهن ۾ ڇوڪرين کي داخل ڪرايو وڃي. نو مهينن ۾ نو سئو ڇوڪرين کي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو آھي ۽ انهن کي اسٽيشنري ڏني انهن ۾ 200 ڇوڪرين جي والدين کي مالي سپورٽ طور ڪاروبار کولي ڏنو آھي جيئين اهي مالي طور مستحڪم ٿين. ڇوڪريون تعليم يافته هونديون تڏھن ئي بهتري ممڪن آھي. انهي موقعي تي ساديه شڪيل ، رابعيه اڪبر بجير ، منيت کوکر ، ڊاڪٽر اجئه ، نگجي سوڍو ، وڪيل قربان سميجو ، همٿو ڀيل ۽ ٻيا موجود هئا. جڏھن ته وفد جي پهچڻ تي مختلف ڳوٺن ۾ مقامي ماڻھن پاران لوڪ گيتن ، رقص ۽ هار پارائي آجيان ڪئي وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
08th Apr 2026
•
سندھ
کراچی چیمبر آف کامرس اینڈ انڈسٹری پاک-افریقہ تجارتی و سرمایہ کاری کانفرنس کے انعقاد میں تعاون کرے گا
08th Apr 2026
•
پاکستان
پاکستانی مسیحی برادری کی جانب سے مشرق وسطیٰ جنگ بندی پر عالمی برادری کو مبارکباد
06th Apr 2026
•
شوبز
جعلی تصاویر فحش ویب سائٹ پر دیکھ کر شدید صدمہ ہوا: جہانوی کپور کا انکشاف
06th Apr 2026
•
سندھ
حیدرآباد: آغا خان میٹرنل اینڈ چائلڈ کیئر سینٹر کی جانب سے ایک مفت طبی تشخیصی کیمپ کا انعقاد
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير سميت ملڪ جي مرحوم سينيئر صحافين جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني اهتمام
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ٽنڊومستي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ناري مامي هٿان قتل، جوابدار ٿاڻي تي پيش
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد فياض عباسي پاران گهارو اسڪول جو دورو
10th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
ملير، صحافي جي موٽر سائيڪل چوري، قلم ڌڻين ۾ ڳڻتي، اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان ڌرڻي جو چتاءُ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٿرپارڪر ۾ هلندڙ مختلف
0 تبصرے