English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
حيدرآباد ۾ سنڌياڻي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ ۽ پٺاڻ ڳوٺ جي رهواسي عورتن ۽ ٻارن سان ٽرانسفارمر تبديل نہ ٿيڻ خلاف ڌرڻو
200 views
|
24th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
حيسڪو چيف آفيس حسين آباد سامھون مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو
حيدرآباد: سنڌياڻي تحريڪ ،قومي عوامي تحريڪ ۽ پٺاڻ ڳوٺ گدو ناڪو حيدرآباد جي رهواسين عورتن ۽ ٻارن سان گڏجي 4 مھينن کان بجلي ٽرانسفارمر تبديل نہ ڪرڻ خلاف حيسڪو چيف آفيس حسين آباد سامھون مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو. احتجاج جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، ضلعي صدر نظير بليدي، جنرل سيڪريٽري معشوق چانڊيو، نائب صدر بابو ميمڻ علائقي جي رھواسين نذير لاکو، الطاف ڳاھو، منور پٺاڻ، جاويد لاشاري، الطاف ڳاھو ۽ ٻين ڪئي. ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي سينئر ڊپٽي سيڪريٽري الطاف خاصخيلي خطاب ڪندي چيو تہ حيسڪو سب ڊويزن شاھ لطيف جي ڪرپٽ آفيسرن علائقي ۾ پرائيويٽ ماڻھو مقرر ڪيا آھن، رشوت نہ ڏيڻ تي بجلي ڪاٽي ڇڏي آھي. سڙيل ٽرانسفارمر 4 مھينن کان تبديل نٿو ڪيو وڃي. قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نظير بليدي خطاب ڪندي چيو تہ حيسڪو چيف آفيس ۾ مختلف عملدارن سان ملاقاتون ڪيون آھن واعدا ڪرڻ باوجود پرائيويٽ ماڻھن جي چوڻ تي بجلي بحال نٿي ڪئي وڃي. جاويد لاشاري خطاب چيو تہ حيسڪو جا پرائيويٽ ماڻھو چون ٿا ته 3/3 ھزار ڏيو ته بجلي چالو ٿيندي. پوء ڀلي بل نہ ڏيو، توھان جي بجلي چالو ٿي ويندي. نظير لاکو خطاب ڪندي چيو تہ اسان جا بجلي جا ميٽر لڳل آھن، ان باوجود اسان کي بجلي فراھم نٿي ڪئي وڃي. جيستائين بجلي فراھم نہ ڪئي ويندي، اسان جو احتجاج جاري رھندو. بابو ميمڻ ۽ معشوق چانڊيو پڻ خطاب ڪيو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
حيدرآباد ۾
سنڌياڻي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ
پٺاڻ ڳوٺ
حيسڪو چيف آفيس حسين آباد
0 تبصرے