English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: رزاق آباد جي غريب آباد ۾ گٽر اٿلي پيا، گندو پاڻي گهٽين ۽ گهرن ۾ داخل
45 views
|
22nd Sep 2025
•
سنڌي خبرون
انتظاميه گٽرن جي صفائي لاءِ ڪي قدم نه کنيا، گندو پاڻي بيهڻ سبب رهواسي سخت پريشان
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد جي غريب آباد جي مختلف پاڙن گبول ، شيخ ، خميوسو ۽ ڪلمتي پاڙي ۾ سيوريج نظام جي تباھ حالي سبب گٽر اٿلي پيا آهن جنهن بعد گندو پاڻي رستن، گهٽين ۽ گهرن ۾ ڪاهي پيو آهي علائقي واسين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي رهواسين فيض سنڌي، صدام ڪلمتي، منير شاھ، شيراز سولنگي، سعيد سولنگي، وهاب گبول ۽ ٻين جو چوڻ هو ته گندگي ۽ بدبودار پاڻي جي ڪري رهواسين ۾ ، مليريا، خارش ۽ گيسٽو جهڙيون بيماريون تيزي سان پکڙجڻ لڳيون آهن جڏهن ته بخار جا ڪيس به وڌي ويا آهن. مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته ابراهيم حيدري جي مرڪزي آفيس لڳ ثريب آباد جو علاقو هجڻ باوجود ٽائون چيئرمين، يوسي چيئرمين، وائيس چيئرمين، ڪائونسلرز ۽ سمورا ميمبر عوامي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏيڻ بجاءِ خاموش تماشائي بڻيل آهن.رهواسين جو چوڻ هو ته ننڍا ٻار، بزرگ ۽ عورتون بدترين تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جتي آمد و رفت ۾ پڻ شديد رڪاوٽون پيدا ٿي رهيون آهن. ماڻهن مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي مين ڊسپوزل جي صفائي، ڪچرا ، سيوريج سسٽم جي بهتري ۽ مڇر مار اسپري مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن رهواسي موزي بيمارين کان بچي سگهن.رهواسين ٽائون چيئرمين ۽ يوسي چيئرمين کي اپيل ڪندي چيو آهي ته ووٽرن جي سار لهو ۽ بنيادي حقن کان وڌيڪ محروم نه ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
رزاق آباد
انتظاميه گٽرن جي صفائي
0 تبصرے