ڦورو ايس آءِ نظام لغاري ۽ اي ايس آءِ عزيز مسڻ کان ڦر ڪري فرار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بن قاسم ٿاڻي جي حد ۾ اسٽيل مل پل وٽ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڏينهن ڏٺي جو پوليس آفيسر يرغمال بڻائي ڦر ڪئي پوليس موجب ڦر جو شڪار ٿيندڙ آفيسرن جي سڃاڻپ سب انسپيڪٽر نظام لغاري ۽ اي ايس آءِ عزيز مسڻ طور ٿي آهي، جيڪي اسٽيل ٽائون ۾ انويسٽيگيشن ڊپارٽمينٽ ۾ مقرر آهن ٻنهي آفيسرن سرڪاري ڪم لاءِ ٿاڻو بن قاسم ويا هئا ۽ واپسي تي هٿياربندن کين روڪي ورتو ڊاڪائن پوليس آفيسرن کان موبائل فون، نقدي ۽ اهم ڪاغذ هٿيارن جي زور تي ڦري فرار ٿي ويا پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري تفتيس شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ويجهن علائقن جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ انٽيليجنس ذريعن جي مدد سان جوابدارن کي پڪڙڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن۔
0 تبصرے