English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: سينئر صحافي ۽ نجي ٽي وي چينل جي اينڪرپرسن امتياز مير جي قائدآباد ۾ جنازي نماز ادا، مقامي قبرستان ۾ تدفين
296 views
|
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (ڊ ر) نجي ٽي وي چئنل جي اينڪر پرسن ۽ سينيئر صحافي امتياز مير جي جنازي نماز ملير جي علائقي قائدآباد ۾ ادا ڪرڻ بعد مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صوبائي صلاحڪار، ايم پي ايز، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ، ڊپٽي ميئر ڪراچي، صحافين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، امتياز مير جي شهادت هڪ سانحو آهي سندس قاتل جلد کان جلد گرفتار ڪيا ويندا: صوبائي صلاحڪار، خبر موجب: نجي ٽي وي چئنل جي اينڪر پرسن ۽ سينيئر صحافي امتياز مير جي جنازي نماز ملير جي علائقي قائدآباد ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صوبائي صلاحڪار محمد سليم بلوچ، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي، ڊپٽي ميئر ڪراچي سلمان عبدالله مراد، اڳوڻي صوبائي وزير امتياز شيخ، لعل چند اڪراڻي، ايم پي اي نجم مرزا، ايم ڪيو ايم اڳواڻ اشفاق منگي، چيئرمين ملير ٽائون جان محمد بلوچ، راول شرجيل ميمڻ، سي اي او ميٽرو ون ۽ چيئرمين ڪيپ خالد آرائين سميت سينيئر صحافين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي صوبائي صلاحڪار محمد سليم بلوچ چيو ته امتياز مير هڪ بهادر انسان هو سرڪار امتياز مير جي خاندان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي سندس قاتل تمام جلد گرفتار ڪيا ويندا، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته امتياز مير جي عيادت وقت مان جڏهن اسپتال ويو هئس ته مسڪرائي رهيو هو امتياز مير تي حملي ۾ ملوث ملزمن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي هن ڏک جي گهڙي ۾ اسان امتياز مير جي وارثن سان گڏ آهيون اسيمبلي ۾ قاتلن جي گرفتاري لاءِ آواز اٿارينداسين، ايم پي اي امتياز شيخ چيو ته امتياز مير جي شهادت هڪ سانحو آهي ان موقعي تي اسان خاندان سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون سنڌ حڪومت قاتلن جي گرفتاري لاءِ قدم کڻي رهي آهي جلد قاتلن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. ڊپٽي ميئر سلمان عبدالله مراد چيو ته امتياز مير تي قاتلاڻو حملو ڪندڙ ملزمن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو امتياز مير بهترين شخصيت جو مالڪ هو، چيئرمين ڪيبل آپريٽر ايسوسيئيشن خالد آرائين چيو ته آءِ جي سنڌ کان مطالبو آهي ته امتياز مير جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي هو هڪ محنتي ۽ ديانتدار شخصيت هو ڏک جي گهڙي ۾ اسان سندس خاندان سان گڏ آهيون، جنازي نماز بعد امتياز مير جو مڙهه خلده آباد قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
imtiaz meer
0 تبصرے