English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڳوٺ فشريز وٽ سمنڊ ۾ مڇي مارڻ دوران پيءُ پٽ ٻڏي ويا، نوجوان فوت
views
|
07th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
مڇي مارڻ دوران 25ورهين جو ديدار سمنڊ ۾ ڪِري پيو، کيس بچائڻ لاءِ سندس والد محمد عالم به ٽپو ڏنو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي جي سامونڊي علائقي ڳوٺ فشريز وٽ مڇي ماريندي پيءُ ۽ پٽ لانچ تان سمنڊ ۾ ڪري پيا، نتيجي ۾ پٽ ٻڏي فوت ٿي ويو، جڏهن ته والد بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال داخل ڪيو ويو آهي۔مقامی. مھاںڻن موجب، پيءُ پٽ لانچ ۾ مڇي پڪڙڻ لاءِ سمنڊ ۾ شڪار تي ويا هئا ته اوچتو نوجوان سرفراز ولد ديدار (عمر 25 سال) توازن وڃائڻ سبب سمنڊ ۾ ڪري پيو، جنهن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ سندس والد ديدار ولد محمد عالم (عمر 55 سال) به سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو۔مقامي مهاڻن ۽ نيوي جي اهلڪارن فوري طور تي ٻنهي کي پاڻي مان ٻاهر ڪڍي جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن نوجوان سرفراز کي فوت قرار ڏنو، جڏهنته سندس والد جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي۔پوليس موجب واقعو حادثاتي نوعيت جو آهي، جڏهنته فوت ٿيل جي لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو آهي۔مقامي مهاڻن جو چوڻ آهي ته سمنڊ ۾ حفاظتي انتظامن جي کوٽ سبب اهڙا حادثا اڪثر پيش ايندا رهن ٿا، ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته مڇي مارڻ واري علائقن ۾ سيفٽي انتظامات کي بهتر بڻايو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير: ڳوٺ فشريز وٽ
0 تبصرے