شاگردياڻين، ماسترياڻي، ڳوٺاڻن توڙي سياسي سماجي ڌرين پاران اسڪول جي نئين عمارت ٺهرائڻ جو مطالبو
ڏوڪري(رپورٽر: اطهر ميمڻ) گرلس اسڪول جي عمارت زبون حال بڻيل، شاگردياڻيون گرمي توڙي سردي ۾ خيمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور، ڪيترن شاگردياڻين سڪول ۾ اچڻ ڇڏي ڏنو، شاگردياڻين ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاج تفصيل موجب سنڌ حڪومت جي نعري پڙهندي سنڌ ته وڌندي تي عمل نه ٿي سگهيو آهي 2022 ۾ برساتين سبب ڳوٺ سامٽيا جي گرلس اسڪول جي عمارت زبون بڻيل آهي، عمارت زبون هجڻ سبب ڇوڪريون سخت گرمين ۽ سردين ۾ خيمي ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي. اسڪول جي عمارت زبون هجن ۽ مستقبل جي معمارن جي پڙهائي ڪيترن گذريل چار سالن داءُ تي لڳل آهي. ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ سامٽيا جي گرلس پرائمري اسڪول جي عمارت 2022 جي برساتين ۾ زبون حال بڻجي وئي چار سال گذرڻ باوجود تعليم کاتي جي اختيارين نوٽيس نه وٺڻ سبب شديد ٿڌ هجي يا گرمي هجي معصوم ٻارڙا خيمي ۾ تعليم پرائن ٿا ۽ ڪيترين ٻارڙن اسڪول اچڻ ڇڏي ڏنو آهي، عمارت جي مرمت نه ٿيڻ سبب نياڻين جي تعليم داءُ تي لڳي وئي آهي. ڳوٺ سامٽيا جي ڳوٺاڻن آصف ڪانڌڙو، راشد علي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته اسان جي ڳوٺ ۾ نالي ماتحت اسڪول جي بلڊنگ آهي، اسڪول جي بلڊنگ جي حالت تمام خراب آهي ۽ بلڊنگ ڪهڙي به وقت ڪري سگھي. هنن چيو ته اسڪول جي بلڊنگ زبون هجڻ جي ڪري شديد ٿڌ هجي يا گرمي هجڻ باوجود به ڇوڪريون گذريل چئن سالن کان خيمي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن. هنن چيو ته اسڪول جي ثابت بلڊنگ هجي ها ته ٻار روزانو اسڪول اچن ها، ڳوٺ جي ڇوڪرين جي تعليم داع تي لڳل آهي، اسڪول جي عمارت جي تعمير لاءِ ڪيترائي ڀيرا احتجاج به ڪيا آهن ۽ تعليم کاتي جي اعلى اختيارين کي لکت ۾ درخواستون به ڏنيون آهن حڪومت ۽ تعليم کاتي جي اعلى عملدارن احتجاجن جو نوٽيس نه ورتو آهي جنهن سبب نياڻين جو مستقبل خطري ۾ آهي. هنن حڪومت ۽ وس وارن کان مطابو ڪندي چيو ته سندن جي تعليم جي اهڙي صورتحال جو نوٽيس ورتو وڃي ۽ ڳوٺ جي زبون اسڪولي عمارت کي جلد ٻيهر تعمير ڪرائي تعليم جي سلسلي کي يقيني بڻايو وڃي. ڏوڪري جي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن رڪ سنڌي، صابر جروار، وحيد علي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي تعليم هٿ سان تباھ ڪئي پئي وڃي ۽ ڏوڪري تعلقي جا اهڙا ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن جيڪي کولايا وڃن. هنن چيو ته حڪمرانن وڏيون وڏيون دعوائون ته ڪري رهيا آهن ته سنڌ جي تعليم کي بهتر ڪيو ويو آهي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي آهي ته اسڪولن جي عمارتن جي مرمت ڪئي وڃي. شاگردياڻين جو چوڻ هو ته اسان جي اسڪول جي بلڊنگ زبون بڻيل آهي ۽ بلڊنگ جي تعمير ڪرائي ڏني وڃي. اسڪول جي عمارت نه هجڻ سبب خيمي ۾ تعليم حاصل ڪري رهيون آهيون. هنن چيو ته خيمي ۾ واش روم، بجلي سميت ڪا به سهولت موجود ناهي هنن چيو ته اسڪول جي بلڊنگ جي تعمير نه هجڻ سبب اسان جي تعليم ۽ مسقتبل داع تي لڳل آهي. هنن تعليم کاتي جي اعلي اختيارين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسڪول جي بلڊنگ جي تعمير ڪرائي اسان جي مسقتبل کي بچايو وڃي.
0 تبصرے