18آڪٽوبر، پرامن عوامي بيداريءَ جو علامتي ڏينهن/استعارو

18آڪٽوبر، پرامن عوامي بيداريءَ جو علامتي ڏينهن/استعارو

18آڪٽوبر 2007ع اهو ڏينهن آهي، جيڪو پرامن ۽ عوامي جمهوري بيداريءَ کي دهشتگردي ذريعي روڪڻ جي علامت بڻجي ويو. انهيءَ ڏينهن جڏهن ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي ڪار ساز وٽ جيڪو وڏو سانحو پيش آيو، جيڪڏهن اهو نه ٿئي ها، ته اڄ نه رڳو پاڪستان پر سڄي خطي، خاص طور اسلامي دنيا جا حال بلڪل مختلف هجن ها. پاڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو به انهيءَ سانحي کي ”اسلامي دنيا جي اندروني ڇڪتاڻ، ان کي درپيش بحرانن ۽ اتي جمهوريت جي واڌ کي روڪڻ جي ڪوششن جو نتيجو“ قرار ڏنو هو.
ان ڏينهن ڪراچيءَ جو منظر تاريخ ۾ ورجائڻ جهڙو نه هو. اٺن ورهين جي جلاوطني کانپوءِ جڏهن شهيد بينظير ڀٽو وطن موٽي آئي، ته عوام جو ٻهڪندڙ سمنڊ ڪراچيءَ جي رستن تي اٿلي پيو. ڪراچي جيڪو وڏو ۽ پکڙيل شهر آهي، سو به ان ڏينهن سوڙهو ٿي پيو هو. ايئرپورٽ تي لکين ماڻهو اڳواٽ موجود هئا، جڏهن ⁠ته هزارين ماڻهو آس پاس جي رستن تي بيٺل هئا. ڪيترن استقبالي قافلن کي شهر ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جاءِ نه ملي رهي هئي. عوام ايتري ته گهڻي تعداد ۾ هو جو ميڊيائي ادارن جا ڊرون ڪيمرا به ان منظر کي مڪمل طور قيد ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا. شهر جا داخلي رستا ميلن تائين ٽرئفڪ سان ڀريل هئا. ايئرپورٽ کان قائد اعظم جي مزار سامهون جناح گرائونڊ تائين هڪ انچ جاءِ به خالي نه هئي.
اهو منظر فقط قومن نه، پر تاريخ جي رخ کي به بدلائي ڇڏيندڙ هوندو آهي. جمهوريت ۽ عوام دشمن قوتن جي خيال ۾ به نه هو ته اهڙو نظارو ڏسڻو پوندو. جڏهن شهيد بينظير ڀٽو ايئرپورٽ تان پنهنجي استقبالي ٽرڪ ۾ ويٺي عوامي ميڙ سان گڏ آهستي آهستي جلسي گاهه ڏانهن وڌي رهي هئي، تڏهن هوءَ ڳوڙهن سان ڀريل اکين سان ماڻهن لاءِ هٿ لوڏي محبت جو اظهار ڪري رهي هئي. رستن تي موجود عوامي سمنڊ جي ڪري منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿي رهيو هو. هر قدم سان محسوس ٿي رهيو هو ته تاريخ ۾ هڪ نئون دور جنم وٺي رهيو آهي، ۽ هي پرامن عوامي بيداري پنهنجي اوج ڏانهن وڌي رهي آهي. قومي ۽ عالمي ميڊيا پل پل جي خبر ڏيندي حيران هئي. پر اهو منظر انهن قوتن کي قبول نه هو، جن جا مفاد عوامي بيداريءَ سان ٽڪراءَ ۾ اچي چڪا هئا.
جڏهن شهيد بيبيءَ جو قافلو رڳو نَو منٽن وارو پنڌ نَو ڪلاڪن کان پوءِ پورو ڪري ڪار ساز جي هنڌ تي پهتو، تڏهن جمهوريت دشمنن دهشتگرديءَ ذريعي اهو وحشي عمل ڪيو، جيڪو تاريخ ڪڏهن وساري نه سگهندي. شهيد بيبيءَ جي ٽرڪ جي ويجهو هڪٻئي پٺيان ٿيندڙ ڌماڪن جي آواز سان جمهوريت جا جيالا قربان ٿي ويا. ڏسندي ئي ڏسندي گونجندڙ هوا ۾ سانت ڇانئجي وئي. هر پاسي رت ۽ لاش پکڙجي ويا ۽ رڳو زخمين جي سڏڪن ۽ آهن جا آواز هوا ۾ رهجي ويا.
