پ پ هميشه مزدورن جي حقن جي حفاظت ۽ عوامي خدمت لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي: راجا عبدالرزاق بلوچ

ملير: پ پ ايم پي اي راجا عبدالرزاق بلوچ پاران سيسي اليڪشن ڪيمپ جو دورو

پ پ هميشه مزدورن جي حقن جي حفاظت ۽ عوامي خدمت لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي: راجا عبدالرزاق بلوچ

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان پیپلزپارٹی ملير ضلعي جي صدر ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر راجہ عبدالرزاق بلوچ سوشل سیڪیورٹی اسپتال چورنگي تي قائم سیسی الیڪشن ڪيمپ جو دورو ڪيو چونڊ نتيجن مطابق رجسٽرڊ ووٽرن جي تعداد 250 هئي، جن مان پاڪستان پيپلزپارٽي جي انتخابي نشان گل 185 ووٽ حاصل ڪري شاندار ڪاميابي ماڻي، جڏهن ته مخالف ڌر کي رڳو 14 ووٽ مليا راجہ عبدالرزاق بلوچ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هي ڪاميابي مزدورن جي پاڪستان پيپلزپارٽي تي اعتماد جو واضع ثبوت آهي۔ هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه مزدورن جي حقن جي حفاظت ۽ عوامي خدمت لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ اهو سفر جاري رهندو۔ان موقعي ، انفارميشن سيڪريٽري شاهجهان خان، ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ضلع ملير ميان بخت ترين، صدر پي ايس 88، جنرل سيڪريٽري پي ايس 86 رسول خان سواتي، جنرل سيڪريٽري پي ايس 88 حسن بلوچ، وائس چيئرمين ملير ٽائون مزمل شاهه سميت ٻين اڳواڻن به ڪيمپ جو دورو ڪيو ۽ چيئرمين پيپلز اسٽاف يونين اعجاز عباسي سان ملاقات ڪئي۔ان موقعي تي انفارميشن سيڪريٽري پي ايس 88 طارق جان، صدر پيپلز ليبر بيو رو ملير ڌني بخش سمون، جنرل سيڪريٽري محمد علي، انفارميشن سيڪريٽري عارف تنولي، صدر يوٿ ونگ حضرت علي گجر، جنرل سيڪريٽري راشد خان، سينيئر نائب صدر ليبر ونگ حاجي يوسف، نائب صدر نواز حمايتي، صدر يو سي مسلم آباد اورنگزيب سواتي، ، عنايت حسين شاهه، نادر شاهه، صابر ڪمانڊو، عظيم خان، امان جدون، عمران سواتي ۽ ٻيا پارٽي اڳواڻ ۽ ڪارڪن به موجود هئا۔