English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: موسيٰ ڳوٺ کان پي ڪي ڪمپني تائين پورهيتن ۽ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مارچ
84 views
|
29th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مقامي ماڻهن لاءِ روزگار ۽ برطرف پورهيتن جي بحالي لاءِ گندي پاڻي مان گذري ڪمپني جي گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير ۾ مقامي پورهيتن ۽ ڳوٺاڻن موسي ڳوٺ کان پي ڪي نجي گوشت ڪمپني تائين وڏي احتجاجي ريلي ڪڍي جنهن جي اڳواڻي ملير جدوجهد ڪميٽي جي فيض سنڌي، اقبال ڪلمتي، وهاب گبول، شيراز سولنگي ۽ ڄام اورنگزيب جوکيو، آڪاش کٽي ۽ ساجد گوريلو ڪري رهيا هئا جنهن ۾ سون جي تعداد ۾ علائقي جي نوجوانن، پورهيتن، ڳوٺ جي جي معززن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ريلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ ڪارا جهنڊا ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌل هيون، جڏهن ته هو بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪندا پي ڪي گوشت ڪمپني جي سمورن رستن تي موجود گٽر جي گندي پاڻي مان گذري ڪمپني جي مک گيٽ تائين پهچڻ م ڪامياب تي ويا جتي هنن انتظاميا خلاف مسلسل نعريبازي ڪئي ان انتظاميا گيت بند ڪري ڇڏيا ۽ احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ئ اڳواڻ سان ملاقات ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏ يو ۽ هڪ آفيسر موڪلي اڳواڻن کان لکت ۾ مطالبن تي مشتمل يادداشت نامو وصول ڪيو يادداشت ۾ مطالبو ڪيو ويو ته مقامي بيروزگارن کي فوري طور تي روزگار ڏنو وڃي.نوڪري مان نڪالي ڏنل 50 کان وڌيڪ پورهيتن کي بحال ڪيو وڃي پورهيتن جي پگهار سنڌ حڪومت جي اعلان موجب مقرر ڪئي وڃي.جچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي احتجاجي ريلي کي اڳواڻن خطاب ڪندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن هڪ هفتي اندر مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته هزارين ڳوٺاڻا پي ڪي گوشت ڪمپني جي مک گيٽ اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهندا ۽ مطالبن جي مڃتا تائين ڌرڻو جاري رکيو هنن چيو ته ڪمپني جي رستن تي گوڏي جيڏو گٽر جو گندو پاڻي موجود آهي جنهن سبب ڳوٺن جا ٻه معصوم ٻارڙي مليريا وگهي فوت ٿي چڪا آهن جڏهن هڪ پورهيت زخمي ٿيڻ بعد اڄ اسپتال م فوت ٿي ويو آهي اهڙين حالتن م سلبت لا هاڃيڪار گوشت ارڪپورت ڪيو پيو وڃي ۽ ڪمپني کي مقامي ماڻهن لا جيل بڻايو ويو آهي اڳواڻن سنڌ جي وڏي وزير، پورهئي ۽ صنعتن جي صوبائي وزير، ليبر کاتي، انساني حقن جي تنظيمن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ چونڊيل نمائندن کي اپيل ڪئي ته هو مقامي پورهيتن سان انصاف لاءِ فوري قدم کڻن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
موسيٰ ڳوٺ کان پي ڪي ڪمپني
ملير
0 تبصرے