نوشهروفيروز ڀرسان پوليس پاران فل فراءِ ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

شاھ محمد چانڊيو پورهيت هيو پوليس بااثرن جي چوڻ تي مٿس ڪيس داخل ڪيا هئا: مظاهرين

نوشهروفيروز ڀرسان پوليس پاران فل فراءِ ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاج

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ڀرسان ڪجهه ڏينهن اڳ مبينا پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل شاھ محمد عرف ڏاڏو چانڊيو جي مارجڻ وارو معاملو، وارثن پاران پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي مولوي قائم الدين چانڊيو، امڙ اسلام بي بي، ڀاءُ رضوان چانڊيو ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسان جو نوجوان شاھ محمد چانڊيو پورهيت هيو جنهن تي پوليس ڪوڙا مقابلي جا علائقي جي بااثر جي چوڻ ڪيس داخل ڪيا هيا ان جي باوجود به هو هر حاضري تي ويندو رهيو هنن چيو ته اسان جي نوجوان کي پوليس ڊي ايس پي سردار چانڊيو ۽ ايس ايڇ او راجا نويد سرفراز جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڇلي وارا چانڊيا مان شام 4 وڳي گرفتار ڪري کڻي وئي ۽ رات جو ساڍي نائين وڳي ڌاري ٺاروشاهه لنڪ روڊ تي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو هنن چيو ته پوليس اسان جي آئي جيڪا سول ڪپڙن هئي گهرن ۾ گهڙي پئي جنهن وڊيو به موجود آهن پوليس اسان نوجوان شاھ محمد چانڊيو تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو هو جنهن جو سڄو جسم چچريل هيو هنن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ، آءِ جي سنڌ سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جي صاف ۽ شفاف جاچ ڪري ڪوڙي مقابلي ۾ ڦل فراء ڪيل نوجوان شاھ محمد چانڊيو جي بيگناھ قتل سان انصاف ڪيو وڃي