سنڌڙي توکي سدائين قنڌار کان جوکو

خيال کتري

سنڌڙي توکي سدائين قنڌار کان جوکو

جڏهن به جتي به آسودگي پنهنجا پر پکيڙيندي آهي، ته اتي دنيا جي پوئتي پيل ۽ بکي قوم جون اکيون ان علائقي کي ٻلي جيان تڪينديون رهنديون آهن . ۽ ڪنهن پل بُل ملڻ جي انتظار ۾ هونديون آهن. ته بُل ملي ته جھٽ هڻون. سو اسان جي سنڌ ڌرتي پڻ اهڙن آسودن پٽن منجھان هڪ پٽ آهي. جنهن جي مهراڻ جي موجن سان نکريل ۽ سنواريل ڌرتيءَ جي سونهن ۽ ساوڪ ڪيترن ئي غيرن جو اندر جلائيندي رهندي آهي. ان سونهن ۽ ساوڪ جي ڪري ئي ان جي مٿان ڪيترائي ڌاريان ڪاهي آيا ۽ اچي ڌرتيءَ کي ڇيهو رسايو آهي. انهن سڀني حملا آورن ۾ سڀني کان وڌيڪ حصو افغانين جو رهيو آهي. جيڪي پاڙيسري هئڻ سان گڏوگڏ هڪ ظالم ۽ جابر قوم طور ماضيءَ ۾ سنڌ تي پنهنجا ڪروڌي اثرات ڏيکاري چڪا آهن. جهڙوڪ ڄام فيروز جي دور ۾ ان جي ئي خواهش سان شاھ بيگ ارغون 922 هجريءَ ۾ سنڌ تي ڪاھَ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هنن باغبان جو پرڳڻو ڦري ناس ڪيو. ان ۾ سنڌ جو جودو جوان دولهه دريا خان پنهنجي وطن لاءِ وڙهندي پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪيو. جنهن بعد ان جي پٽ شاھ حسن سنڌ تي قنڌار کان ڪٽڪ ڪاهي آيو. جن سان سنڌ واسين وڏي ويڙھ ڪئي. پر هو هٿيارن سان ليس ۽ ويڙهو هئڻ ڪري، سادن سنڌين تي حاوي ٿي ويا. هنن ٺٽي ۾ سنڌين جو قتل عام ڪرڻ شروع ڪيو. ايستائين جو ڳورهارين عورتن جو ٻار ڪيرائي، انهن کي قتل ڪري، انهن جون سسيون نيزن تي کڻي بازارن ۾ گھمائي، پنهنجو ڏهڪاءُ پکيڙي ڌاڪ ڄمائي. ميرن جي صاحبيءَ ۾ ميان عبدالنبي سان گڏ مدد خان پٺاڻ سنڌ تي حملو ڪيو. جيڪو سڄو سال هلندو رهيو. جنهن ۾ بي انتها ڦرلٽ ڪئي ويئي. سنڌين وٽ ڪجھ به نه ڇڏيو. انهن کي بي يارو مددگار ڪري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترين غيور عورتن پنهنجن ٻارن سان گڏ واهن ۾ ٽپو ڏيئي پنهنجو انت آندو. ڪيترائي سنڌي جھنگ منهن ڪري ڳوٺن مان ڀڄي پنهنجي جان بچائي. تڏهن مدد خان پٺاڻ گھوڙن تي چڙهي آيو هو. ۽ ان کان پوءِ اسان وٽ لفظ “گھوڙا گھوڙا” مشهور ٿيو. يعني جيڏي مهل به ڪو اوکائي اچي ٿي يا ڪا ڳري مٿي تي اچي ٿي، يا ڪو هاڃو پيش اچي ٿو ته پاڻ مرادو وات مان گھوڙا گھوڙا نڪري وڃي ٿي. اهو گھوڙا گھوڙا ڪرڻ ان سانحي جي ياد ڏيارڻ سان گڏ پاڻ سان ٿيندڙ بي انت ظلم جي نشانين مان تاريخ ۾ رقم ٿي ويو. ان دور ۾ ئي سنڌ ۾ هي لفظ “سنڌڙي تو کي جڏهن ڪڏهن قنڌاران جوکو” پهاڪي طور مشهوري ماڻي ويو. ته سنڌ کي جيترو جوکو قنڌار ۽ قنڌارن کان آهي. اوترو ٻئي ڪنهن هنڌ جي ماڻھن مان ڪونھي. هن وقت اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ جيترو نقصان افغانين مان ٿيو آهي، اوترو شايد ڪنهن ٻئي ملڪ جي قوم مان ٿيو هوندو. اسان جي اکين ڏٺل واقعن مان بخوبي اسين سمجھي سگھون ٿا ته افغاني ڪنهن به صورت ۾ اسان جي ڌرتيءَ لاءِ لاڀائتا نه آهن. هنن جي نظر رڳو پنهنجي پيٽ تي آهي. جنهن ڪري هو سنڌ کي پٽڻ لٽڻ ۽ چٽڻ ڄاڻن ٿا. تن مان سراسر عام ماڻھن توڙي ڌرتيءَ کي هر وقت جوکوئي جوکو آهي. مشاهدا رهيا آهن. ته اسان جي ڌرتيءَ تي اسان جي نوجوان نسل کي نشي آور شين تي هيرائڻ ۾ پڻ افغانين جو وڏو هٿ آهي. جو انهن وٽ سواءِ نشي جي ڪاروبار جي ٻيو ڪجھ به نه آهي. تنهن ڪري اهي پنهنجي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ پنهنجي لاءِ ناڻو جوڙڻ لاءِ اسان جي ڌرتيءَ جي نوجوانن کي مختلف قسم جي نشن وارين شين تي هيرائي، نشي جا غلام بڻائي رهيا آهن. جنهن ۾ انهن جو ساٿ اسان جا ڪيترائي چڱا چوکا ماڻھو ڏئي رهيا آهن. هنن افغانين جي اچڻ کان پوءِ يعني گذريل چاليهن سالن ۾ جڏهن کان روس ۽ افغانستان جي جنگ ڇڙي هئي. تڏهن کان افغاني اسان وٽ پناھ وٺي ويٺا هئا. جن گذريل چئن ڏهاڪن ۾ اسان جي قوم ۾ هٿيار ۽ نشو پکيڙي قوم جو لاھ پٽڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي آهي. هاڻي جڏهن افغانستان پاڪستان تي حملو ڪيو آهي، ته ملڪ جي عسڪري قوتن انهن کا واپس پنهنجي ملڪ افغانستان موڪلڻ جو فيصلو ڪري، ان تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. اهو هڪ سٺو عمل آهي. جنهن سان گھٽ ۾ گھٽ اسان جي ديس واسي نوجوانن ۾ وڌيڪ نشي جا عادي پيدا ڪونه ٿي سگھندا. ۽ ملڪي معيشيت کي پڻ سگھ ملندي. جنهن سان ملڪي ماڻھن جو گذر سفر ڪجھ سڦلو ٿي سگھندو. پنهنجي ديس جون ڪجھ ڌريون افغانين کي هتي ئي رهائڻ لاءِ مختلف قسم جا حربا استعمال ڪري رهيون آهن. انهن کي گھرجي ته هو پنهنجن حربن کي پاڻ وٽ محفوظ رکن. ۽ غير ملڪي افغانين کي پنهنجي ملڪ ترت کان ترت ڌڪي ڪڍن. انهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت ڪرڻ کان پاسو ڪن. جيڪڏهن هنن هتي مٽيون مائٽيون ڪيون آهن. ته ڪا وڏي ڳالھ ڪونھي. مٽيون مائٽيون ٽوڙڻ جي ڪابه ضرورت نه آهي. جيڪڏهن انهن جون عورتون هتي جي ماڻھن جي گھرن ۾ پرڻيل آهن. ته انهي هاڻي ملڪ وارن جون آهن. انهن کي ملڪي قاعدي موجب پنهنجن ئي ورن وٽ رهائيو ويندو. ۽ جيڪڏهن هتي جون عورتون افغانين جي گھرن ۾ پرڻيل آهن. ته هو انهن کي بيشڪ پاڻ سان وٺي وڃي سگھن ٿا. انهن تي ڪنهن جي روڪ ٽوڪ ڪونه هلندي. جو اهي هاڻي انهن جون ونيون آهن. انهن وٽ ئي سونهن ٿيون. تنهن ڪري اهو ڪوبه قابلِ قبول جواز ڪونھي. جنهن جي آڌار تي افغانين کي اسين پنهنجو ديس واسي بڻايون. اسان جي سنڌ سرڪار کي گھرجي ته پنهنجي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان افغانين کي ڳولي سندن ديس ۾ هڪدم اماڻي. ڇاڪاڻ ته ڪراچيءَ مان ڪيترائي افغاني اتان ڀڄي اچي مختلف ننڍن ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن م پهتا آهن. جن کي اتي ويٺل سرحدي پٺاڻ سهولتون ڏيارڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن. ۽ هنن کي مستقل هتي رهائڻ جو سوچي رهيا آهن. جنهن مام نه حڪمران طبقي کي فائدو آهي. نه ئي ديس واسين کي ڪو لاڀ آهي. نه وري ڪو ملڪ جي مفاد ۾ آهن. هو غير ملڪي آهن ۽ غير ملڪي هوندي، ڪڏهن به هن ملڪ کي پنهنجو ڪرڻ ڪونه چاهيندا. تنهن ڪري هنن کي هر واهڻ، وستي، ڳوٺ ۽ شهر مان نيڪالي ڏيڻ کي اولين ترجيح ڏيڻ قانوني ادارن جو فرض آهي. حڪومت کي گھرجي ته هر تعلقي سطح کان ضلع سطح تائين ۽ ضلع سطح کان ڊويزن سطح تائين ۽ ڊويزن سطح کان صوبي سطح تائين جي بالا قانوني ۽ انتظامي ادارن کي پابند ڪن ته هو بنا ڪنهن مت ڀيد جي هر افغانيءَ کي پنهنجي ملڪ اماڻڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي. ته جيئن سڀئي افغاني ملڪ مان نيڪال ٿي سگھن. ان ۾ ڪوتاهي يا انهن جو ڪو پاسو وٺڻ وارو هجي ته ان کي به انهن سان گڏ افغانسان موڪلي ڇڏجي ته وڃي پنهنجي محبت جو اظهار جبلن ۽ پٿرن سان ڪري آسودي زندگي گذاري.