عوام جي پرامن طاقت کي وحشت ۽ دهشت سان ٽوڙيو ويو. شهيد بيبي ته ان حملي مان بچي وئي پر سندن غير شايع ٿيل ڪتاب جا ورق هوا ۾ وکري ويا، جيڪو پوءِ ”مفاهمت“ جي نالي سان ڇپيو. ان ڪتاب ۾ هوءَ لکي ٿي ته هوءَ پنهنجي جان جي پرواهه نه ڪندي وطن موٽي، ڇاڪاڻ ته جمهوريت جي بحالي سان گڏ انهن دهشتگردن سان مقابلو ڪرڻ چاهي ٿي، جيڪي پاڪستان جي سلامتي لاءِ اصل خطرو بڻجي چڪا آهن. شهيد بيبي انهيءَ ڪتاب ۾ دهشتگردي ۽ آمريت جي ڳٺ جوڙ کي ننگو ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪيئن غير رياستي هٿياربند گروهن سان عالمي طاقتون پنهنجي مفادن لاءِ رستا ڳولي رهيون آهن.
هوءَ اهو به لکي ٿي ته اولهه ۽ اسلام جي وچ ۾ ”تهذيبن جي ٽڪراءَ“ وارو تصور تاريخي ۽ علمي لحاظ کان غلط آهي. جيڪڏهن اولهه کي واقعي دهشتگردي ختم ڪرڻي آهي، ته پوءِ کيس آمريت بدران جمهوريت جو ساٿ ڏيڻو پوندو ۽ جنگين تي خرچ ڪرڻ بدران ماڻهن جي ڀلائيءَ جا منصوبا ٺاهڻا پوندا. بيبيءَ دهشتگردن جا مذهبي دليل به علمائن جي تحريرن سان رد ڪيا ۽ مغربي ملڪن کي سمجهايو ته ٽڪراءَ بدران مفاهمت ذريعي ئي امن ممڪن آهي.
18 آڪٽوبر اهو ڏينهن آهي، جيڪو شهيد بينظير ڀٽو جي فڪر کي پرامن عوامي بيداريءَ جي صورت ۾ حقيقت بڻائڻ جو پيغام ڏئي ٿو. اهو ڏينهن جمهوريت جي بحالي، دهشتگردي جي خاتمي ۽ ملڪ جي سلامتيءَ جي تحفظ لاءِ ڏنل قربانين جي ياد جو ڏينهن آهي.شهيد بيبيءَ جي چوڻ موجب، آمريت ۽ جمهوريت ٻنهي کي هڪ ٻئي جي بگاڙ مان اوکائي ملندي آهي، ۽ جڏهن به هيءَ ڇڪتاڻ وڌي ٿي، ملڪ جي سلامتي خطري ۾ اچي ٿي. 18 آڪٽوبر 2007ع اسان کي اهو سبق سيکاري ٿو ته جيستائين دهشتگرديءَ جي پاڙ نه پَٽبي، تيستائين جمهوريت مضبوط نٿي ٿي سگهي.
18 آڪٽوبر جي انهيءَ الميي کانپوءِ ملڪ اڄ تائين دهشتگرديءَ جي زنجير مان نڪري نه سگهيو آهي. جڏهن ٻئي ڏينهن يعني 19 آڪٽوبر تي بلاول هائوس ۾ پريس ڳالهه ٻولهه دوران شهيد بيبيءَ کي چيو ويو ته هوءَ واپس ٻاهرين ملڪ هلي وڃي، ته هن جو جواب هو: “مان هن حال ۾ پاڪستان ۽ پنهنجن ماڻهن کي اڪيلو نٿي ڇڏي سگهان.” ۽ هوءَ بيٺي رهي انهن ئي قوتن جي خلاف، جن 18 آڪٽوبر جي عوامي بيداريءَ کي روڪڻ چاهيو. آخرڪار 27 ڊسمبر 2007ع تي عوام جي وچ ۾ ئي پنهنجي جان قربان ڪري وئي.
18 آڪٽوبر جو پرامن عوامي انقلاب اڄ به اسان سڀني تي قرض آهي. اسان، جيڪي پاڪستان کي پرامن، جمهوريت پسند، خوشحال ۽ مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا.